بلدياتي چونڊن جو ٻيو مرحلو ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن جو ڪردار: مظهر خاصخيلي

سنڌ جن حالتن مان گذري رهي آهي ان مٿان جيڪڏهن نظر ڦيرائبي ته خبر پئجي ويندي ته لطيف ۽ سچل جي امن پيار ڀائيچاري واري سنڌ اندر جنهن نفرتن جنم ورتو آهي اهي پيدا ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي ماضي واري سنڌ جنهن ۾ مان ڏنو ويندو هو ۽ مان ورتو ويندو هو اڄ اها سنڌ ڇا ائين ڪجهه ڏينهن اندر نفرتن جو جيڪو روپ اختيار ڪري وئي آهي اهو سڀ ڪجهه پاڻ مرادو ٿيو آهي يا ان صورتحال کي پيدا ڪرائڻ ۾ ڪن ڌرين جو هٿ آهي ان پاسي سوچي سمجهي ڪجهه سوچڻ جي لاءِ جيڪڏهن ڪجهه گهڙيون هن هلندڙ نفسا نفسي واري دور ۾ ڪڍي صرف سنڌ ۽ ان جي اصل ڌرتي ڌڻين سنڌين جي باري ۾ سوچ ويچار ڪبو ته ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀري ايندا ۽ هر هڪ سوال ۾ وري ٻيا کوڙ سارا ڪيترائي سوال جنم وٺي سامهون نڪري ايندا جن جا جواب به خود هڪ سوال هوندا اهڙي صورتحال جي ڪري سنڌ جي هر سمجهه ۽ سوچ رکندڙ فرد کي اڳتي اٿي اچڻو پوندو ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم انتهائي ايمانداري ۽ سچائي سان ڪرڻو پوندو ڇو ته جنهن نموني سان 19 نومبر تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي واري اليڪشن جي حوالي سان ميڊيا تي جيڪي انتهائي خوفناڪ بيان ڪجهه پارٽين جي سربراهن جا سامهون اچي رهيا آهن انهن ۾ خاص ڪري پ پ کان بغاوت ڪري باغي بڻيل ذوالفقار مرزا جنهن انداز سان اها ڳالهه ڪري رهيو آهي ته سندس هڪ حامي کي جيڪڏهن ماريو ويو ته ان جي بدلي ۾ هو 10 پ پ وارن جا ماڻهو ماريندو اها ڳالهه ڪا ننڍڙي ناهي ان سان جيڪا سنڌ اندر باهه ٻرندي ۽ ان سان گهرو ويڙهه به شروع ٿي سگهي ٿي پوءِ ان کي ختم ڪير ڪرائيندو ۽ ٻريل باهه کي ڪير وسائيندو. ان جي ڪري اسان سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي کان وٺي پنهنجيون اکيون کولي رکڻيون پونديون ۽ سمورن پ پ جي اڳواڻن ۽ انهن سان اليڪشن وڙهندڙ ٻين پارٽين جي سربراهن مسلم ليگ ف جي پير پاڳاري سميت ڪجهه خانداني اتحادي ارباب شيرازين، جتوئين ۽ ٻين اڳيان سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي اهو سوال رکڻ گهرجي ته اها جيڪي به اليڪشن جي سياست ڪري رهيا آهيو اوهان هن وقت تائين سنڌ ڌرتيءَ جي رهواسين کي ڪجهه به ناهي ڏنو ۽ نه ئي وٺي ڏئي سگهيا آهيو اوهان سدائين سنڌ مٿان هڪ ٻئي جي پويان حڪمراني ڪئي آهي اوهان ئي سنڌ جي موجوده حالتن ۽ مسئلن جا ذميوار آهيو پوءِ ڇو نه سنڌ جا اهي ڀڳل ٽٽل روڊ هجن يا وري اسپتالن ۾ مٿي جو سور کان پيٽ جي سور تائين نه ملندڙ هڪ روپئي واري ٽڪي هجي يا وري اهي اسڪول جن کي هن وقت تائين چوديواريون ناهن اچي سگهيون ۽ اتي پڙهندڙ شاگردن جي هنگڻ مٽڻ جي به جاءِ ناهي ٺهي سگهي هي جيڪا سنڌ تباهي جو منظر ڏيکاري رهي آهي ان کي ڪنهن ٻاهران اچي اهڙي حال ۾ ناهي پهچايو ان صورتحال جا ذميوار جتي پيپلزپارٽي جا چونڊيل ايم پي ايز وزير آهن ته اتي اوترائي فنڪشنل ليگ سان واسطو رکندڙ ايم پي ايز ۽ اڳواڻ آهن ۽ اهي خانداني ڀوتار جيڪي شيرازي، ارباب، مهر، جتوئي ۽ ٻيا ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهايل هڪ ٻئي جي سياسي ڏنڊا پٽ ڪندڙ آهيو. اوهان ته هن وقت تائين سنڌ ڌرتيءَ جي ڪنهن به اجتماعي مسئلي تي ڪو به اهڙو احتجاج ناهي ڪيو ۽ نه ئي سنڌ کي ناڻي ۽ پاڻي سميت وسيلا وٺي ڏئي سگهيا آهيو پر اوهان جا پنهنجا انفرادري مفاد آهن جن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اوهان سنڌ اندر اهڙيون حالتون پيدا ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيو ۽ اوهان جي پويان لڳي ٿو ته انهن ساڳين سگهارين ڌرين جو هٿ آهي خاص ڪري پنجاب سان واسطو رکندڙ انهن سرمائيداريءَ وارو ذهن رکندڙ پنجابي ڪامورن ۽ سياستدانن جو جيڪا سالن کان وٺي سنڌ جي وسيلن جي ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪندا ٿا اچن ۽ شايد اهو ئي سبب آهي ته 19 نومبر تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي کي ڪٿي رتوڇاڻ بڻائڻ جي لاءِ ڪو منصوبو نه جوڙيو ويو هجي الله تعاليٰ سمورين سياسي اڳواڻن کي سمجهه ۽ عقل ڏيندو ڪير ڪنهن جي ٻچڙن جو دشمن نه ٿيندو ۽ بلدياتي اليڪشن جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان اميدوار بيٺل آهن انهن کي به اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هر يوسي يا ٽائون اندر بيهندڙ ڪائونسلر ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر کان وٺي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين تائين جيڪي هڪ ٻئي سان مقابلي ۾ بيٺل آهن انهن مان هڪڙو ڪامياب ٿيندو ۽ ٻيو هارائيندو ٿيڻ ته ائين گهرجي ته جيڪو اليڪشن ۾ هارائجي وڃي ٿو اهو کٽي ايندڙ کي مبارڪون ڏئي ۽ کيس چوي ته جيڪڏهن تون پنهنجي علائقي جي ماڻهن جا ڪم نه ڪرائيندي ته هو سندس سخت مخالفت ڪندو ۽ ماڻهن کي هن جي خلاف ٻاهر روڊ رستن تي وٺي ايندو پر اهو سڀ ڪجهه ته انهن ملڪن اندر ٿيندو آهي جتي ادارا جڙيل هوندا آهن هتي ته ڪو به اهڙو ادارو جڙيل ناهي جنهن جي مٿان آڱر نه کڻي سگهجي. سڀ ڪجهه تباهه لڳو پيو آهي شايد ان جي ڪري اسان وٽ هاڻي اها رسم بڻجي وئي آهي ته هر اليڪشن ۾ نتيجا اچڻ کان پهريان هارائيندڙ اميدوار دانهو شروع ڪري ڇڏيندو آهي ته هن سان ڌانڌلي ڪئي وئي آهي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اها همٿ ڪري سچ ناهي ڳالهايو ته عوام انهن کي ووٽ ناهي ڏنو يا وري انهن پاران بيهاريل اميدوار نااهل ۽ ڪمزور هئا ايندڙ اليڪشن ۾ وڌيڪ محنت ڪندا ۽ عوام ۾ مقبوليت رکندڙ ڀلي ڪردار ۽ قول ۽ فعل جي پڪن اميدوارن کي ميدان ۾ ٻيهر لاهيندا اهو سڀ ڪجهه ڪنهن به سياسي پارٽي جو سربراهه همٿ ڪري چوڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ شايد ان جو به سڀ کان گهڻو سبب اهو آهي ته انهن سياسي پارٽين جي سربراهن کي به اهو سبق مليل آهي ته اوهان کي هينئن بيان ڏيڻو آهي يا وري انهن کي اها خبر آهي ته اسان وٽ جيڪو به اقتدار ۾ هوندو آهي ان جي مرضي آهي ته ڪنهن به اداري جي آفيسر کي ڪنهن وقت به استعمال ڪري انهن ادارن جي آفيسرن ۾ اها همت ۽ جرئت ناهي جو هو انهن پارٽين جي سربراهن يا وري چونڊيل نمائندن کي جواب ڏئي اهو چون ته هو ڪو به اهڙو غير قانوني يا غلط ڪم نه ڪندا جنهن سان سندن ساک ۽ ادارو بدنام ٿيندو هجي اهو سڀ ڪجهه انهن ملڪن اندر هلي ۽ ٿي رهيو آهي جتي انصاف ۽ عدل جي حڪمراني آهي اتي جو قانون هر مير، پير، ڀوتار ۽ وزير جي لاءِ اوترو برابر آهي جيترو ڪنهن مسڪين شهريءَ پوءِ اهو ڪهڙو به ڪاروبار دوڪان هلائيندو هجي يا وري ڪنهن به هوٽل تي پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هجي انهن سڀني لاءِ قانون برابر هوندو آهي ۽ ان قانون جي ڪير به ڀڃڪڙي ناهي ڪري سگهندو اهو ان جي ڪري انهن ملڪن اندر ٿئي ٿو ته اتان جا ادارا ايترا سگها ۽ مضبوط آهن پر پاڻ جنهن ملڪ اندر رهون ٿا اتي ته موراڳي سرعام خون ڪري ايندڙ جوابدار پئسا ڏيو ڪجهه ڏينهن اندر ٻاهر آزاد گهمندا ڦرندا رهن ٿا ۽ انهن ساڳين ماڻهن آڏو فخر ۽ ٽرڙائپ واري انداز سان ٻانهون لوڏي گهمندي چون ٿا ته هنن انهن جي پيءُ، ڀاءُ، ماروٽ، ماسات، ڦڦاٽ يا وري ڪنهن رشتيدار کي قتل ڪيو آهي هنن کيس ڇا ڪيو؟ ۽ ان جو عمل اهو ورجايو ويندو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي دل سان قانوني جنگ وڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ قلم وسيلي گهڻو ڪجهه لکي ادارن ڏانهن ٽيليگرام ۽ درخواستون موڪليندا آهن پوءِ مجبور انهن هٿن ۾ اهي ماڻهو هٿيار کڻي انهن ظالمن کي اهڙي ئي ظلم جو جواب ڏيندا آهن جيڪو اڄڪلهه اسان ۽ اوهان جي آڏو ٿي ۽ هلي رهيو آهي اهو سڀ ڪجهه اهڙي ظالماڻي سماج جو نتيجو آهي ۽ ان جي ڪري ڪير ڪنهن کي جهلڻ پلڻ وارو ناهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته اڄ اسان وٽ ٿيندڙ موجوده بلدياتي چونڊن دوران جيڪي 31 آڪٽوبر تي ٿي گذريون آهن انهن ۾ گهڻي ڀاڱي اهي ڏوهاري ماڻهو به چونڊجي آيا آهن جن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن اهي صحيح آهن يا غلط انهن جو فيصلو ته هتان جي عدالتن کي ڪرڻ گهرجي پر اسان وٽ سالن جا سال ڪيس هلندا رهن اتي ماڻهو باغي نه ٿيندا ته ٻيو وري ڇا ٿيندا ۽ اهو وري ڪٿان جو انصاف آهي جيڪڏهن مان اها ڳالهه لکان ته پنهنجو پاڻ کي ساڃاهه وند ۽ سنڌ دوست سڏائيندڙ ڌريون وڏي فخر سان اها ڳالهه ڪن ته سنڌ اندر موجوده صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ صرف پيپلزپارٽي جي ستن سالن واري حڪومت ذميوار آهي ته اهو ڪهڙو سچ چئبو ۽ اهي سنڌ جا ماڻهو انهن ڌرين مٿان ڪاوڙ ڪرڻ جو حق رکن ٿا جن جو خيال آهي ته 65 سالن اندر هن ملڪ اندر جنهن نموني سان سنڌ سميت موجوده ملڪ جي جيڪا حالت ڪئي وئي آهي ان جي ذميواري پيپلزپارٽي کان وڌيڪ انهن ڌرين مٿان لڳائي سگهجي ٿي جيڪي پردي پويان ويهي پنهنجو پاڻ کي سگهاري قوت سمجهڻ سان گڏ اهڙا عمل ورجائيندا آهن جو سنڌ مٿان ڪڏهن ڄام صادق جهڙو وزيراعليٰ ته ڪڏهن لياقت جتوئي ته وري ڪڏهن ارباب رحيم جهڙو وزير مڙهي ڪجهه مٺ جيترن خانداني وڏيرن کي گڏي ايم ڪيو ايم کي ڄڻ ته سنڌ جو مالڪ بڻائي باقي سنڌي ماڻهن کان اقتدار کسيو ويندو آهي اهو سڀ ڪجهه اڳوڻي آمر جنرل مشرف جي 11 سالن جي اقتدار دوران اوهان ۽ اسان ٿيندي ڏٺو ان جي لاءِ هن وقت سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ڌريون پنهنجو پاڻ کي ساڃاهه وند سڏائن ۽ سمجهن ٿيون انهن مٿان سڀ کان وڌيڪ ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ ٻئي مرحلي واري بلدياتي اليڪشن جيڪا 19 نومبر تي ٿي رهي آهي ان جي حوالي سان انهن بيٺل اميدوارن کي ٻئي هٿ ٻڌي اها هدايت ڪن ته اوهان ڀلي ڪنهن به پارٽيءَ پاران بيهاريل اميدوار هجو ۽ اوهان جو ڀلي ڇو نه پنهنجي يوسي يا تڪ ۾ برادري جو وڏو وووٽ هجي اوهان مهرباني ڪري اهڙو ماحول پيدا نه ڪيو جو اوهان هڪ ٻئي جي خون جا پياسي بڻجي وڃو اسان وٽ جتي انارڪي وارو ماحول جوڙيو ويو آهي اتي ته هاڻي اهو خوف به ٿئي ٿو ته ڪٿي سٻاجهي سنڌ اندر هٿ سان گهرو ويڙهه ته نه ٿي ڪرائي وڃي يا وري سنڌ جي اهڙي صورتحال بڻائي موجوده صوبائي سنڌ حڪومت سميت وفاقي حڪومت کي گهر ڀيڙو ته نه ڪيو ويندو ۽ اهي به چوٻول آهن ته بلدياتي اليڪشنن کان پوءِ ٿي سگهي ٿو ته موجوده ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گهر ڀيڙيون ٿي وڃن ڀلي ڪير به حڪمراني ڪري پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۽ سنڌين جي وجود سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي ڇو ته ان سان جيڪا باهه ٻرندي پوءِ اها باهه وسائڻ انهن سگهارين ڌرين جي وس ۾ نه هوندو جيڪي هن مهل تائين اقتدار ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ واري راند کيڏندا پيا اچن.

 

مظهر خاصخيلي   03003779059

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *