بلاول ڀٽو زرداري جون سياسي سرگرميون، اميدون ۽ خدشا؛ منٺار دايو

                        18 آڪٽوبر جي جلسي عام لاءِ تياريون زور شور سان ٿي رهيون آهن، مختلف ڪئمپون ۽ ڪميٽيون جوڙي جلسي کي ڪامياب ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، اڳ ۾ ئي بلاول ڀٽو زرداري صاحب ناراض جيالن کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري تمام ناراض جيالن ان غير مشروط معافي کي قرباني يا اعزاز طور قبول ڪندا ۽ پارٽي ۾ وري سرگرم ٿي ويندا، پر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب! اوهان کي به ڪجهه تجويزون گذارشون عرض رکون ٿا ته سائين منهنجا پهريون اهو ڏسڻ تمام ضروري آهي ته اهي دوست ڪاوڙيا ڇو؟ انهيءَ جا سبب ڳولڻ تمام ضروري آهن، جيڪي ناراض ٿي پاسيرا ٿيو ويٺا آهن، اهي صرف اليڪشني دوست ناهن، پر انهن ۾ ته تمام گھڻائي نظرياتي دوستن جي آهي، جيڪي ڀٽي صاحب ۽ بيظير صاحبه کان وٺي پارٽي ۾ بي لوث خدمتون ۽ خاندان سميت قربانيون ڏئي چڪا آهن. هاڻي جنهن نموني سان پارٽي کي سڄي ملڪ ۾هلايو پئي ويو آهي، ان طريقي سان انهن جي دل آزاري ٿي، ڇاڪاڻ جن ماڻهن جيل ڪاٽيا، جن ماڻهن ڦٽڪا کاڌا، جن ماڻهن جي پيارن کي روڊن تي بيدردي سان ماريو ويو ۽ جيڪي ماڻهو پارٽي کي پنهنجو اثاثو سمجهن ٿا، انهن کي ديوار سان لڳائي پارٽي کي غيرفعال ڪيو ويو.معاف ڪجو! ڀٽي صاحب ۽ محترمه جي وقت ۾ پارٽي جي تنظيم فعال ۽ مضبوط هئي ۽ باقاعده گڏجاڻيون وارڊن، يونين ڪائونسلن، تعلقن ۽ ضلعن جي بنياد تي هر مهيني ٿينديون هيون، عهديدارن جو احتساب باقاعده ٿيندو هو، ڪير غيرفعال ٿيو ته عهدي تان هٽائي وري ٻئي کي موقعو ڏنو ويندو هو، پر هاڻي ميٽينگون ماضي جون حصو بنجي چڪيون آهن، ها ميٽينگون ٿين ضرور ٿيون پر صرف ضلعي جي عهديدارن جون، جنهن ۾ صرف پنهنجي مفادن تي سوچيو ٿو وڃي ته فلاڻي عهديدار کي ڇا مليو؟ باقي عام ماڻهن لاءِ سوچڻ ۽ ڳالهه ڪرڻ گناهه ڪبيره هوندو آهي. جنهن جو نتيجو ڇا نڪتو آهي جو پارٽي گروپن ۾ ورهائجي چڪي آهي، هر گروپ ان تاڙ ۾ ويٺو آهي ته منهنجي گروپ کي ڇا ٿو ملي؟ نوڪريون ڪيتريون ٿيون ملن؟ شهيدن جي پارٽي ان حد تائين پهتي آهي! سچ پڇو ته ڪنهن دل جهلي حقيقت بيان ڪري سچ چيو يا سندن ڪردار تي تنقيد يا اصلاح ڪئي ته ان لاءِ پارٽي جو پليٽ فارم بند آهي! اهي سڀ ايترا ته طاقتور ٿي چڪا آهن، جو سچ ڳالهائڻ يعني پنهنجي پاڻ سان دشمني ڪرڻ وارو مثال آهي! بلاول ڀٽو زرداري صاحب کي عرض آهي ته جيڪڏهن پارٽي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي طرز تي هلائڻو آهي ته پراڻي ۽ تجربيڪار ڪارڪنن جي پارٽي ۾ کوٽ نه آهي، انهن دوستن جي تجربي مان فائدو وٺڻ پارٽي لاءِ نيڪ سنوڻ ٿيندو. پراڻن پارٽي ورڪرن کي گهرائي، انهن جي شڪايتن کي ٻڌو، انهن جي ٿيل دل آزاري کي ختم ڪريو، انهن کي جائز عزت ڏيو، ڇاڪاڻ شهيدن جي دور جا ورڪر صرف عزت جا بکيا آهن، انهن نه پهرين مال ۽ متاع جي گهر ڪئي، نه ئي هاڻي ڪن ٿا، اهي صرف پنهنجي لڳايل باغ کي اجڙندي ڏسي نٿا سگهن، پر ڇا ڪن؟ ڪٿي به سندن پهچ نه آهي، صرف دل ۾ پچندا ۽ سڙندا رهن ٿا. اهو قيادت تي ٻڌل آهي ته ڪيئن ٿا پارٽي کي منظم ڪري هلائين. بلاول صاحب کي تجويز آهي ته هر ضلعي جي يونين ڪائونسل جي ميٽينگ جي صدارت ڪري، ضلعي ۾ پنجاهه يا سَٺ يونين ڪائونسلون هونديون، انهن کي ٻُڌي، پر انهن ۾ ضلعي ۽ تعلقن جا صدر نه هجن، تڏهن هن کي خبر پوندي ته ضلعي يا تعلقن جا صدر ڇا پيا ڪن؟ اهڙي طرح وري تعلقن جي صدرن جي گڏجاڻي ڪريو، انهن کان پڇو ته ضلعي صدر ڇا پيو ڪري؟ اهڙي طرح ضلعي صدرن جي ميٽينگ ڪري صوبائي صدرن جي پڇا ڪريو ته اوهان کي سموري معلومات ملي ويندي پارٽي اندر ڇا پيو ٿئي؟ ڇاڪاڻ محترمه جي شهادت کانپوءِ پارٽي جو جيڪو حال قيادت ڪيو آهي، اهو ڪنهن کان لڪيل نه آهي، سڀني کي اهڙي طرح مفلوج ڪيو ويو آهي، جو ڪير به اڳتي وڌي مرڪزي قيادت تائين پهچي نٿو سگهي، هڪ ته چوندا ٽائيم ڪونه آهي، ٻيو سڪيورٽي ٿريٽ آهن، هزارين اهڙا طريقا استعمال ڪيا ويا آهن جنهن ڪري عام ورڪر يا پراڻو ورڪر مرڪزي قيادت تائين پنهنجون تڪليفون پهچائي ئي نٿا سگهن! جي اتفاق سان هڪ دفعو ملاقات ٿي به وڃي، وري واپس ان کي پنهنجي ڳوٺ يا شهر تائين به اچڻو آهي، پوءِ ان جهڙو بڇڙو ٻيو ڪير نه ٿيندو! ڇاڪاڻ خوشامند يا جي حضور ڪندڙ ته قيادت وٽ اڳين موجود آهن، انهن کي استعمال ڪرڻ جو فن هاڻي پارٽي قيادت کي اچي ويو آهي.اڳين ڀٽي صاحب جي وقت ۾ ڊويزن جا ڪنوينشن ٿيندا هئا، هر هڪ کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي هئي، پر هن گذريل ست سالن ۾ ڇا ٿيو آهي؟ اهو سڀ ڄاڻندي ۽ ڏسندي به خاموش ٿيڻ تي مجبور آهن، ڪڏهن ڪڏهن مرڪزي قيادت عيد مبارڪ ڪرڻ لاءِ گهرائيندي آهي پر ان ۾ به صرف جي حضور گروپ يا خوشامند ڪندڙ، مافيا جا ايجنٽ ڪنهن پلاٽن يا زمين يا ڪنهن ڌنڌي لاءِ موجود هوندا آهن. پراڻا ۽ جن سزائون ڪوڙا کاڌا، هوندا ئي ڪونه، پر جي ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا ته مايوس بيوَس، صرف خانه پوري ۾ هوندا. اهو سڄو ڪرشمون انهن جي حضور ڪندڙن جو آهي. ان کان علاوه پارٽي جي تنظيم کي فعال بنائڻ لاءِ تمام ضروري آهي. 1968ع واري دور ۾ وڏيرو، چوڌري، خان، سردار ايترو پڙهيل يا سياست ۾ ايتري ڄاڻ نه رکندو هو، پر هن وقت اهو پڙهيل لکيل ۽ ٽيڪنڪلي هوشيار ۽ چالاڪ آهي، هر هنر کان واقف آهي، تنهن ڪري هن وقت پارٽي فعال ڪرڻ لاءِ تمام محنت ڪرڻي پوندي، جنهن بعد پارٽي پنهنجي مقام تي پهچندي.18 آڪٽوبر جانثارن جو ڏينهن، جن پنهنجي قائد سان عهد ڪيو هو ته اسان پنهنجي ڀيڻ تان سر به قربان ڪري ڇڏينداسين. جانثارن واقعي پنهنجي ڪيل واعدي کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو. محترمه جو ايڏو وڏو تاريخي استقبال ڏسي، دشمن قوتون حرڪت ۾ اچي ويون، ڪارساز وٽ خودڪش حملو محترمه تي ڪيو ويو، دنيا ڏٺو ته پنهنجي ڀيڻ بينظير جي حفاظت ڪندي ٻه سئو کان وڌيڪ جانثارن پنهنجون حياتيون ڏئي ڇڏيون، پر ڀيڻ جو وار به ونگو ٿيڻ نه ڏنو. دنيا ۾ اهو انوکو واقعو هو، جڏهن اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا آهن ته ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پتوڙيندو آهي. پر پنهنجي واعدي جي وفا ڪندڙ انسان پنهنجي زندگي کان وڌيڪ، پنهنجي انجام کي پائتڪميل بنائيندا آهن، جڏهن پهريون ڌماڪو ٿيو، جانثارن ڀڄڻ بجاءِ پنهنجي ڀيڻ جي گاڏي ڏانهن ڊوڙن ٿا، کين خبر آهي ته ڌماڪو ٿيڻ يعني موت کي ڏسڻ، پر جن نوجوانن کي پنهنجو واعدو ياد هو، اهي پٺتي نه هٽيا، وري ٻيو ڌماڪو ٿيو، نوجوان شهيد ٿين پيا پر سندن زبان مان اهي لفظ نڪرن پيا ته ڀيڻ جي حفاظت ڪريو، ڀيڻ صحيح سلامت هجي، اهو جذبو جيڪو ان وقت ڏسڻ ۾ آيو، نه وسارڻ جهڙو آهي. سلام آهي وري اهڙي ڀيڻ تي جيڪا به چوي پئي ته ڀائرن جو ڇا ٿيو؟ ڪيئن آهن؟ زوري کيس ان ٽٽل گاڏي مان لاهي، سلامتي واري هنڌ آندو ٿو وڃي، پر ڀيڻ کي پنهنجا ڀائر پيارا هوندا آهن، صبح سوير بنا ڪنهن سڪيورٽي جي اسپتال پهچي، ڪنهن جي مٿي تي هٿ پئي رکي، ڪنهن سان هٿ پئي ملائي، ڪنهن ماءُ ڀيڻ کي ڀاڪر پئي پائي، چهري تي اهو ئي عزم، ارادن ۾ اها ئي پختگي، اکين ۾ اها ئي چمڪ، ڪير به محسوس نه پئي ڪري سگهيو ته هي اها بينظير آهي، جنهن تي خودڪش حملا ٿيا آهن. خون وهندڙ درياءَ پار ڪري، هي عظيم عورت ساڳئي جوش جذبي سان فرمائي ٿي ته ظالمن سان جنگ آهي، جيستائين دم آهي، وڙهندي رهندس. سلام آهي ان عظيم نياڻي کي ۽ خدا کيس ڀائر به اهڙا ڏنا، جن پنهنجو سر ڏئي، پنهنجي ڀيڻ سان ڪيل وچن کي پورو ڪري ڏيکاريو.بلاول ڀٽو زرداري صاحب عملي سياست ۾ قدم رکڻ لاءِ ان ڏينهن کي چونڊيو، جيڪو شهيدن جي ڏينهن طور ياد ڪيو وڃي ٿو، سندس سوچ جي عڪاسي ان مان محسوس ٿئي ٿي جو پاڻ پارٽي جي ناراض جيالن کان غير مشروط معافي گهري. پاڻ ته اڃا سياسي سفر شروع هاڻي ٿو ڪري، پر پنهنجي قيادت جي ڪيل گناهن ۽ نا انصافين جي معافي گهري آهي، جيڪو سچو ۽ ايماندرانه رويو رکڻ جي عڪاسي آهي. ڇاڪاڻ جيڪي کرا ۽ سچا ماڻهو هوندا آهن، اهي پرايون غلطيون پنهنجي جهولي ۾ وجهي، پنهنجي طرف کان معافي وٺندي نه ڪيٻائيندا، نه ڪو شرم محسوس ڪندا آهن. اسان جي ملڪ کي به اهڙي سچي سياستدان جي گهرج آهي.اڄڪلهه ٻه ٽي سياستدان پيا چون ته جيئن اسين چئون، ايئن سڄي قوم ڪري، ڌمڪيون، غير مهذب ٻولي، اهو طريقو ملڪي سياست ۾ نئون آيو آهي، جيڪو تمام خطرناڪ آهي. سياسي ڳالهيون سياسي حد تائين هئڻ گهرجن، جنهن ۾ ڪنهن جي عزت جو ضرور خيال رکڻ گهرجي، ڪنهن جي پڳڙي لاهڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي، ان کان علاوه اها خوش فهمي ته جيڪي ڪجهه آهيان، آئون آهيان. هميشه فرعون جي گهر ۾ موسيٰ پيدا ٿيو آهي، هزارين اهڙا مثال آهن، پر اسان جا اڄڪلهه جا اقتدار جا بکيا سياستدان انهن سڀني اصولن کان خالي نظر ٿا اچن، رڳو اهو نشو ته اقتدار کپي! سائين مهنجا ٻه ٽي جلسا ڪرڻ يا ڌرڻا هڻڻ سان اوهان بي تاج بادشاهه نه ٿي ويا آهيو.جڏهن کان بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر جي جلسي جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ڪراچي ۾ ڪيترا ڌماڪا ٿي چڪا آهن، پر ان جي ابتڙ ٻيا جلسا ڪراچي، لاهور ۽ ميان والي ۾ ٿيا، انهن جلسن کان اڳ يا پوءِ ڪنهن به قسم جي تخريبڪاري نه ٿي، ڇا سبب آهي صرف پيپلز پارٽي سان دشمني آهي، جو جڏهن ڪا سياسي قسم جي هلچل هلي ٿي ته تخريب ڪاري شروع ڪئي ٿي وڃي، جنهن ۾ اسان کان محترمه ۽ هزارين معصوم نوجوان ڦريا آهن، هزارين گهر اجڙي ويا آهن، هزارين ٻار يمتيمي واري زندگي گذاري رهيا آهن، هزارين مائرون، هزارين ڀينرون، هزارين ونيون بيواهي جي بدترين حالتن کي منهن ڏئي رهيون آهن. پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت کي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻو پوندو، تخريبڪاري کي ٻنجو ڏيڻو پوندو. خاص ڪري سنڌ ان تخريب ڪاري جي وڏي سزا ڀوڳي رهي آهي، هاڻي اسان ننڍڙي کان ننڍڙو نقصان برداشت ڪرڻ جي طاقت نٿا رکون، تنهنڪري اسان بلاول ڀٽو زرداري کي گذارش ڪنداسين ته اسانجي ايندڙ نسل جو مستقبل اوهان جي وجود سان لاڳاپيل آهي، توهان پنهنجي ۽ پنهنجي ڀائرن جي سڪيورٽي کي تمام توجهه ۽ هوشياري سان ڏسو، ڇاڪاڻ دشمن تاڪ ۾ آهن، جيڪي توهان ۽ توهان جي ڀائرن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. سنڌي چوڻي آهي ته رٻ جو سڙيل لسي به ٺاري پيئدو آهي، سنڌ واسي ڏاڍا ڏکويل آهن، اڃا ڀيڻ جو گهاؤ نه ڀريو آهي، اڃا سنڌ واسين جي ڪنن ۾ محترمه جو آواز گونجي پيو، اڃا به معصوم ننڍڙا ٻارڙا ٻاتڙي ٻولي ۾ جيئي بينظير جا نعرا هڻن پيا، اڃا به مائرون ۽ ڀينرون ڀيڻ کي ياد ڪريو لڙڪ لاڙين پيون ۽ پنهنجي معصوم ٻچن کي ڀيڻ جي يادگيري ڏيارين پيون، اڃا به ڀيڻ جا ڀائر سندس چيل لفظ چئي پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏين پيا. سندس اڪيلي پٽ کي خدا سلامت رکي، وڏي عمر ڏي ۽ پنهنجي ماءُ ۽ ناني جي نقشِ قدم تي هلندي هن قوم جي سرواڻي ڪري ۽ پنهنجي والده جو رهيل مشن پورو ڪري، پنهنجي پارٽي کي وري محترمه بينظير واري پارٽي بنائي، جنهن ۾ هر ورڪر جي عزت هجي، ناانصافي، اقربا پروري يا پنهنجن کي نوازڻ يا رشوت ۽ دغا ڪرڻ کان پاڪ ڪري، انهن مرجايل، ڪوڙا کائيندڙ، جيل ڪاٽيندڙ ۽ سچائي سان پارٽي جي منشور تي عمل ڪندڙ ورڪرن کي زندگيءَ جا بهترين ڏينهن ڏي، پارٽي کي زنده جاويد رکندڙ ورڪرن کي ياد ڪري انهن کي جائز عزت ڏيئي ان مقام تي آڻي جو هو پنهنجي بقايا زندگي امن سڪون سان گذارين ۽ پنهنجي تجربن سان پارٽي ۽ هن ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪري پارٽي ۽ ان جي شهيد قائدين جا مان مٿانهون ڪن.

**********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *