تحريڪ انصاف جاگيردارن خلاف طوفان ٿي اڀري سگهندي؟ ؛نسيم بخاري

تحريڪ انصاف جي حڪمت عملي سان سوين اختلاف رکڻ باوجود اها ڳالهه بنا ڪنهن وڌاءُ جي تسليم ڪري سگهجي ٿي ته هاڻوڪي سياسي اُفق جي هوءَ اڄ جي اهم حقيقت آهي، جنهن وٽ متواليون به آهن ته متولا به آهن ۽ جيڪا اڄ جي تاريخي سچائي ٿي عوام جي دلين ۾ اڀري آئي آهي. عمران خان اڄ جيڪڏهن خلق جي خلين تي راڄ ڪري ٿو ته اهو ان ڪري جو هو جيڪو ڪجهه چوي ٿو، سو سراسر سچ آهي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي. عوام سالن ۽ صدين کان خوبصورت نعرن، تصورن ۽ خوابن ذريعي ٺڳجندو آيو آهي ۽ وک وک تي ٿيل ۽ ڪيل ويساهه گهاتين ماڻهن جا صرف لاهه ئي ناهن ڪڍيا پر ترا به ڪڍي ڇڏيا آهن. ان ڪري اهڙي صورتحال ۾ ظاهري ڳالهه آهي جيڪو پيڙهيل ماڻهو هوندو، جيڪو محڪوم هوندو، جنهن جا ڏک ۽ ڏوجهرا تقدير جو لکيو تصور ٿيندا آيا آهن، اهو جڏهن پنهنجي دل جي نمائندگي محسوس ڪندو، ان کي جڏهن لڳندو ته ڪو ان جي احساسن ۽ اُمنگن جي ڳالهه ڪري ٿو، ڪو ان جو ڌڻي سائين آهي ۽ سندس دردن جو درمان ڪرڻ چاهي ٿو ته اهڙو ويڄ طبيب ته سائين وڻندو ني. سو عمران خان ٻيو ڪو تير ڪمان نٿو هڻي، اهو ئي چوي ۽ ڳالهائي ٿو، جيڪو ماڻهو چاهين ٿا. تحريڪ انصاف عوام کي نفسياتي طريقي سان پنهنجي پاسي آڻڻ ۾ زبردست حد تائين ڪامياب وئي آهي ۽ ظاهري ڳالهه آهي کيس پروپئگنڊا جي ذريعن به وڏو اتساهيو ۽ همٿايو آهي. ان حوالي سان زبردست ۽ سگهارو ڪردار نوجوانن ۽ عورتن جو هوندو آهي، جن وٽ تمام گهڻيون صلاحيتون ۽ ڪافي وقت، توڙي محنت ۽ جذبي سان جدوجهد ڪرڻ جو جوش ۽ جنون هوندو آهي، ويتر جو کين لاتعداد وسيلا ميسر ڪري ڏنا وڃن ته تصور ڪيو ته اُهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي سگهن ٿا. عمران خان جي پارٽي غريبن جي حقن تي مسڪينن جي نمائندگي لاءِ سياست ڪندڙ اُها پارٽي آهي، جنهن ۾ وڏي پئماني تي سرمائيدار ويٺا آهن ۽ اهو بلڪل ائين آهي، جيئن پيپلزپارٽي ڳالهه ته لٽي ڪپڙي ۽ اجهي جي ڪندي آهي پر حقيقت ۾ ان جا والي ۽ وارث يا ڪرتا ڌرتا وڏيرا هوندا آهن، جيڪي پارٽي ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي هارين جيان هلائيندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته اڄ به پيپلزپارٽيءَ جا چونڊيل نمائندا ضلعي يا تعلقي سطح تي پارٽي ڏانهن جوابده ناهن ۽ سچ اهو آهي ته انهن جي پارٽيءَ تي اک ئي نه ٻڏندي آهي. اُهي ڪارڪنن کي کنگهندا ۽ ليکيندا ئي ناهن! پر ڇاڪاڻ ته انهن وٽ قبيلن ۽ ذاتي ووٽ، لاتعداد پئسو ۽ سياسي يا انتظامي داٻو هوندو آهي. ان ڪري اُهي پارٽي قيادت کي پنهنجي آڱرين تي نچائيندا آهن. هنن جو هر وقت دماغ خراب رهندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته پارٽي وفاداريون بدلائڻ به هنن لاءِ عام ڳالهه ۽ روز جو معمول آهي! کين پڪ هوندي آهي ته هو ڪهڙي به پارٽي جهنڊي، ڪهڙي به قيادت ۽ ڪهڙي به نعري سان چونڊ وڙهن، ماڻهو انهن کي هر صورت ۾ ووٽ ڏيندا، ڇو ته اهو ووٽ راءِ جي اظهار واري بنياد تي نه پر کين مجبورين، مصلحتن ۽ مفاهمتن جي آڌار تي ميسر ٿيندو آهي. تحريڪ انصاف سنڌ ۾ جاگيرداراڻي جبر هيٺ جيئندڙ عوام کي جنهن جيئندان جي جهلڪ ڏيکاري آهي، سو حقيقت ۾ ماڻهن کي سرمائيداراڻي ڪوڙڪي ڏانهن وٺي وڃڻ وارو واءُ سواءُ ڏئي ٿو ۽ اهو معاملو دنيا ۾ ڪو پهريون وهنوار ناهي. وقت سان گڏ جيڪا سماجي اٿل پٿل ايندي آهي، تنهن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي، ان ۾ سڀ ڪجهه ائين ئي ٿيندو آهي جيئن هاڻ ٿي رهيو آهي. وڏيرو هاري کي کائڻ لاءِ اَن جا داڻا ڏيندو آهي، جيڪڏهن نجي جيلن ۾ رکندو آهي ته ٿورو گهڻو دوا درمل ۽ لٽي ڪپڙي جو به خيال رکندو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ رهجي ويندي آهي. مثال طور: توهان ڪنهن ڪارخاني ۾ ڪم ڪيو ٿا، توهان جي پگهار ٻارهن هزار آهي پر توهان جي گهر جا خرچ ويهن هزارن کان مٿي آهن. ڳالهه جيڪڏهن بيمارين، بڙين ۽ شادين غمين ۽ ڏيتين ليتين جي ڪبي ته بار ويتر وڌي ويندو. سرمائيدار اهو به ڪندو آهي ته نت نين شين کي عوامي ضرورت بڻائي ڇڏيندو آهي. اُهي شيون ماڻهو جي لاءِ سُک ۽ آساني جو وسيلو ته بڻبيون آهن پر گڏوگڏ خرچ به وڌي ويندا آهن. مثال طور: ويهه سال اڳ اسان جهڙي پٺتي پيل سماج ۾، موبائل، ڪمپيوٽر ۽ کوڙ سارين اهڙين شين جو واهپو نه هو، جيڪي هاڻ ماڻهو لاءِ لازمي بڻجي ويون آهن. عورتون گهرن ۾ ويلو بُک تي ته ويهڻ پسند ڪن ٿيون پر هار سينگار ۽ سجاوٽ جي سامان کانسواءِ پاڻ کي اڌورو ۽ اڻپورو سمجهن ٿيون. سو ان طرح سان، زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي شيون، جيڪي حقيقت ۾ خواهش هونديون آهن، جڏهن ضرورت واري حيثيت اختيار ڪري وٺنديون آهن ته پريشانين جو وڌڻ اڻٽر هوندو آهي. ان سڄي پس منظر ۾، ماڻهو محنت ۽ ڪنهن تدبير تي ڀاڙڻ بدران، معجزن جي ڳولا ۾ مصروف رهڻ پسند ڪندا آهن. ان رجحان ۾ هو پنهنجي ڀلائي ۽ عافيت ڀائيندا آهن ۽ سچ اهو آهي ته اها خوش فهمي حقيقت ۾، ماڻهو جو پنهنجو پاڻ سان دوکو هوندي آهي ۽ خلق ڪنهن ٻئي هٿان نه پر پنهنجي خود فريبين هٿان ئي ٺڳجندي آهي. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ ۾ تحريڪ انصاف جڏهن پنهنجا پير پختا ڪرڻ طرف وڌي رهي آهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اڳتي هلي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڪٿي هن جو حشر به اهڙو ته نه ٿيندو، جهڙو پاڻ پيپلزپارٽي جو ڏسي رهيا آهيون يا جيئن پ پ وارا پنهنجا افعال ۽ مهانڊا پسائيندا آيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ بدين ۾ ذوالفقار مرزا جنهن جي زال ايم اين اي ۽ پٽ ايم پي اي آهي. بدين جي ڊي سي ۽ ايس پي خلاف عوامي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندي نظر آيو آهي! هو پاڻ سان گڏ 15 کان 20 لک روپيا ڪامورن کي رشوت ڏيڻ لاءِ کڻي آيو هو. سندس چوڻ اهو هو ته اهڙي قرباني ان ڪري ڏيڻ چاهي ٿو ته جيئن انتظامي مشينري ماڻهن جا مسئلا حل ڪري. اها صورتحال جيئن ڏٺي ۽ رپورٽ ڪئي وئي آهي، حقيقتون ان کان بلڪل به مختلف آهن. سڄو جهيڙو مال تي آهي ۽ ان ۾ جيڪڏهن ڪا ڪسائي پسائي ٿئي ٿي ته همراهه آپي کان ئي نڪري وڃن ٿا. سوا سال کان به وڏي عرصي ۾، بدين ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو آيو، اهو ٺيڪ هو، اوچتو ذوالفقار مرزا کي عوام جا سور ستائين ٿا ۽ هو پنهنجي حق حلال جي ڪمايل دولت کڻي، ڪامورن جي درن تي پهچي وڃي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا ذوالفقار مرزا کي واقعي به عوام جو ايترو اونو ۽ اڻ تڻ لڳل آهي؟ يا وري ان جي دل ۾ ڪن ٻين ارادن جو طوفان موجود آهي. لڳي ائين ٿو ته ڪنهن معاملي تي هن جي مرضي ۽ حساب سان ڪم نه هليو آهي ۽ همراهه ڪاوڙيو ۽ ڏمريو آهي! مون کي چڱي طرح ياد آهي ته جن ڏينهن ۾ (ق) ليگ، پيپلز پارٽي سان پيار جو پيچ اڙايو هو ۽ پ پ کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون، تن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ غوث بخش خان مهر کي به شڪارپور جي لکي تعلقي ۾ ڪجهه حصو پتي مليو هو. شڪارپور جي پ پ ضلعي صدر، بابل ڀيو جڏهن پنهنجي گرهه تي لت ايندي ڏٺي هئي ته هن ضلعي صدارت ڇڏڻ جو ۽ پارٽي کان پاسيري ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. اهڙي پريس ڪانفرنس ۾، مان پاڻ موجود هئس ۽ اُهو معاملو آغا سراج دراني پاران موڪليل غلام مصطفيٰ منگي جي نياپي ڏيڻ تي ٽريو هو. ان مان، اوهان اندازو لڳايو ته بابل خان هجي يا ذوالفقار مرزا، انهن جي اندر ۾ عوام جو فڪر هجي ٿو يا ٻي ڪا ڳڻتي؟ سچ اهو آهي ته پيپلز پارٽي اڳ ۾ جنهن نظريي جي بنياد تي هلندي هئي، هاڻ ان نظريي جو انت اچي چڪو آهي، نه رڳو اهو نظريو فوت ٿيو آهي پر ذوالفقار علي ڀٽي، 30 نومبر 1967ع تي، لاهور ۾ جنهن پارٽي جو بنياد وڌو هو، هاڻ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ۽ ٽڪراءَ ۾ نظر اچي رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته عوام پ پ ۽ ان جي اڳواڻن کان خفا آهي. عام ماڻهن جي پهچ ته پري جي ڳالهه آهي، پر ميڊيا جي ماڻهن سان به پ پ جي اڳواڻن جو ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي. ان پسمنظر ۾، تحريڪ انصاف جنهن تحريڪ ۽ رفتار سان اڳتي وڌي رهي آهي ۽ ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري رهي آهي، تنهن مان لڙڪاڻي کي ڪو لوڏو اچي يا نه پر سنڌ ۾ پ پ وارن جا هوش ٺڪاڻي اچڻ جو ماحول ضرور جڙندو ۽ ائين ٿيڻ به گهرجي. هيل تائين پ پ وارا اقتدار جي نشي ۾ ان ڪري به گُم ۽ مدهوش هئا جو کين پنهنجي ٽڪر جو ڪو فورم ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، پر هاڻ جڏهن عمران خان اهو خال ڀرڻ طرف وڌي رهيو آهي ته هنن جون به پڪ سان ننڊون ڦٽنديون ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جهڙي ريت پنجاب جي سياست ۾ لاهور جي وڏي اهميت آهي، اهڙي ريت لاڙڪاڻو به سنڌ جي سياست جي ڪنجي آهي. جهڙي ريت جماعت اسلامي جو نعمت الله خان ۽ ايم ڪيو ايم جو مصطفيٰ ڪمال ڪراچي کي ٺاهي سڌاري ۽ سينگاري ويا، بلڪل ائين پ پ وارا به ته پنهنجن تڪن ۾ ڪري پئي سگهيا، پر هنن ڪيو ڇا؟ قائم علي شاهه بابا اڄ به اهو ويسورو آهي ته ميڊيا ٿر ۾ مرندڙ ٻارڙن جي اشو کي اڀاري سنڌ سرڪار جي مٿي ۾ سور وڌو آهي. پ پ جي سموري پلٽون چوي ٿي ته ٿر ۾ ٻارڙن جو مرڻ عام ڳالهه آهي ۽ اتي ورهاڱي کان اڳ به ٻار مرندا هئا، ان راءِ ۽ ڳالهه سان سؤ سيڪڙو معصومن جي موت واري سلسلي کي برقرار رهڻ ڏجي؟ حقيقت اها آهي ته ٿر کي ٽيسٽ ڪيس طور تي کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان جيڪڏهن تحريڪ انصاف ان ڏس ۾ پنهنجا سمورا وسيلا ۽ تعلقات ڪتب آڻيندي، ٿر ۾ ڪو ڪرشمي جهڙو ڪمال ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ته سچ پچ ته اُها ڳالهه سنڌ ۾ ان جا پير مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان انتهائي ڪارائتي ثابت ٿيندي ۽ اهڙو عمل پ پ لاءِ آئينو ثابت ٿيندو ۽ ان جي جڳ رسوائي جو سبب بڻبو ۽ پڪ سان اها عمران خان جي تمنا به آهي، جنهن ۾ ئي ان جو روشن مستقبل لڪل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *