تحريڪ انصاف جي مؤقف جي تائيد ڪندڙ حالتون؛نسيم بخاري

تحريڪ انصاف جي 2013ع وارين عام چونڊن ۾ ڌانڌلين واري موقف کي وقت ۽ حالتون تصديق جي مهر هڻي رهيون آهن. هڪ ٻئي پٺيان ن ليگ کي پهتل نقصان ۽ تيزيءَ سان تحريڪ انصاف جي موقف جي تائيد ڪندڙ حقيقت، عمران خان جي سياسي عروج واري خبر ڏئي رهي آهي. تحريڪ انصاف کي هڪ طرح سان چونڊن ۾ ڌانڌلين واري موقف جيڪو فائدو ڏنو آهي، ان فائدي تحريڪ انصاف کي نئين تقويت ته عطا ڪئي ئي آهي پر ان جي سياسي ساک ۾ به واڌ آڻي ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي ته جيئن ئي مڪاني چونڊن جون تاريخون ويجهو اچي رهيون آهن، تيئن ئي تحريڪ انصاف به نه رڳو عوام پر اهم سياسي سماجي، مذهبي ۽ ڪاروباري شخصيتن سان رابطا وڌائي ڇڏيا آهن.

هي سٽون جڏهن لکي رهيو آهيان، تڏهن تحريڪ انصاف جو اهم اڳواڻ عارف علوي اتر سنڌ جي اهم سياسي شخصيت ممتاز ڀُٽي سان لاڙڪاڻي ۾ ملاقات ڪري، عمران خان جو، تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ وارو نياپو پهچائي چڪو آهي ۽ ان ملاقات کانپوءِ شڪارپور جي سومرا هائوس تي هن جوشيلي تقرير ڪري ڪارڪنن ۽ عوام جو جوش وڌايو آهي. اهي سرگرميون ثابت ڪن ٿيون ته تحريڪ انصاف سنڌ ۾ پ پ جي متبادل طور اچڻ جون پوريون پوريون ڪوششون ڪري رهي آهي.

اين اي 154 لوڌران واري چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ حيرت انگيز بحث مباحثا شروع ٿي ويا آهن. تحريڪ انصاف جن چئن تڪن تي ڌانڌلين واري دانهن ڪندي پئي آئي، تن مان ٽن تڪن تي وقت ۽ حالتن سندس موقف کي درست ثابت ڪيو آهي. ملتان جي اليڪشن ٽربيونل پنهنجي فيصلي ۾ ن ليگ جي اُميدوار صديق بلوچ کي سڄي عمر لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جي جعلي ڊگري ثابت ٿي آهي ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ هُن اها ڊگري ورتي هئي، ان سنڌي ٻوليءَ جو هڪ به جملو نه لکي سگهيو آهي، جنهن مان نه رڳو هڪ اُميدوار جي ٺڳي ثابت ٿي آهي پر اها ثابتي اهو سنيهو به ڏنو آهي ته جيڪڏهن ٻين اڳواڻن ۽ اُميدوارن جي به اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ته گهڻن همراهن جا اهڙا فراڊ آڏو اچي سگهن ٿا.

ملتان اليڪشن ٽربيونل نه فقط هڪڙي صديق بلوچ کي نااهل قرار ڏنو آهي پر پارليامينٽ ۾ اهڙا کوڙ ماڻهو ويٺل هوندا، جن جي حقيقت اڃا دنيا آڏو ناهي آئي ۽ جن تان نقاب هٽائڻ جي ضرورت آهي. اهي پنهنجن گناهن کي ۽ ٺڳين کي لڪايو ويٺا آهن. تحريڪ انصاف حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ جنهن جذبي سان ڌانڌلين جا پول کولڻ لاءِ اڳيان آئي آهي انهيءَ جذبي سان جيڪڏهن ٻيون ڌريون به سنجيده ٿين ته اهو ڏينهن پري ناهي جو پاڪستان ۾ ڌانڌلين کان پاڪ چونڊون يقيني بڻجي سگهن ٿيون.

جهانگير ترين جي درخواست تي اليڪشن ٽربيونل نادرا کي آڱوٺن جي تصديق جو 21 مئي 2013ع تي حڪم جاري ڪيو هو. صديق بلوچ هاءِ ڪورٽ ۾ اسٽي وٺي اهو معاملو لئه مٽي ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ جهانگير ترين سپريم ڪورٽ ويو ۽ سپريم ڪورٽ جهانگير جي حق ۾ فيصلو ڏنو. نتيجي ۾ 28 آڪٽوبر تي نادرا جيڪا رپورٽ ڏني ته ان ۾ 290 پولنگن تي 218256 ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ جي خبر ٻڌائي وئي، جن ۾ 100022 هزار ووٽ غير مناسب مس ۽ آڱوٺن جي نامناسب نشانن وارا ثابت ٿيا. 20600 ووٽرن جي ڪائونٽر فائيلن تي سڃاڻپ ڪارڊن جا نمبر ئي نه هئا. ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته 728 ماڻهن ٻه ڀيرا ووٽ ڪاسٽ ڪيو. 73700 ئي صحيح ووٽ ثابت ٿيا. 121 ووٽ اهڙا به ظاهر ٿيا، جيڪي تڪ ۾ داخل ئي نه هئا.

مٿيون مختصر وچور ان ڪري وائکو ڪيو ويو آهي ته جيئن خلق کي اها خبر پئجي سگهي ته پاڻ وٽ غير شفاف چونڊن جي ڪهڙي شڪل ٿيندي آهي؟ جيڪا شڪ کي پڪ ۾ تبديل ڪندي آهي جنهن سان حقدار متاثر ٿيندا آهن ۽ ناجائزيون عروج تي پهچنديون آهن، جن جي نتيجي ۾ نااهل ۽ ناڪاره ماڻهو اسيمبلين جي ايوانن ۾ پهچي ويندا آهن. جهانگير ترين کي جيڪا جيت هاڻ نصيب ٿي آهي، جيڪڏهن صاف شفاف چونڊون ٿين ها ته اُها اڍائي پوڻا ٽي سال اڳ هن جو مقدر بڻجي ها پر هاڻوڪي جيت جهانگير ترين لاءِ جنهن اخلاقي فتح جو سج اڀاري وئي آهي. اها هن جي سوڀ جو سج آهي. اهو هڪ تاريخي حقيقت جو عبرتناڪ اظهار آهي، جيڪو ڪڏهن به لهڻو ناهي.

ان کان اڳ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جي سيٽ به ن ليگ کان کسجي چڪي آهي. جيتوڻيڪ اياز صادق ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي پر حقيقت اها آهي ته عام ماڻهو ان عمل کي به مشڪوڪ نگاهن سان ڏسي رهيو آهي ۽ سوچي ٿو ته اقتدار پرستي ۽ ڪرسيءَ جي نشي ۾ ڪيڏو نه حرص هجي ٿو، جيڪو ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ وڃائڻ نه چاهيندو آهي ۽ اياز صادق به اهڙي ئي ڪوشش ۾ رڌل ٿو ڏسجي. ان کان اڳ ريلوي جي اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جي تڪ تي پڻ چونڊ ڪالعدم قرار ڏني وئي هئي ۽ ان به اياز صادق وارو دڳ اختيار ڪيو. مسلم ليگ (ن) جيڪڏهن اپيلن ۾ وڃڻ بدران اليڪشن جي ماحول ۾ اچي ها ته ڏاڍو چڱو ٿئي ها. کيس به خبر پوي ها ته اها ڪيتري پاڻي ۾ آهي پر هن کي شايد اهو ڊپ هو ته ڪٿي ڪجهه ملڻ بدران کسجي نه وڃي. شايد ان ئي سبب جي ڪري ن ليگ لنوايو.

مسلم ليگ (ن) متحده سان مولانا فضل الرحمان جي معرفت جيڪا مفاهمت ڪئي، اها مفاهمت به ان مقصد کي ظاهر پئي ڪري ته کين متحده جي ووٽن جي ضرورت آهي. اهو ئي سبب آهي ته ميان نواز شريف مولانا جي ٽياڪڙي کانپوءِ متحده وارن سان مليو آهي ۽ انهن جي مرضيءَ سان ڪراچي آپريشن تي اک رکڻ لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪرڻ تي راضي ٿيو آهي ۽ متحده وارن مانيٽرنگ سيل لاءِ لسٽ به جوڙي ورتي آهي. متحده سان مفاهمت ۾ مسلم ليگ جو ڀلو ٿئي يا نه پر مولانا کي هڪ تسڪين جو احساس ضرور ٿيو هوندو. مولانا لاءِ اهو ڪريڊٽ وڏي ڳالهه آهي. قدرت کيس ان عمل ۽ سرگرميءَ جو ثواب ڏئي يا نه پر مولانا جي پنهنجي حلقي ۾ ان ڪم جي ڪري واکاڻ وڌي آهي. اها ساراهه هن جي قدڪاٺ ۾ ڪيترو ٿي اضافو ڪري يا سندس شخصيت کي ڪيترو ٿي ڀڃي ڊاهي تنهن بابت پاڻ ٻه اکر به نٿا ڪُڇون. اهو فيصلو تاريخ کي ڪرڻو آهي. مولانا جيڪڏهن مفاهمت واري مڙسي نه ڪري ها ته متحده پنهنجي لاءِ نظرثاني جا وري ڪي ٻيا دڳ رستا ڳولهي ها ۽ جيڪڏهن متحده جو ڪو مددگار ثابت نه ٿئي ها ته شايد هنن جون استعيفائون قبول ٿي وڃن ها، جنهن کانپوءِ ضمني چونڊون يقيني بڻجي وڃن ها، جن ۾ تحريڪ انصاف ايم ڪيو ايم کي زبردست شڪست ڏئي ها پر اهو سڀ ڪجهه ٿيندي ٿيندي رهجي ويو، جنهن جو مولانا کي جس ڏجي يا ميار اهو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪن.

هتي هڪڙي ڳالهه وڏي ويساهه سان ڪري سگهجي ٿي ته عمران خان اسلام آباد ۾ 126 ڏينهن ڌرڻو هڻي جيڪي دانهون ڪندو رهيو، اڄ وقت ۽ حالتون انهن دانهن جو جيڪو داد ڏئي رهيون آهن، تن مان سياست جي اُفق تي کيس اخلاقي پذيرائي ملي رهي آهي. تحريڪ انصاف جي ڌرڻي دروان جاويد هاشميءَ جي قلابازي ان کي وڏو ڌڪ ڏنو هو. جاويد هاشمي تحريڪ انصاف جي پويان ڳجهن هٿن جي عمل دخل واري جيڪا ڳالهه ڪئي هئي، اهڙي ئي حقيقت تان مشاهد الله خان بي بي سي کي انٽرويو ڏئي پردو کڻي وزارت وڃائي چڪو آهي. تحريڪ انصاف سان اسٽيبلشمينٽ جي قربداري آهي يا نه پر جهڙي تيزيءَ سان اهڙا اشارا ۽ شاهديون سامهون اچي رهيون آهن، سي صاف ٻڌائي رهيون آهن ته تحريڪ انصاف کي ڪا لڪل ٽيڪ ۽ سهارو ميسر آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هڪ دفعو وري تحريڪ انصاف ڏانهن موقعي پرست ماڻهن رجوع ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. هتي اهو سوال به وڏي اهميت وارو آهي ته مشڪوڪ چهرا تحريڪ انصاف جي پاڇي ۾ رهي پاڻ کي ڪيترو صاف سٿرو ۽ عوام دوست بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندا؟ وقت ۽ حالتون ماڻهو جو قبلو درست ڪري ڇڏينديون آهن. عمران خان ان ڳالهه کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو. ان ڪري ماضيءَ جي مشڪوڪ سياسي مهانڊن کي جڏهن هو پاڻ سان گڏ کڻي هلندو ته خود اُهي پاڻ به پنهنجي اصلاح جي حوالي سان پنهنجو پاڻ کي اڳڀرو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

عمران خان اليڪشن ڪميشن کي خط لکي جيڪي کيس اوڻايون ڳڻايون آهن ۽ انهن آڌار تي جن استعيفائن جي گهُر ڪئي آهي، تن جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن جذباتي ردعمل ظاهر ڪيو آهي ۽ ائين به ٿي پئي سگهيو ته اهڙن اوڻاين کي قبول ڪندي، انهن جي ازالي واري عزم جو اظهار ڪيو وڃي ها پر اسان وٽ اهڙو رجحان اڃا تائين هڪ خواب بڻيل آهي. اسان وٽ ٽڪراءَ، انا جي تسڪين، ضد واري هٺ ۽ هوڏ کي ثواب جو ڪم سمجهي ڪيو ويندو آهي. پاڻ وٽ تدبيرن، حڪمت عملي، بردباري ۽ سنجيدگي فضول قسم جون شيون تصور ٿينديون آيون آهن. پنهنجي لئه وڏ ماڻهپي، مڳي ۽ ڦوشر لاءِ پنهنجي گهر کي پاڻ تيلي ڏيڻ به ننڍڙي ڳالهه تصور ٿيندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي شان ۽ وقار جي بلنديءَ لاءِ گهر ٻاري ڏياري ڪئي ويندي آهي.

مسلم ليگ (ن) جو اپيلن ۾ وڃڻ وارو حق ان جذبي لاءِ ڪتب ٿيو آهي ته ٻئي کي سڪون جي ننڊ سمهڻ نه ڏجي. ڀل ته ان جي مٿي کي به ڀنواٽي اچي، ان جي به ننڊ ڦٽل هجي، متان ائين سمجهي ته ميدان خالي آهي. مخالف کي اهو مٿي ۾ سور هجي ته اڳيان به ڪو مڙس ماڻهو ملهه مارڻ لاءِ آتو آهي. سو ان سوچ ۾ جن ماڻهن کي سرور حاصل ٿئي ٿو تن جي باري ۾ ڇا چئجي يا ڇا لکجي؟

***********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *