تعليم جي تباهي ۾ گوسڙو ماسترن جو ڪردار : هريش ڪمار مالهي  

اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ڪجهه مخصوص قوتن جي  قبضي ۾ رهي آهي سنڌ جو جاگيردار جنهن ڪڏهن به سنڌ جي عام ماڻهو لاءِ ڪم نه ڪيو ۽ هڪ منظم طريقي سان عام ماڻهو کي تعليم جي زيور کان پري رکيو ۽ پنهنجي ڪمداري کان اڳتي وڌڻ جوموقعو ئي نه ڏنو انهيءِ ڪم ۾  بالا آفيسر ۽ اسان جا  گوسڙوماستر به برابر جا شريڪ رهيا آهن اهو جاگيردار طبقو ئي شروع کان وٺي اقتدار تي قابض رهيو آهي جنهن سدائين عوامي ڀلائي بدران پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪيا آهن پنهنجن کي ئي نوازيو آهي انهيءِ جاگيردار طبقي سنڌ ۾ ڌارين جي وڌ ۾ وڌ آبادڪاري ۾ ڪردارادا ڪري سنڌين کان لساني ۽ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ  ۾ ڪا ڪمي  نه ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾ ايتري ته ڌاري آبادڪاري وڌي وئي آهي جو ڌرتي ڌڻي مانيءِ ڳڀي لاءِ به در در جا ڌڪا کائن ٿا گذريل ٻوڏن ۽ ڏڪار ۾ اها صورتحال اوهان سڀنيءِ ڏٺي جنهن دوران هزارين خاندان دربدر ٿيا پر کين ڪٿي به اجهو  ميسر ٿي  نه سگهيو ۽ اهي دربدري واري حالت ۾ ئي ڪيترا ڏينهن ذندگي گذاريندا رهيا ، جمهوريت جو دستور آهي ته سڀني ماڻهن کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن پر اسان وٽ جمهوريت هوندي به صورتحال اها آهي جو هتي زميني حقيقتون جمهوري اصولن ۽ جمهوري قدرن جي ابتر آهن نه چاهندي به لکڻو ٿو پوي ته اسان وٽ جمهوريت ڪڏهن به اهو ناهي چاهيو ته سڀ انسان حقيقت ۾ برابر هجن ۽ بنا ڪنهن شڪ جي  سڀني کي هڪ جهڙي تعليم ۽ زندگيءِ جون سڀ سهولتون هڪ جهڙيون ملن ، اسان جي ملڪ ۾ عام ماڻهو کي ووٽ ڏيڻ جو بنيادي حق حاصل آهي بکئي ماڻهو لاءِ ووٽ جو حق ڪهڙي ڪم جو اصل اقتدار نه انهن وٽ رهيو آهي جيڪي انهن جي غربت مان فائدو وٺي رهيا آهن ۽ غريبن کي خوشحالي جا خواب ڏيکاري انهن جي ووٽ سان پنهنجا پيٽ ڀريندا رهيا آهن، پارليامينٽ ۾ ويٺل غريب عوام جي ووٽن تي چونڊجي آيل هجي يا ڌانڌلي ڪري آيل هجي پر ڪردار سڀني جو هڪ جهڙو ئي رهيو آهي جڏهن ته هو پنهنجا ئي قانون ٺاهي ٿو فقط پنهنجي ئي سهولتن جي لاءِ عوامي ڀلائي لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هوندو جيڪڏهن اها ئي صورتحال آهي ته هن سماج ۾ ڪا به برابري قائم ٿي نه سگهندي ، ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ ڪالم لکيو هو جنهن ۾ سامارو  روڊ   جا  مسئلا  حڪمرانن ۽  عام ماڻهن جي سامهون آندا هئا پر هن ڪالم کي پڙهي ڪجهه دوستن مونکي حوصلو ڏنو پر ڪجهه اهڙا به ماڻهو ۽ گوسڙو ماستر هئا جن  منهنجي ڳالهه کي سمجهڻ بدران هن ڪالم جو غلط رخ  ورتو ۽  هن ڪالم ۾ لکيل ڪجهه مسئلا پنهنجي زندگي جو حصو سمجهي ان ڪالم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جيڪا اها ڳالهه منهجي سمجهه ۾ نه آئي ته مون ڪالم  ۾ ڪم چور ۽ گوسڙو ماسترن کي سمجهائڻ لاءِ لکيو هو پر انهن هن ڳالهه کي اشو بڻائي ڇڏيو.

ٿيڻ ته ائين کپندو هويو ته منهنجو ڪالم پڙهي گوسڙو ماسترن کي ٻارڙن تي توجه ۽ ڪجهه محنت ڪن ها ، ٻارڙن جي مستقبل کي تباهه ڪرڻ کان توبه ڪري معافي گهرن ها  پر ٿيو ان جي بلڪل ابتڙ جئين هميشه کان ٿيندو رهيو آ ” چون ٿا ته چور جي مٿي ۾ چڙي  “  سو سچ ثابت ٿيو  ۽ جيڪي ماستر ڪم چور آهن ۽ سڄو ڏينهن ٽنگ جي  مٿي ٽنگ رکي سگريٽ جا شوٽا هڻن ٿا ۽ ٻارڙن کي پڙهائڻ جي لاءِ ٺٺيو (َآنگوٺو) تن منهجي ڪالم تي رد عمل ظاهر شروع ڪيو ۽ ٻه ٽي گوسڙو ماسترن جا نالا کڻي چوڻ لڳا ته اگر اهي گوسڙو ماستر اهو ڪالم پڙهي وٺن ها ته ڪم خراب ٿي وڃي آ. مونکي خوشي آهي ته انهيءِ ڪالم  تي ردعمل ڪم چور ۽ گوسڙو ماسترن ڪيو ، آئون انهن ماسترن ۽ بالا آفيسرن کان گذارش ڪرڻ  ڇاهيندس ته منهنجي گذريل ڪالم ۾ ڪا غلط ڳالهه لکيل هئي جو مونکي اهيءِ گوسڙو ماستر وڏيون معيارو ڏيڻ لڳا ته هي ڇوڪرو اسان جي اسڪول ۾ پڙهي ويو آهي ۽ اسان جي خلاف پيو لکي ، آئون انهن ماسترن سان گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته توهان جيڪا ٻه ٽي ماسترن جا نالا کڻي مونکا مخاطب ٿيا  انهن  ڪڏهن مون سميت  ڪنهن  ٻار کي  الف ۽ ب  پڙهايو؟  مونکي حيرت ان ڳالهه جي آهي ته انهن ماسترن سان گڏ ڪلارڪ ، هيڊ کان وٺي  بالا آفيسر پڻ شامل آهن جيڪي خود ان ڳالهه ته هوندا آهن ته جيڪو به اسان  جي خلاف ڳالهائيندو تن کي ماٺ ڪرايو ويندو ، اهيءِ ڪم چور گوسڙو ماستر ڪلارڪن کي رشوت ڏيندا آهن، ڪلارڪ هيڊ کي رشوت ڏيندا آهن ، هيڊ وري بالا آفيسر کي مال کارائي ٿو ۽ بالا آفيسر وري اعلي آفيسر کي ته جئين انهن سڀني جي خلاف ڪا به ڪنهن به قسم جي ڪو ڪاروائي نه ٿي سگهي.آخر ڪيستائين اهڙن عنصرن کي برداهشت ڪنداسين  ۽ آخر اهي ڪيستائين تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي غريب ماڻهن جي ٻارڙن جو مستقبل روليندا ، آخر ڪيستائين اهي در در تي  ڌڪا ٿاٻا کائيندا ، ڇا ڪنهن آفيسر ۾ احساس نالي جي ڪا شئي آهي جيڪي انهن تي رحم ڪن ، ڇا اهي سورن صدمن جي لاءِ پيدا ٿيا آهن ؟ ڇا تعليم انهن جو حق نا آهي ؟  ڇا ماسترن جي ذميواري نه آهي ته اهيءِ پنهنجي  پگهارن کي حلال ڪن ؟ ڇا اهو اعلي انتظاميا جي زميواري نه آهي ته اهي ڪم چور ۽ گوسڙو ماسترن تي قدم کڻي انهن کي ڊيوٽي جو پابند  بڻائن ؟

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *