تان جو واهڙ پون وهي: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

جيئن ۽ جيتري سهڻي سنڌ، اوترا وري هن عظيم مٽيءَ جا ماڻهون مکڻ ۽ ماکي. نه سندن سونهن جو ڪو انت ۽ نه وري ڪا قربن جي ڪمي. ايڏيءَ  ۽ اهڙيءَ سونهن باوجود اسان جون حالتون سهڻيون ڇو نه ٿيون ٿين؟ ماروئڙن جي منهن تي مرڪون ڇو نه ٿيون اچن؟ بک ۽ بيروزگاري ختم ڇو نه ٿي ٿئي؟

قبول ڪيوسين ته پنهنجا ذريعا ۽ وسيلا پنهنجي هٿ نه آهن. مڃيوسين ته ظلم ۽ زيادتي جو ڪو انت ئي ڪونهي. اهو به تسليم ڪيوسين ته رشوت ۽ اقربا-نوازيءَ لائقن کان لولي کسي ورتي آهي. پر انهيءَ سموريءَ صورتحال تي ڪنهن ٻئي پاسي کان به ڏسي سگهجي ٿو. جيڪو اسان پاڻ ڪري سگهون ٿا، اهو ته اسان کي ڪرڻ گهرجي. اسان جا جيڪي حق آهن، اهي هر حالت ۾ وٺڻ گهرجن. پر پاڻ کي پنهنجن حقن کان ته پاڻ مرحوم نه ڪيون.

اڳي هڪ مثال ڏيندا هئا ته ڪنهن منهن ڀيلي ماڻهوءَ کان ڪنهن پڇيو ته” منهن ڇو نه ٿو ڌوئين؟“ جواب ۾ چييائين ته غريب آهيان“. اها کلائيندڙ منطق اسان جي ورقن ۽ سينن ۾ ان ڪري محفوظ نه ٿي ته ڏند ٽڙي اجايو ٽهڪ ڏيون. اسان جي سپورنجهن سوچيو هئو ته قومن تي اهڙا به ڏينهن ايندا آهن جو ماڻهن جون متيون منجھي وينديون آهن ۽ انهن کي فقط بي جاءِ جوازن ۽ ڪوڙن بهانن تي ڳنڍ ٻڌي پاڻ کي سماجي پريشر ۽ منطق کان بچائڻو پوندو آهي.

سنڌ هن وقت ٻن بحرانن مان گذري آهي. هڪڙو آهي خارجي بحران جنهن سنڌ جي جاگرافيائي تشخص، معاشي تحفظ، امن ۽ امان کي پنهنجي نرغي ۾ ورتو آهي. ٻيو آهي داخلي بحران، جيڪو اسان کي اندران اندران پورو ۽ کوکلو ڪندو پيو وڃي. خارجي بحران واري محاذ تي ته اسان جا اڻ ڳڻيا هر اول دستا موجود آهن، پر داخلي بحران تي جهڙوڪه ڪاريءَ وارا ڪَکَ لڳا پيا آهن.

اسان پير وڏيري ۽ سياستدان کي ته جائز طور خارجي بحران ۾ ڌارين جو ساٿي ۽ پنهنجن جو دشمن سمجھون ٿا، ليڪن اسان مان هر هڪ جي اندر ۾ جيڪي سوين پير ۽ وڏيرا ويٺا آهن، انهن جي وري پالنا ڪريون ٿا. جيڪو گناهه پير ۽ وڏيرو پنهنجي قومي عمل ذريعي ڪري ٿو، سو بلڪه ان کان اڳرو گناهه اسان پنهنجي سوچن  روين سان ڪيون ٿا.ذات پات ۽ رنگ نسل جو زهر ته پيرن ۽ وڏيرن ٺاهيو، پر ان تي حڪمت اسان پيا ڪيون. مٿئين  طبقي ۾ ڪارو ڪاريءَ تي قتلام جا واقعا نه ٿا ٿين، پر ماڻهن مارڻ جو اهو ڪڌو ڪم اسان فخر سان ڪيون ٿا. ٻهراڙين ۾ وڃي ڏسو ڳوٺن گهرن جا گهر مائيون پيون هلائن. سندن مڙس ۽ مائٽ مڇيون وٺي وچ بازار ۾ ائين ٻٽاڪ هڻندا جهڙوڪه ملڪ جا والي هجن. عورت-ذات تي ٿيندڙ اهڙي معاشي ظلم زيادتيءَ جو اڃا ڪيترن نوٽيس ئي نه ورتو آهي. آهي ڪو اسان مان جيڪو هنن حوالي پانڊن کي سنواري سڌاري ماڻهو بڻائي ۽ مٿن پنهنجا گهر هلائڻ جو ڦيڻو پڙهي؟

بي روزگاري آهي ۽  ان کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي. پر ڇا هيءَ حقيقت ڪانهي ته اسان ان ڪري سرڪاري نوڪريءَ وٺڻ تي ضد ڪندا آهيون جو اُتي پڇاڻو معاف آهي. جنهن معاشري ۾ استادن ۽ ڊاڪٽرن جي اڪثريت گوسڙو بڻجي مفت ۾ پگهار کڻن، اتي هر ڪنهن جي دل ڪيئن نه ڪڍندي ته مفت خوريءَ جا مزا وٺجن؟

اڳي چوندا هئا ته”اتم کيتي، وڌندڙ واپار ۽ نيچ نوڪري“. هاڻي جيڪڏهن کيتي ڪن ته اسان جا پوڙها مائٽ،  جيڪڏهن واپار جي ڳالهه ڪبي ته نوجوانن کي بڇان وٺي ويندي ته اسان ڪو ان لاءِ پڙهيوسين ڇا ته هٽ-واڻيا ٿيون؟ ان ڪري هاڻي اسان جون مائرون ڪنهن پير فقير، پروءَ يا بينظير جي مزار تي مٿو ٽيڪي پٽ جي اولاد لاءِ پنديون ۽ ابا وري ڪنهن ننڍيري وڏيري جي اوطاق جون پيا مٽيون ڀريندا ته من پٽ کي ڪا سرڪاري نوڪري ملي وڃي.ان ڪري اسان جيڪي ڊاڙون هڻون ٿا ته سنڌ ۾ خوش حاليءَ جا واهڙ وهائڻ لاءِ سندرا ٻڌي نڪتا آهيون، انهن کي واندن ۽ مفت خورن لاءِ به سوچڻ ۽ لوچڻ گهرجي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *