تعليم ۾ سڌارو ڪيئن اچي!! : تحرير؛ محمد علي شر/ سانگهڙ

دعوا، پلاننگس، تجويزون پر عملي ڪم نه ڪرڻ جي  ڪري  تعليم ۾ ڪابه  بهتر  اچي سگهي اسان جي تعليمي معيار پهريان کان ئي گهٽ ٿيندو وڃي پيو آخر اسان جو تعيلم جو معيار ڪيئن بهتر ٿيندو؟ سماج سڌارڪن جي لاءِ  هڪ وڏو سواليه نشان؟ حڪومت سنڌ طرفان مقرر ڪيل ڪورس  ناڪارا نه پر ان ۾ سڌاري جي اشد ضرورت آهي ناڪارا مضمون تبديل ڪيا وڃن جيڪي اجايو شاگردن  تي بار آهن جنهن ڪري شاگردن جي  دل آزارين ٿئي ٿي ۽ ڪاپي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي حڪومت ته هر سال ڪاپي کي روڪڻ جي لاءَ  ظاهري  طور تي تي مختلف پابنديون مڙيندي پر جي انهي جو ڪو خاص رزلٽ اتائين حاصل نه ٿي سگهيو آهي

وقت حڪومت کي گهرجي سالانه امتحان جو سسٽم ختم ڪري سيسمٽرجو سلسلو شروع  ڪيو وڃي. ٿيوري سان گڏو گڏ پريڪٽيل کي لازم ڪيو وڃي  هزارن صفحن تي مشتمل مختلف ڪورس جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي غير ضروري مواد شامل آهي جيڪي شاگرد کي مايوس ڪندڙ آهن وري سال مڪمل ٿيڻ کانپوءَ ان بابت امتحان ڏيڻ انهتائي مشڪل ڪم آهي.

سماج سڌارڪ انهن تعليمي دشمنن گهوسٽ ٽيچرز جي ڪهڙو لا عمل اختيار ڪرڻ کپي پر ان کان اڳ  ورتل سڀئي تحرڪ اڃا تائين ناڪارا بڻيل آهي ۽ انهي خلاف  اڄ تائين ڪوبه عملي ڪم يا ڪاروائي  نه ٿي سگهيو اهي گهوسٽ ٽيچر به پنهنجي ذاتي مصروفيات ۾ مصروف آهن وقت حڪومت نااهل قوم دشمنن جي خلاف ڪا ڪاروائي ڪري سگهي نه وري اڃا تائين ان کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي  انهن اڳيان انتظاميه  بي وس بڻيل سنڌ جي هزارين استاد اڄ مفت جا ٽڪر ٽوري رهيا  جنن کي پنهنجي اپائمنٽ جي خبر نه آهي پر اهي جا معاشري ۾ ماستر ضرور سڃاتا وڃن انهن پنهنجي جي کان  ڊيوٽي کان ضرور بي خبر آهن پر پنهنجي پگهار کڻن کان نه ! هڪ وڏو سواليه نشان بڻيل آهي  پر وقت حڪومت، وزير تعليم بي خبري واري ننڍ ستل آهن! اسان جا  حڪمران ٺڳ صحافي سودي باز ۾ پنهنجي پنهنجي مفاد لاءِ  وڏا دعوا ڪندا پر حقيقت انهي  هٽ ڌرمي اسان جو جي تعليم نوجوان نسل جو مستقبل تباه و برباد ڪري رهيا آهن .

بائيو ميٽرڪ سسٽم؛

وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جا رٿيل منصوبا  به عوام اڳيان ته بلڪل ناڪام ٿي ويا آهن استادن صاحبان جي کي ٽيوٽي جو پابند ڪرڻ جي لاءِ بائيوميٽرڪ سسٽم پڻ شروع ڪيو ويو آهي پر ان جي باوجود  اڃا تائين فيئر رزلٽ نه اچي سگهي آهي بائيو ميٽرڪ سسٽم  نالو وڏو شهر سڃو جو مثال آهي اڄ  به هزارين ماستر اسڪول ئي ڪو نه وڃن جيڪي صرف پگهارون کڻي رهيا آهن سنڌ صوبي جي تعليم بهتر ڪرڻ لاءَ هڪ هر هڪ فرد کي پنهنجو پنهنجو ڪردار  ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن تعليم جهڙي زيور کان سنڌ واسين کي مرحوم نه رکيو وڃي

تعليمي بورڊن جو ڪردار .

پراڻي دور ۾ بورڊن جو سلو اميج هوندو هو ۽اهي چڱي نموني امتحان وٺندا هئا پر هاڻي ته ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته گريڊ پيسن تي وڪرو ٿي رهيا آهن جنهن ڪري ٽيوشن ڏيندڙن ۽ڪاپي ڪرائيندڙ جي ڌنڌي کي ڌڪ لڳو آهي. بورڊ  اندر رشوت جي بازار گرم هجڻ جي ڪري محنتي  غريب شاگرد جي سخت مايوس ٿين ٿا جيڪي پورو سال محنت ڪري اسڪول پڙهندا آهن پر انهن ڀيٽ ۾ نتيجو تمام خراب ملندو

ٽيوشن جو آزار

اڳي استاد بنا ڪنهن فرق جي پوري ڪلاس جي ٻارن کي وڏي چاهه سان پڙهائيندا هئا ۽ سٺي رزلٽ تي خوشي ۽ بري رزلٽ تي شرمساري محسوس ڪندا هئا پرهاڻي ته استاد ڪلاس پڙهائڻ ته ڇا پر اسڪول ئي ڪونه ٿا وڃن گهر ويٺي پگهارون کڻڻ ٿا ڪافي ڪاليجن ۾ ته ڪلاسون ئي ڪونه ٿيون ته پريڪٽيڪل  ڪونه ٿا ڪرائين صرف  ٽيوشن تي مارو مار آ ٽيوشن نه پڙهندڙ ٻار تعليم کان مرحوم رهجي وڃي ٿو اهڙيون زنده مثالون آئون اڄ به اسان جي معاشري ۾ موجود آهن ڪاليج ٽائيم جي دوران اسان جا قابل عزت ۽ معتبر استاد صاحب ڪاري ڌن جي لالچ ۾ اچي پنهنجي  فرض کان کوتائي ڪندي ڪاليج ٽائيم جي دوران ڪجهه پئسن جي لاچ جي لاءِ  ٽيوشن سينٽر هلائي  رهيا آهن پر بيوروڪيٽس ۽ انتظاميه صرف تماشائي بڻيل!!

پرائيوٽ اسڪول

ٽيهه چاليهه سال اڳ تعليم کي عبادت جي حيثيت حاصل هئي پر هاڻي اها صنعت بڻجي چڪي آهي پرائيوٽ اسڪولن جو فيشن ته ايتري قدر وڌي ويو آهي جو سرڪاري اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ استاد به پنهنجا ٻار پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙهائيندا آهن جن ۾ ڪم ڪندڙ ٽيچر مشڪل سان انٽر يا بي اي پاس هوندا آهن جڏهن ته انهن کي ڪابه  خاص ٽريننگ نه ڏنل هوندي آهي جن جي مانيٽرنگ جو به مناسب بندوبست نه ٿيل هوندو آهي گهڻي پاڱي اهو ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي ته پرائيوٽ اسڪولن ۾ حڪومت سنڌ طرفان ڪورس جي بجائي ٻين ڪورسن کي ترجيع ڏيندا آهن جهڙو ڪي (آڪسفورڊ،بابا جنهن ۾ اسان جي ملڪ باري ۾ تو ڪو ذڪر ئي نه ٿيل آهي پرائيوٽ اسڪول پنهنجي اميج وڌائڻ جي چڪر ۾ ۽ انهن تنظيمنن کان ذاتي  مفاد حاصل ڪندي تعليمي معيار کي وڌيڪ بدتر بڻائي رهيا آهي اڄ اگر توهان نظر ڊوڙائيندو ته اوهان کي هر واهڻ، وستي،گهٽي ڪالوني ۾ بيشمار پرائيوٽ اسڪولز ملندا پر اهي تعلميي ڪاروبار بڻائي ويٺا آهن اهي پنهنجي انهن شاگردن جي رزلٽ سو ڪوبه سروڪار نه.
حڪومت کي گهرجي اهي سرڪاري ماسترن جي  ٻارن به سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ جو پابند ڪن جيئن سندن دلچسپي پيدا ٿئي جيئن مزدورن جا ٻار به تعليم جي زيور کان محروم نه رهي سگهن .

تعليم جي تباهي جا سبب

استادن  هڪ پيغمبري پيشو

نبي سڳورا ماڻهن کي هدايت ڪرڻ يعني سٺين ڳالهين  جي تعليم ڏيڻ جي لاءِ موڪليا ويا جنهن ڪري تعليم کي پيغمبري پيشو سمجهو وڃي ٿو  چاليهه پنجاهه سال اڳ استادن کي ان ڳالهه جو چڱي طرح احساس هيو جنهن ڪري نه رڳو  سٺي نموني پڙهائيندا هئا پر سندس لباس به منفرد رکندا هئا جنهن ڪري پري کان خبر پوندي هئي ته استاد ٿو اچي ته سڀ ئي ادب مان اُٿي بيهندا هئا  پر اڄڪلهه جي ممي ڊيڊي دور جا شاگرد انهن جي عزت ڪرڻ جي انهن جون ٽهلون ڪندا آهن

سنڌ  جي تعليم بهتر ڪرڻ لاءِ استاد  کي انتهائي اهم ڪردار ادا  ڪرڻو پوندو. اسان جي صوبي جي تعليم جي صورتحال ايتري ته بدتر ٿي وئي اگر جيڪڏهن اسان جي معاشري جي هر فرد پنهنجو ڪردار سچائي ،ايماندار  سان ادا ڪيو ته انشاءِ الله اسان جي تعليم بهتر ٿي سگهي ٿي.

واڪا ڪرڻ وس مون

ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو

(شاهه)

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *