تباهي ڪنڌي پهتل بينطير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو تباهي جا ڪردار: حميد ڀٽو

سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت وارن شعبن کي هٿ وٺي تباهي ڪرڻ جي روايت سان جتي سنڌ جي ٻين ادارن جي تباهي پڻ ٿي آهي ۽ انهن ادارن جي سربراهن کي نيب ۽ رينجرز پاران جاچ ڪرڻ لاءِ گرفتار ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ان تي عمل ڪيو پيو وڃي، تنهن سان يقينن سنڌ جي ادارن ۾ ڪرپشن، نااهل انتظاميا، اقربا پروري جي خاتمو ايندو. اهڙي ريت اتر سنڌ ۾ صحت کاتي سان تعلق رکندڙ اداري جنهن جو بنياد سنڌ جي راڻي شهيد بينظيرڀٽو هڪ ويزن تحت رکڻ جو اعلان ڪيو هو، ان اداري ”شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو“ کي قائم ٿيڻ بعد گزريل بن سالن اندر تباهي ڪنڌي تي پهچايو ويو آهي. ادارن جي تباهي ۾ ”سياسي مقرريون“، ”ڪرپشن“، ”اقرباپروري“ سميت کوڙ سارين خرابين جا سبب موجود آهن. لاڙڪاڻو شهر ۾ قائم ٿيل ”شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو“ هن وقت نهايت ئي بحران جي ور چڙهڻ بعد تڪراري پڻ بڻجي وئي آهي، ان جا اثر سکر ۾ قائم ٿيل ”غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر“ ۽ ”بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج“ پڻ  تڪراري ادارن طور ساهه کڻي پنهنجي وجود کي برقرار رکي رهيا آهن. پي ايم ڊي سي ( پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل) هڪ حڪمنامي تحت انهن ٻنهي ادارن ۾ وڌيڪ داخلائون نه ڪرڻ جو حڪم نامو صادر ڪيو آهي، جنهن سان غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج ۽ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردن جو مستقبل رولڙي جو شڪار بڻجڻ لڳو آهي. انهيءَ سموري خرابين جو ذميوار شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جو وائيس چانسلر پروفيسر غلام اصغر چنو کي ئي قرار ڏئي سگهجي ٿو، جنهن پنهنجي مقرري کان وٺي گذريل 18 مهينن کان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڪرپشن جي انها ڪري ڇڏي آهي، ان کانسواءِ اقربا پروري ۽ شاهي خرچن سبب ميڊيڪل يونيورسٽي ڪنهن به وقت مالي طور تي ڏيوالپڻي جو شڪار بڻجي سگهي ٿي. هتي اسان ميڊيڪل يونيورسٽي کي ملندڙ گرانٽ تي نظر ڪنداسين ته خبر پوي ٿي ته ”سنڌ حڪومت پاران ساليانو 82 ڪروڙ رپيا گرانٽ ملڻ سان گڏ وفاق پاران 40 ڪروڙ رپين جي الڳ گرانٽ ملي ٿي ۽ سيلف فنانس جي فين جي مد ۾ پڻ ميڊيڪل يونيورسٽي کي ساليانو 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ملي ٿي، جيڪا رقم هڪ ارب 27 ڪروڙ رپيا بڻجي ٿي،

جڏهن ته يونيورسٽي جي ترقياتي ڪمن لاءِ وفاق جي اداري هاير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ٽن سالن جي لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپين جي رقم پڻ ڏني وڃي ٿي. جنهن تحت سال ۾ 40 ڪروڙ رپين واري رقم بڻجي ٿي ۽ ميڊيڪل جي شاگردن جي مختلف فين سميت ٻين فنڊن جي صورت ۾ وڌيڪ ڪروڙين رپيا يونيورسٽي کي مالي طور تي رقم حاصل ٿئي ٿي. انهيءَ ملندڙ فنڊن جي رقم کي جيڪڏهن جوڙ ڪبو ته ميڊيڪل يونيورسٽي کي ساليانو ٻه ارب رپين کان وڌيڪ رقم ملي رهي آهي. اهڙي رقم کي تدريسي يا ريسرچ ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ بجاءِ يورنيورسٽي جي وائس چانسلر غلام اصغر چنو غير ذميواري ۽ مالي بدعنوانين ۾ ملوث هجڻ جا کوڙ سارا ثبوت هٿ آيا آهن.  وي سي غلام اصغر چنا ميڊيڪل يونيورسٽي جون ٻه گاڏيون ڪراچي ۾ پنهنجي ذاتي استعمال هيٺ ڪتب آڻي رهيو آهي، جنهن جو پيٽرول، ڊيزل ۽ مينٽيننس جي رقم پڻ يونيورسٽي کي ادا ڪرڻي پوي ٿي، اهڙي طرح سان وڌيڪ 4 گاڏيون لاڙڪاڻو ۾ سندس استعمال هيٺ آهن. وي سي يونيورسٽي جي خرچ تي هر هفتي لاڙڪاڻو کان ڪراچي اچڻ وڃڻ لاءِ جهاز جو ڪرايو پڻ يونيورسٽي ئي ادا ڪري رهي آهي. جڏهن ته وائيس چانسلر لاڙڪاڻي ۾ رڳو ٽي ڏينهن اڱارو، اربع ۽ خميس لاڙڪاڻو قيام ڪندو آهي باقي هفتي جا ٻيا سمورا ڏينهن هو ڪراچي جي ڪالا پل واري علائقي جي مشهور اسپتال نيشنل ميڊيڪل سينتر ۾ جنرل فزيشن طور ڪلينڪ هلائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ئي قيام ڪندو آهي اهڙي طرح سان وي سي پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائڻ جي لاءِ يورنيورسٽي جي رقم منجهان پڻ وڏي رقم جو استعمال ڪندو رهيو آهي، ان سان گڏو گڏ اسلام آباد، لاهور ۽ ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ڏانهن نجي دورن کي اداري جي مفادن ۾ ظاهر ڪندي يونيورسٽي جي مالي وسيلن جو ناجائز استعمال ڪري رهيو آهي. تازووي سي غلام اصغر چنو ميڊيڪل يونيورسٽي جي خرچ تي آمريڪا جي دورن تي پڻ يونيورسٽي جي پئسن جو زيان ڪري آيو آهي، جنهن مان يونيورسٽي کي ڪولاڀ حاصل نه ٿيو هن وقت پڻ ترڪي جي دوري تي ويل آهي.

اهڙي طرح سان يونيورسٽي جي انتظامي عهدن تي پروفيسرن کي مقرر ڪرڻ سبب اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريض لاڙڪاڻو ۽ سکر جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپوڊرن، نرسن ۽ سيکڙاٽ ڊاڪٽرن جي رحم و ڪرم هيٺ آهن، جنهن ڪري مريضن جي فوتگي جو تعداد روزانو وڌي رهيو آهي اهڙيريت غير قانوني طور وائيس چانسلر طرفان زباني حڪم مڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي ڊائريڪٽر ايڇ آرڊاڪٽر اڪبر ڀٽو کي کيس پنهنجي عهدي تان هٽرايو ويو آهي. اهڙي ريت ڊائريڪٽري پلاننگ طور 80 سالن جي نور الله ملڪ کي مقرر ڪيو آهي، جنهن جي مقرري جي سمري سنڌ جي گورنر پڻ رد ڪئي هئي اهڙي حڪم کي باءِ پاس ڪندي نور الله ملڪ کي مقرر ڪيو ويو ته ٻي پاسي به سپريم ڪورٽ جي حڪم کي نظر انداز ڪندي وي سي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن کان پنهنجي ڀائٽي مشتاق چنوسائيڪاٽرسٽ کي ڊيپوٽيشن تي گهرائي کيس شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار طور مقرر ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح سان هن وقت جڏهن پي ايم ڊي سي پاران سکر مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج مٿان پابندي مڙهڻ واري فيصلي تحت ان مسئلي کي حل ڪرائڻ بجاءِ وائيس چانسلر غلام اصغر چنو ڪجهه ڏينهن اڳ يونيورسٽي جي خرچ تي ترڪي ياترا ڪرڻ ۾ پورو آهي. يونيورسٽي جي ماتحت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جيڪا گذريل 40 سالن کان وٺي طب جي ميدان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، تنهن کي  هن وقت خاص ڪري وائيس چانسلر غلام اصغر چنو جي ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي ۽ پي ايم ڊي سي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کي پڻ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي حڪم ڪيو آهي ته ”چانڊڪا ميڊيڪل ڪالج  ۾ داخلائن کان اڳ ۾ اسٽاف ۽ ڪاليج جون گهربل ضرورتون پوريون ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ ڪاليج جي سيٽن ۾ گهٽتائي ڪرڻ سميت ڪاليج کي بند ڪرڻ جهڙا حڪم به جاري ڪري سگهجن ٿا“.

اهڙي سموري هلندڙ بحران دوران وائيس چانسلر جا شاهي حڪم ۽ شاهي خرچ يقينن يونيورسٽي کي بحران ۾ ڌڪي رهيا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو ذاتي پسند يا ناپسند توڙي ڪرپشن جي ڪري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال توڙي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي پرنسپال سميت شهيد بينطير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر وچ ۾ اداري جي بهتري سميت مثبت ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ تڪراري ڪردار رهيو آهي ۽ اهو ڪردار نااهي، ڪرپشن، اقربا پروري سميت سماجي خرابين جي اثر ۾ واڌ ان وقت آئي جڏهن شهيد بينطير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي نئين وي سي غلام اصغر چنو پنهنجي عهدي جي چارج وٺي ڪم شروع ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري گذريل 18 مهينن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي زير انتظام هلندڙ ڪاليجن جي پرنسپالن کي تبديل ڪيو ويندو رهيوآهي، جڏهن ته ٻيا انتظامي عهدا پڻ  تبديل ٿيندا پيا اچن جنهن تحت گذريل 18 مهينن ۾ چانڊڪا ڪاليج ۾ پرنسپال طور ڊاڪٽر سيف الله ڄامڙو، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ڊاڪٽر اسد الله مهر، ڊاڪٽر شير محمد شيخ کي پرنسپال مقرر ڪيوويو آهي ۽ تازو 10 ڏينهن اڳ ڊاڪٽر اسدالله مهر ۽ وائيس چانسلر جي تڪرار ٿيڻ بعد اسد الله مهر کي هٽائي ڊاڪٽر شير محمد شيخ کي پرنسپال مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته وائيس پرنسپال طور ڊاڪٽر شير محمد شيخ، ڊاڪٽراڪبر سومرو، ڊاڪٽر عبدالرشيد پٺاڻ  کي هٽايو يو آهي ۽ هن وقت ڊاڪٽر ڪي داس کي مقرر ڪيو ويو آهي جتي ڊاڪٽر اسدالله مهر جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري ورتي هئي، جنهن جي جاچ پڻ حساس ادارا ڪري رهيا آهن،

هلندڙ انڪوائري دوران ڊاڪٽر اسدالله مهر پاڻ بچائڻ جي لاءِ پنهنجي عهدي چانڊڪا ميڊڪل ڪاليج واري عهدي پرنسپال تان استفيٰ ڏني. ڊاڪٽر اسد الله مهر جي ڪروڙين رپين جي گڏ ڪيل ملڪيت جنهن ۾ لاڙڪاڻو۾ نئون ديرو روڊ تي هڏن واري اسپتال شامل آهي، ان کانسواءِ هڏن جي دوائن جي ڪمپنين ۾ حصيداري ۾مختلف ادارا جاچ ڪري رهيا آهن. جڏهن ته موجوده وائيس چانسلر غلام اصغر چنو کان اڳ ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلرڊاڪٽر اسد الله مهرمقرر ٿيل هو جنهن پڻ اداري کي تباهي ڪنڌي تي پهچائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايوهو اهڙي صورتحال ۾ اختيار ڌڻين ڊاڪٽر اسد الله مهر کي هٽائي سندس ويڪينٽ پوسٽ تي وي سي طور غلام اصغر چنو کي مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد ڊاڪٽر اسدلله مهر يونيورسٽي ۽ ڪاليج اندر پنهنجي لابي جي مدد سان مختلف هٿراڌو بحران پيدا ڪرايا ۽ هڪ ٻئي خلاف الزامن واري سياست ۽ ڪرسي جي لاءِ رسا ڪشي شروع ڪئي جنهن ڪري يونيورسٽي ۽ ڪاليج کي سخت نقصان رسيو، جڏهن ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪالج اندر اسٽريٽ لائيٽ جو نظام مڪمل طور تي تباه ٿيڻ سان گڏو گڏ هاسٽلن ۾ گٽرن جو پاڻي اٿلي پوڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جو ناقص انتظام معمول بڻجڻ سان گڏ ليڊي ڊاڪٽر جي هاسٽل ” مارئي هاسٽلن“ مان ڪيترائي ڀيرا ناگ ۽ بلائن جو نڪرڻ پڻ معمول بڻجڻ لڳو آهي اهڙي طرح سان رولو ڪتا پڻ چانڊڪا ميِڊيڪل ڪالجي توڙي استپالن ۾ عام جام گهمي رهيا آهن، اهڙي ساڳي ئي صورتحال غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي پڻ آهي جتي پرنسپال طور ڊاڪٽر غلام قادر ڪهيريءَ هٽائي ان جي جاءِ تي ڊاڪٽر ابرار شيخ کي مقرر ڪيو ويو، جتان وري ڊاڪٽر ابرار شيخ کي هٽائي پنهنجي من پسند پرنسپال ديوان هريش کي مقرر ڪيو ويو آهي. پي ايم ڊي سي جي حڪم کان اڳ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر ۾ تقريبن هڪ سئو شاگرد داخلائون وٺي ڊاڪٽر بڻجندا رهيا آهن ۽ هن سال سکر ڊويزن سان لاڳاپيل هڪ سئوميڊيڪل جا شاگرد پنهنجي مقرر ڪيل ڪوٽا تحت داخلائون وٺي نه سگهندا، سن 2003ع دوران غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هن وقت تائين 8 بئچ تائين جا شاگرد طب جي تعليم حاصل طبي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن پر پي ايم ڊي سي جي جاري ٿيل حڪم نامي بعد هلندڙ سال شاگردن جو مستقبل رولڙي جو شڪار ٿي ويو، جنهن لاءِ سنڌ جو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه،  وائيس چانسلر اصغر علي چنه ۽ ديوان هريش ڪمار ذميوار آهن. اهڙي معاملي سامهون اچڻ بعد سنڌ جي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي غلام اصغر چنو کي ڇنڊ پٽيندي چيو آهي ته توهان ٻنهي جي نااهلي جي ڪري ٺهيل ادارا تباهه ٿي رهيا آهن!!!!….. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اندر تازو ٿيندڙ امتحان وٺڻ کان استادن انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو سبب اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته وائيس چانسلر جي نااهلي سبب اڳئين سال ۾ ٿيل امتحانن جو اجورو استادن کي نه ملي سگهيو آهي. اهڙي طرح سان سان شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يوينورسٽي جي سليڪشن بورڊ وسيلي 32 ڊاڪٽرن کي پروفيسر طورترقيون ڏنيون ويون آهن، تنهن ۾ پڻ اقرباپروري، ڪرپشن جا انڪشاف پڻ سامهون آيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي مقرر ڪيل سليڪشن بورڊ ۾ ڪنهن به حاضر سروس جج کي شامل نه ڪيو ويو هو،

جڏهن ته سليڪشن بورڊ جي ميمبر طور ڊاڪٽر قمر بلوچ ۽ ڊاڪٽر رزاق شيخ کي ڪراچي ۽ حيدرآباد کان گهرايو ويو هو، جن سليڪشن بورڊ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان اڳ هڪ رات پهرئين سکر ۾ ڊاڪٽر غلام حيدر رند جي ميزباني هيٺ رات جي ماني کاڌي هئي ۽ صبح جو سليڪشن بورڊ جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيا هئا ان ميٽنگ ۾ سکر ۾ ميزبان بڻيل ڊاڪٽر غلام حيدر رند سميت ٻيا شرڪت ڪندڙ ڊاڪٽرن کي سليڪشن بورڊ جي فيصلي ۾ پروفيسر بڻايو ويو. رشوت ۽ اقربا پروري عروج تي پهچڻ سبب غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي سليڪشن بورڊ خلاف 6 درخواستون / پٽيشن پڻ سکر هاءِ ڪورٽ ۾ ۽ ٻه پٽيشن لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ ۾ ڪاليج جي استادن جمع ڪرائي انصاف گهري ورتو آهي. خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسرن کي بدلي ڪرڻ سبب ڪاليج جي فئڪلٽيون پروفيسرن کان خالي ٿي ويون، جنهن ڪري مهر ميڊيڪل ڪاليج تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. هاڻي به جيڪڏهن بدلي ڪيل پروفيسر واپس گهرائي پنهنجي اصلي جاين تي موڪليا وڃن ته فئڪلٽيون مڪمل ٿي سگهن ٿيون جنهن سان سکر جي ميڊيڪل ڪاليج تباهي جي ڪنڌي تي پهچي سگهي ٿو. لاڙڪاڻو جي چانڊڪا ڪاليج کي تباهي جي ڪنڌي تي آڻيندڙ پرنسپال اسد الله مهر ۽ وائيس چانسلر غلام اصغر چنو خلاف انڪوائريز جي لاءِ نيب ۽ رينجرز جي هٿان سخت انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ طب جي شعبي اندر ڪم ڪندڙ تعليمي ادارن ۾ ٿيل مالي بدعنوانين ۾ ملوث بدعنوان ۽ بد ڪردار چهرن کي وائکو ڪيو وڃي ۽ ادارن کي تباهه ڪندڙن کان لٽ ڦر ڪيل دولت واپس ڪرائي وڃي ۽ انهن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن ته سنڌ جا ادارا هڪ ڀيرو وري پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪري سگهندا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *