تعليم جي سڌاري لاءِ جذبي ۽ جنون جي ضرورت: ماجد مقصود

سنڌ جي تعليم جي سينئر وزير نثار احمد کهڙي ڪتابي ميلي جي هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ اسان کي هڪ جذبي ۽ جنون جي ضرورت آهي. مان سمجهان ٿو ته هي هڪ بهترين پيغام آهي، ڇو ته سنڌ جي تعليم جي حوالي سان جيڪا تباهي ۽ بربادي ٿي آهي، ان کي رڳو حڪومت ٺيڪ نٿي ڪري سگهي؛ عوام جو ساٿ انتهائي ضروري آهي. سنڌ ۾ هن وقت 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ان جو سبب رڳو اسڪول نه هئڻ يا گهوسٽ ملازم نه آهن، پر ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن، جن تي اسان کي سوچڻ کپي. جيئن سنڌ ۾ جتي اسڪول کليل آهن ۽ استاد به موجود آهن، اتي به ٻار اسڪولن ۾ نٿا اچن. اسين چئون ٿا ته اسڪولن ۾ سهولتون گهٽ آهن، پر جتي سڀ سهولتون آهن، انهي آبادي ۾ به اوهان کي 60 سيڪڙو ٻار اسڪول ۾ نٿا ملن. چئون ٿا ته وڏيرا اسڪول نٿا هلائڻ ڏين، پر جتي وڏيرا اسڪول هلائڻ لاءِ پاڻ ڪوششون پيا ڪن اتي به ٻار نٿا اچن. وري ڪجهه دوست چون ٿا ته حڪومت بجيٽ نٿي رکي ۽ اسڪولن کي پئسا نٿا ملن، پر مان اهڙا ڪيترائي اسڪول وزٽ ڪري چڪو آهيان جن جي اڪائونٽس ۾ پئسا موجود آهن پر اُهي پئسا استاد ۽ ڳوٺ جو چڱو مڙس اسڪول تي خرچ نٿا ڪن ۽ انهن ۾ جهڳڙو هوندو آهي ته پئسا هو پنهنجي ذاتي ڪم لاءِ استعمال ڪن. اسان وٽ هر ماڻهو رڳو وڏا وڏا بحث ٿو ڪري پر سنڌ جي تعليم جي حوالي سان حقيقي مسئلن جي نشاندهي نٿو ڪري.

سنڌ جي تعليم ڪنهن غيبي هٿ سبب تباهه نه ٿي آهي، اچو ته تسليم ڪيون اسان پاڻ اُن جا ذميوار آهيون. اسان تعليم کي ملڪ ۾ ٻين ادارن جي ڪرپشن سان ڀيٽ ڪري ويهي رهياسين ته ذميوار حڪمران آهن، تسليم ٿا ڪيون ته ذميوار حڪمران آهن. معنيٰ ته اسان جيڪي سنڌ سان عشق جا دعويدار آهيون، ان جي ڪا ذميواري ڪانهي، سڀاڻي حڪمران ايم ڪيم ايم سان گڏجي سنڌ ورهائي ڇڏيندا ته اسان خاموش ٿي ويهي رهنداسين ته حڪمران ذميوار آهن، اسان ڇا ڪيون. مان نٿو سمجهان ته اسان ائين ڪنداسين، تنهنڪري جيڪي ماڻهو سنڌ جي تعليم تباهه ڪري رهيا آهن، اُهي سنڌ وڪڻي رهيا آهن، انهن جو هر سطح تي گهيراءُ ٿيڻ کپي پر بدقسمتي سان ائين نه پيو ٿئي.

سنڌ جي ماڻهن تاريخ ۾ وڏيون غلطيون ڪيون آهن ۽ اسين سنڌ واسي اڄ ان جا نتيجا ڏسي رهيا آهيون، اسان ڌارين کي قبول ڪيو، اڄ حالتون اسان جي سامهون آهن. اوهان رڳو پاڪستان کان اڳ جي تاريخ پڙهو ته اسان ڇا هئاسين ۽ اڄ اسين ڪٿي بيٺا آهيون. مان سمجهان ٿو اڄ جيڪڏهن اسان تعليم جي معاملي تي سنجيده نه ٿياسين ته اها به تاريخ ۾ وڏي غلطي هوندي ۽ اسان جو ايندڙ نسل ڀوڳيندو. هڪ ته سنڌ ۾ نوڪريون آهن ئي ڪونه، ٻيو وري جيڪي آهن اتي سنڌ جي ماڻهن کي نااهل سمجهي ٻاهر جا ماڻهو رکيا ويندا آهن ۽ ادارن ۾ غير سنڌي ماڻهن کي ڌڪاريو ويندو ۽ جيڪي ڌاريا هوندا، انهن جي ترجيح سنڌ جا مفاد هرگز نه هوندا ۽ مون کي لڳي ٿو اهو وقت پري ناهي جڏهن سنڌ جي ادارن ۾ اوهان کي رڳو ڌاريا ملندا.

جيئن ته سنڌي معاشرو تمام وڏن تضادن جو شڪار آهي ۽ ان ڪري اسان مجموعي طور تي قومي مفادن لاءِ نٿا وڙهون، اسان جي نااتفاقي جو ڌاريو ماڻهو پورو پورو فائدو ٿو وٺي. جيئن اسان جي معاشري ۾ ٻه شاعر، ٻه اديب ٻه قومپرست پاڻ ۾ نٿا ٺهن، اهڙي طرح سنڌ جي آفيسرن جو به اهو حال آهي. ڇو ته اُهي به انهيءَ معاشري جو حصو آهن. وزير مشير ۽ سيڪٽريز کان ويندي اسان جي پوري تعليم يافتا طبقي جو ساڳيو حال آهي، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي پنهنجي قومي مفادن تي ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي ايجنڊا تي هڪ ٿيڻو پوندو. ٻي صورت ۾ دير گهڻي ٿي ويندي ۽ اسين وڏو نقصان ڪري ويهي رهنداسين.

توهان جيڪڏهن ڊپٽي ڪمشنر يا ڪمشنر جا اختيار پڙهو ته اوهان کي خبر پئجي ويندي ته اُهي سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ ڪيڏو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڇا اُهي سنڌ ڄاوا نه آهن، ڇا هو پنهنجي ضلعي جا اسڪول نٿا کولرائي سگهن، جيڪڏهن حڪمران ڪرپٽ آهن ته اسين به سڀ جا سڀ ڪرپٽ ٿي وڃون ۽ ڇا اسان جا ضمير مري ويا آهن. مان رڳو ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر جي ڳالهه نٿو ڪيان، ڇا تعليم کاتي جا آفيسر چاهن ته اسڪول جو استاد غير حاضر ٿي سگهي ٿو؟ ڇا انهن جي ڪا ذميواري نه آهي، اسان جا رائٽر به رڳو حڪمرانن تي لکن ٿا پر سنڌ جي بيورو ڪريسي تي نٿا لکن، جيڪا پاڻ سليڪٽو تنقيد آهي، تنقيد ٿيڻ کپي ته معاشري جي سڀني ذميوارن تي ٿيڻ کپي، جيڪي پنهنجي ذميواري نه پيا نڀائين.

ڪجهه دوست سمجهن ٿا ته سڄو معاشرو ڪرپٽ آهي، تنهنڪري اسان اڪيلا ڪجهه نٿا ڪري سگهون ۽ پوءِ اُهي ڪرپٽ معاشري جو حصو ٿي ويندا آهن. مان سمجهان ٿو ته اها ايپروچ ئي غلط آهي ته اسين اڪيلا ڪجهه نٿا ڪري سگهون؟ ڇا اسان جا ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ڪجهه نٿا ڪري سگهن؟ ۽ جيڪي ادارن جا سربراهه آهن ڇا اُهي ڪجهه نٿا ڪري سگهن؟ ڇا وائيس چانسلر يونيورسٽي جي ماحول کي بهتر نٿو ڪري سگهي؟ ڇا ڪنهن ڪئمپس اسڪول جو هيڊ پنهنجي اسڪول جي اسٽاف کي پابند نٿو ڪري سگهي؟ ڇا ڪو پرنسيپل پنهنجي ڪاليج جا ريگيولر ڪلاس نٿو هلائي سگهي، جيڪا هنن سڀني آفيسرن جي ذميواري آهي.

مان اڄ وري ڪجهه آفيسرن جي تعريف ڪرڻ چاهيندس جيڪي پنهنجي ادارن ۾ اُهو ڪم ڪري رهيا آهن جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي. سانگهڙ ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر عمر عثمان بلو جنهن پنهنجي ضلعي ۾ تعليمي حوالي سان انقلابي ڪم ڪيا آهن، جڏهن ته سانگهڙ ضلعو پوري سنڌ ۾ تعليم جي حوالي سان پٺ تي پيل آهي، ان ضلعي ۾ صحت ۽ صفائي جي حوالي سان به جام ڪم ڪيا آهن، پر تعليم جي حوالي سان هن پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن 150 بند پيل اسڪول کولرايا آهن، پاڻ ريگيولر اسڪولن جا وزٽ ڪن ٿا، ضلعي ليول تي جيڪا ڪرپشن هئي، ان جو خاتمو آندو اٿن ۽ پاڻ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهن، ضلعي جي ترقي جي لاءِ ڪي ڪم ڪري سگهجن.

اهڙا سنڌ ۾ ٻيا به آفيسر هوندا جيڪي پنهنجو ڪم تمام گهڻي ايمانداري سان ڪري رهيا آهن، پر بدقسمتي سان انهن جو تعداد تمام گهٽ آهن، اسان وٽ اهڙا آفيسرز پڻ آهن جيڪي ڪاغذ کي هٿ لائڻ به پنهنجي توهين سمجهندا آهن، جيڪڏهن ڪو خط ايندو اٿن ان کي آستانا پائي پوءِ کوليندا آهن ۽ اُهي وڏن وڏن ضلعن ۽ ڊويزنن جا آفيسرز آهن، پوءِ انهن کان اسان ڪهڙي اميد ڪيون ته اُهي سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولرائيندا.

مان پوئين هفتي ڪراچي ۾ قائداعظم اسڪول جو وزٽ ڪيو، جيڪو اسڪول گڏاپ ۾ آهي ۽ 1988ع ۾ ٺهيو، جڏهن ته اُهو علائقو هڪ جهنگل هو پر اسڪول کي آفندي فيملي جي هڪ شخصيت نثار آفندي ٺهرايو. مان ان اسڪول جي هاسٽل ۾ رهيس، استادن ۽ شاگردن کان اسڪول جي باري ۾ خبر چار ورتم. هن اسڪول ۾ انٽر تائين تعليم ڏني ويندي آهي ۽ پرائيويٽ اسڪول آهي جنهن کي سنڌ مدرسته الاسلام هلائي ٿو، جنهن جي تمام مناسب في آهي، جتي استادن ۽ شاگردن لاءِ هاسٽلز پڻ آهن ۽ سنڌي آبادي جا غريب شاگرد اتي پڙهن ٿا. اوهان جڏهن هن اسڪول جي بلڊنگ ڏسندؤ ته اوهان کي بيحد خوشي ٿيندي، انتهائي خوبصورت نموني سان ٺهيل آهي. هن بلڊنگ کي ڪنهن ڪئنيڊين آرڪيٽيڪٽ ٺاهيو هو، ان ڪري اتي جا ماڻهو ان کي ڪئنيڊين بلڊنگ چون ٿا، تمام گهڻي هوادار، تمام وڏا ڪلاس رومس ۽ جديد ڪمپيوٽر ليب ۽ مختلف راندين لاءِ ميدان آهن. سڄي اسڪول جي بلڊنگ ۽ ايريا 200 ايڪڙ تي مشتمل آهي. مان اسڪول ۾ اهو سوچي رهيو هئس ته سنڌ ۾ ڪيترا وڏيرا آهن، جيڪي اهڙي قسم جا اسڪول پنهنجي ضلعي ۾ ٺهرائي سگهن ٿا پر اُهي ڇو نٿا ٺهرائين؟

سنڌ جو وڏيرو به تاريخ ۾ مرڻ ٿو چاهي پر اهڙا ڪم نٿو ڪرڻ چاهي، جنهن سان هو تاريخ ۾ زنده رهي، جيئن نثار آفندي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو. سنڌ جا هزارين شاگرد ان جي اسڪول ۾ پڙهندا ۽ ان جو ذڪر ڪندا رهندا.

مان پنهنجي ڪالم ذريعي سنڌ جي سڀني امير وڏيرن کي عرض ٿو ڪريان ته اُهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ اهڙا وڏا اسڪول کولين ۽ سنڌ جي تعليم جي حوالي سان سنڌ سنوارين، مان يقين سان چوان ٿو ته هو تاريخ ۾ زنده رهندا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ته استاد بخاري چيو هو ته، ”مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ، جو سنڌ سنواري اُهو جيئندو رهندو“.سنڌ جي تعليم لاءِ ڪم ڪرڻ سنڌ سنوارڻ آهي، تنهنڪري اچو ته ان جذبي ۽ جنون سان تعليم لاءِ ڪم ڪيون، جنهن جو ذڪر تعليم جي سينئر وزير ڪيو آ.

majidmaqsod@hotmail.com

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *