بلدياتي چونڊن کانپوءِ سنڌ جي سياسي صورتحال: اسحاق سومرو

سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن ستن مرحلن کان پوءِ بالآخر اختتام تي پهچي ويون. سنڌ ۾ 2013 جي اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۽ ايم ڪيو ايم جي واضح ڪاميابي جي ٺيڪ اڍائي سالن کانپوءِ به ٻنهي پارٽين ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ واضح اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي.

سنڌ جي 29 ضلعن مان 24 ضلعن جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شپ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کي مڪمل ڪاميابي ملي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن، حيدرآباد، ميونسپل ڪارپوريشن، ۽ ميرپورخاص ۾ ڪاميابي ملي. جڏهن ته پوري صوبي ۾ ٽين نمبر تي مسلم ليگ (فنڪشنل) چوٿين نمبر تي مسلم ليگ (ن) ۽ پنجين نمبر تي جمعيت علماء اسلام (ف) کي ڪائونسلرن ۾ ڪاميابي ملي.

ٻين پارٽين پاڪستان تحريڪ انصاف، قومپرست پارٽين ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ ۽ قومي عوامي تحريڪ کي بدترين شڪست ملي. ايستائين جو ٽنهي جماعتن جي مرڪزي آَفيسن واري علائقي قاسم آباد ۾ کين هڪ ڪائونسلر تي به ڪامياب نه ملي سگھي.

پاڪستان جي تاريخ جون هي پهريون سياسي بنيادن تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ سموريءَ سنڌ ۾ 22 هزار 4 سؤ 80 ڪائونسلرن کان وٺي چيئرمين، وائس چيئرمين، ميئر، ڊپٽي ميئرن سميت عورتن، نوجوانن، اقليتن ۽ هارين، مزدورن جي سيٽن تي سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ ليڊرن کي سنڌ جي لکين ماڻهن طرفان ووٽ جي ذريعي چونڊيو ويو.

اليڪشن جي نتيجن مان مجموعي طور تي پوري سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ سيٽن تي پنهنجي پارٽيءَ ورڪرن کي چونڊائڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ به سنڌ جي عوام جي اڪثريتي پارٽي آهي. ياد رهي ته بينظيرآباد (نواب شاهه) شهر ۾ پهريون دفعو ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين ۽ نائب چيئرمين شپ تي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جا اميدوار چونڊيا ويا. ٻئي طرف مسلم ليگ (ف) کي خيرپور ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ به شڪست، ٿر ۾ اربابن، نوشهري ۾ جتوئين، لاڙڪاڻي ۾ ممتاز ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ عوامي اتحاد ۽ ٺٽي جي شيرازين جي غير متوقع حد تائين ناڪاميءَ، انهيءَ تاثر کي پڻ رد ڪري ڇڏيو ته سنڌ ۾ وڏيرن ۽ برادرين جو ووٽ آهي، ڇو ته اهي ماڻهو به مٿئين ڪلاس سان واسطو رکن ٿا. جڏهن ته پوريءَ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ڪائونسلر کان وٺي ضلع سطح تائين ڪاميابي مان ظاهر ٿيو ته سنڌ جو عوام هميشه جيان ووٽ هڪ ئي پارٽيءَ يعني پ پ کي ڏئي ٿو. سندس مخالفت ۾ پوري سنڌ ۾ پراڻا جاگيردار، وڏيرا ۽ روايتي مخالف سياسي پارٽيون ۽ بااثر فرد اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا هئا پر کين خاطر خواه ڪاميابي نصيب نه ٿي. ڪراچي جي ٻن ضلعن ۽ باقي ٻين 23 ضلعن ۾ ضلع چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين تي پ پ جي ڪاميابيءَ پ پ مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون.

سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هن بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ جي قوم پرست پارٽين جي بري شڪست مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سندن ڪوبه مستقبل ناهي. سنڌ جون قوم پرست پارٽيون ڪائونسلر کٽائڻ جي پوزيشن ۾ به نه آهن، هو صرف هڪ پريشر گروپ جي حيثيت رکن ٿيون.

ٻئي طرف جتي مسلم ليگ (فنڪشنل) جي ڪارڪردگي مايوس ڪن آهي، اتي حيرت انگيز طور تي جمعيت علماء اسلام فضل الرحمان گروپ جي پوري سنڌ ۾ 300 کان وڌيڪ ڪائونسلرن کٽي اچڻ، سنڌ جي سياست ۾ هڪ نئين صف بندي ٻڌائي پئي وڃي. اهڙي ڪاميابي جو سهرو شهيد خالد محمود سومرو جي ٻن پٽن راشد محمود سومرو ۽ ناصر محمود سومرو ڏي وڃي ٿو. امڪان آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ جي ڪجھ سيٽن تي بحيثيت پارٽيءَ جي، جي يو آءِ مقابلي جي پوزيشن ۾ اچي سگھي ٿي.

سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کان پوءِ هڪ مذهبي جماعت جو خاص طور تي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ تيزي سان اڀرڻ گھٽ ۾ گھٽ قوم پرست پارٽين لاءِ وڏو چئلينج آهي، جيڪي سنڌ ۾ هڪ مذهبي جماعت جي 10 سيڪڙو جيترا ووٽ ۽ ڪائونسلر به کٽائي نه سگھيا. سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن جي آيل نتيجن کانپوءِ پ پ جي واضح ڪاميابيءَ جا آفٽر شاڪس، بلدياتي اليڪشن جي آخري مرحلي توڙي نئين وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه جي وزيراعليٰ طور اعتماد واري ووٽ وٺڻ جي موقعي تي چٽا ٿي سامهون آيا آهن. شڪارپور ۾ مسلم ليگ ”فنڪشنل“ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر غوث بخش مهر ۽ سندس پٽ شهريار مهر جي ضلعي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين تي پ پ جي حمايت ڪرڻ ۽ شڪارپور شهر مان مسلم ليگ (ف) جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيل صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ وزيراعظم جي بنا کاتي واري صلاحڪار امتياز شيخ جي پيرپاڳاري واري پارٽيءَ تان استعيفا ڏئي پ پ ۾ شامل ٿي ٻيهر اليڪشن ۾ حصو وٺڻ، پيرپاڳاري واري پارٽيءَ لاءِ سخت ڌچڪو آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻي جي ممتاز علي ڀُٽي ڪاوڙ ۾ اچي نه رڳو نوازشريف جي پارٽيءَ کي الوداع ڪيو پر پنهنجي پٽ امير بخش ڀُٽي کي وزيراعظم جي صلاحڪاريءَ تان استعيفيٰ ڏياري ۽ سنڌ ۾ پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ کي هڪ دفعو ٻيهر بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. موري جي جتوئين 2013 جي اليڪشن کانپوءِ ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجي نوشهري ضلع ۽ خاص طور تي موري شهر مان بدترين شڪست کاڌي، جيڪا جتوئي برادران کي موري شهر ۾ ”109“ سالن کانپوءِ پهريون دفعوشڪست آهي.

وفاقي وزير براءِ بيروني ملڪ مرتضيٰ جتوئي جي سوٽ عاقب خان جتوئي سنڌ جي نئين وزيراعليٰ سيد مراد شاهه کي نه رڳو ووٽ ڏنو پر هن ان موقعي تي چيو ته سندس پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان هاڻي ڪوبه واسطو نه آهي. ٻئي طرف غير اعلانيه طور تي مرتضيٰ جتوئي جي ننڍي ڀاءُ ۽ اڳوڻي صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي موري جي شهر ۾ نيشنل پيپلز پارٽيءَ جي جھنڊي واري ٽوپي پائي ماڻهن سان ملاقاتون ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٺٽي جي اعجاز شاهه شيرازيءَ جو وزيراعليٰ مراد علي شاهه کي ووٽ ڏيڻ به ظاهر ڪري ٿو ته شيرازي به شايد بنا ڪوٺ جي ايندڙ ڏينهن ۾ پ پ جي مضبوط قلعي ۾ ويٺل هوندا.

سنڌ جي ڏهيسر ۽ ٻه دفعا وزيراعلي رهندڙ لاڙڪاڻي جي سردار ممتاز علي ڀُٽي پنهنجي سنڌ نيشنل فرنٽ کي بحال ڪرڻ کان اڳ هڪ سنڌي TV چينل کي انٽرويو ۾ وزيراعظم نواز شريف کي ميار ڏيندي چيو ته هن سڄي سنڌ زرداريءَ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن کانپوءِ کيس رائيونڊ گھرائي 72 طعام کارايا.

نواز شريف سنڌ ۾ نه ته ممتاز ڀُٽي، شيرازين کي سنڀالي سگھيو پر هو ڪراچيءَ مان مسلم ليگ (ن) جي سيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچ کي به نه سنڀالي سگھيو ۽ ان به پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي. ساڳئي طرح پير پاڳاري واري پارٽي وري شڪارپور جي غوث بخش مهر ۽ امتياز شيخ کي به وڃائي ڇڏيو. وڃائي ته تحريڪ انصاف پنهنجي ڪراچيءَ مان چونڊيل ميمبر حفيظ الدين کي به ڇڏيو آهي، جنهن نه رڳو تحريڪ انصاف تان استعيفا ڏئي ڇڏي پر پاڪ سرزمين پارٽيءَ ۾ وڃي شموليت اختيار ڪئي. جتي ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ، حيدرآباد، ميرپورخاص، جون ميئر ۽ ڊپٽي ميئر واريون سيٽون ته حاصل ڪري وئي پر اڄڪلهه پارٽي پنهنجي تاريخي بحران مان گذري رهي آهي. پارٽيءَ جي ڪيترن ئي اسيمبليءَ ميمبرن پاڪ سرزمين پارٽيءَ ۾ محفوظ پلڙو ڏسي وڃي ان ۾ پناهه ورتي آهي. دلچسپ ڳالهه ته ايم ڪيو ايم وارا پنهنجي قائد الطاف حسين جو نالو وٺڻ کان به ائين لهرائين ٿا جيئن گنجو پاڪيءَ کان لهرائي.  جتي سنڌ ۾ پ پ جي مضبوط پوزيشن ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ زبردست ڪاميابيءَ پارٽيءَ جي مقبوليت جي نشاندهي ڪري ٿي، اتي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ف)، نواز ليگ ۽ قوم پرست پارٽين جي ناڪامين جو فائدو سنڌ ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کي ئي ٿيندو.

ياد رهي ته صوبي خيبر پختونخواهه جي 29 ضلعن مان پاڪستان تحريڪ انصاف صرف 14 ضلعن ۾ ضلع ناظم ۽ نائب ناظم چونڊائي سگھي آهي، جڏهن ته 15 ۾ پي ٽي آئي مخالف ناظم ۽ نائب ناظم آهن پر سنڌ ۾ پ پ طرفان وڏي پيماني تي ڪاميابي ۽ 19 هزارن کان به مٿي پارٽيءَ جي ورڪرن ۽ همدردن کي ڳوٺ ۽ يونين ڪائونسل کان وٺي ضلع چيئرمين تائين چونڊائي، سنڌ جي سطح تائين ثابت ڪيو آهي ته اڄ به پاڪستان پيپلزپارٽيءَ هيٺين سطح تائين مضبوط ترين پارٽي آهي، جڏهن ته سندس مخالف جماعتون خاص طور تي مسلم ليگ نواز، مسلم ليگ (ف)، ايم ڪيو ايم توڙي پي ٽي آءِ ٽوڙ ڦوڙ ۽ اندروني اختلافن جو شڪار آهن. پ پ جي مخالفت ۾ ٺهندڙ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس به هاڻي وڃي پيرپاڳاري جي پارٽيءَ جي صدرالدين شاهه، مهتاب اڪبر راشدي، ارباب غلام رحيم توڙي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجي تائين محدود ٿي ويو آهي. سنڌ جي جاگيردارن جي پارٽيون بدلائڻ واري پراڻي عادتن توڙي اڀرندڙ سج جي پوڄارين واري سياست تي گهري نظر رکندڙ سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ جيڪي ٺيڪ 18 مهيني کانپوءِ ٿي رهيون آهن، انهن ۾ موري جا جتوئي، شڪارپور جا مهر، ۽ ٺٽي جا شيرازي پ پ جي مضبوط ٻيڙيءَ جا سوار هوندا ۽ هڪ دفعو پنهنجيون پارٽيون، وفاداريون ۽ ضميرن کي تين وال ڪندا ۽ پ پ وري پنهنجي روايتي سياست کي برقرار رکندي، سنڌ جي عوام طرفان رد ٿيل لوٽن کي پنهنجي جهولي ۾ پناهه ڏيندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *