بلاول ڀُٽو جي سياسي سفر جي شاندار ابتدا : مشتاق احمد

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو، ڪراچي جي تاريخي جلسي سان پنهنجي سياسي سفر جي ابتدا ڪري چُڪو آهي. ايڏي وڏي تاريخي جلسي جِتي بلاول ڀُٽو کي اتساهه ڏنو آهي، اُتي سموري دنيا ۽ پوري مُلڪ ۾ اِهو پيغام پڻ ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي بوتي ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سُڃاڻپ، اهڙا وڏا تاريخي جلسا رهيا آهن. تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي جلسن کان وٺي، شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي جلسن تائين. پر شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت سان ڄڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا جلسا به شهيد ٿي چُڪا هئا، اُنهي ساڳئي ڪلچر ۽ روايت کي نئين سر زنده ڪري بلاول ڀُٽي هڪ اهم ابتدا ڪئي آهي. ڇو ته سياست ۾ ”جلسا ڪلچر“ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ اُنهن جي ذريعي ئي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي، مُلڪ جي اُها واحد پارٽي آهي، جنهن جا اڳواڻ مُلڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ جلسا ڪري ۽ گڏجاڻيون ڪري مُلڪ جي عوام ۽ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان رابطي ۾ رهندا هئا. اهو ئي سبب آهي ته پيپلز پارٽي جي اندر ’جان نثار جيالا‘ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ اهڙن جلسن ۽ گڏجاڻين کانپوءِ مقامي اڳواڻن کان پارٽي پاران جيڪو پُڇاڻو ٿيندو هو، انهي پُڇاڻي جي ڪري پارٽي اندر ڪم ڪرڻ وارو جذبو هوندو هو، جيڪو جذبو ڄڻ ته شهيد بينظير ڀُٽو سان گڏ دفن ٿي چُڪو هو.

بلاول ڀُٽو، نوجوان آهي، نوجوانن جو پسنديده اڳواڻ بڻجي سگهي ٿو، انهي لاءِ بلاول ڀُٽي کي سياسي ميدان ۾ نوجوانن جي لاءِ پنهنجو پروگرام واضح ڪرڻو پوندو ۽ پاڻ سان گڏ نوجوانن کي، نئين قيادت ۽ مُلڪي خدمت وارو جذبو رکندڙن نوجوانن کي همٿائي، اڳيان آڻڻو پوندو.

سياسي ميدان جي اِها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون آهن، اُهي ترقي پسند سوچ رکندڙ ناهن، سواءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي. مُلڪ جي سڀني پارٽين جو ڇيد ڪجي ته خبر پئجي ويندي ته ڪا پارٽي رجعت پسند سوچ جي ملندي ته ڪا پارٽي مذهبي جنونيت سان ڀريل ملندي ته ڪنهن پارٽي جي پويان انتهاپسند بيٺل نظر ايندا ته ڪنهن پارٽي جي اڳواڻن جي سوچ طالبانن واري سوچ آهي، جيڪا سوچ ۽ جيڪي ڳالهيون مُلڪ ۽ عوام جي حق ۾ ڪنهن به ريت ناهن. پاڪستان جي سڀني پارٽين مان پاڪستان پيپلز پارٽي اُها واحد پارٽي آهي، جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽو جي سوچ ۽ نظريي سان سلهاڙيل آهي، ٻنهي شهيدن جي سوچ هر دؤر ۾ جمهوريت مخالف قوتن سان وڙهندي رهي آهي ۽ سوڀ پڻ ماڻيندي رهي آهي.

تنهن ڪري مُلڪ جو باشعور طبقو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي نه رُڳو حمايت ڪري ٿو، پر اُن سان گڏ بيٺو نظر اچي ٿو.

بلاول ڀُٽو جون مختلف وقتن تي ڪيل تقريرون ۽ ٽوئٽ تي موڪليل پيغامن ۾ پڻ اُها ئي سوچ ملي ٿي، جيڪا سوچ مذهبي انتهاپسندي ۽ جمهوريت مخالف قوتن سان ٽڪرائيندي رهي آهي.

تنهن ڪري بلاول ڀُٽي کي پنهنجي سياسي حڪمت عملي اهڙي نموني ٺاهڻ گهرجي، جيئن اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن ۽ نوجوانن ۽ عورتن کي ذميواريون ڏنيون وڃن ۽ جمهوريت دوست ڌريون ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙن کي مضبوط ڪري، ڀُٽوز جي سوچ ۽ نظريي کي گهر گهر تائين پُهچائجي. انهيءَ لاءِ تعليمي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ جي خاص ضرورت آهي.

بلاول ڀُٽو، جنهن جوش ۽ جذبي سان عملي سياست جي شروعات ڪئي آهي، انهي جوش ۽ جذبي سان جيڪڏهن هُن پنهنجي پارٽي اندر ۽ مُلڪي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ته اهو مُلڪ ۽ عوام جي لاءِ سُٺو سنئوڻ ثابت ٿيندو.

بلاول ڀُٽي وٽ وسيع خانداني سياسي پسمنظر آهي ۽ بلاول سان گڏ ڀُٽوز جي مضبوط سوچ ۽ نظريو آهي، جيڪو سياسي ميدان ۾ بلاول کي ٿڪجڻ نه ڏيندو ۽ انهي نظريي جا حامي ساڻس سياسي سفر ۾ گڏ هلي پنهنجي نوجوان اڳواڻ جي رهنمائي پڻ ڪندا رهندا. گُذريل ڪيتري ئي وقت کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا خاموشي اختيار ڪئي هئي، اُنهي خاموشي جو سبب سمجهه ۾ اچي پيو ته ان جي پُٺيان به ڪي سبب هُئا ۽ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته مينهن وسڻ کان پهرين گهُٽ پوسٽ وارو ماحول هوندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اندر گُهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ بلاول ڀُٽو تازي هوا جيان آيو آهي ۽ لڳي ٿو ته مينهن وسندو. اِها گُهٽ ۽ ٻُوسٽ ختم ٿي ويندي ۽ هر شيءِ ڌوپجي ويندي. ڇو ته بلاول ڀُٽو، سياست ۾ اهڙي نموني آيو آهي، جهڙي نموني سندس امڙ شهيد بينظير ڀُٽو، سياسي ميدان ۾ لٿي هُئي، شهيد محترمه بينظير ڀُٽو، ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت کانپوءِ سياسي ميدان ۾ آئي هُئي ۽ بلڪل اهڙي ئي نموني بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ بلاول ڀُٽو سياسي ميدان ۾ لٿو آهي، ساڳيو انداز آهي، ساڳيو جوش ۽ جنون آهي، ساڳيو اُتساهه آهي.

بلاول ڀُٽو جو مقابلو، نه نواز شريف سان آهي، نه عمران خان سان آهي ۽ نه ئي مذهبي پارٽين سان آهي، پر بلاول ڀُٽو جو اصل مقابلو جمهوريت مخالف قوتن سان آهي، مذهبي انتهاپسندن سان آهي ۽ رجعت پسند سوچ سان آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت مخالف قوتون، مذهبي انتهاپسند ۽ رجعت پسند سوچ ڏاڍي مضبوط ٿي چُڪي ۽ اُهي قوتون نه رُڳو مضبوط آهن، پر اُنهن جون پاڙون مُلڪ جي هر حصي ۾ پکڙيل آهن. اهڙين قوتن سان ذوالفقار علي ڀُٽو جهيڙيندي شهيد ٿي ويو، پر جُهڪيو نه ۽ ساڳين قوتن سان شهيد بينظير ڀُٽو به دليراڻي انداز ۾ وڙهندي شهيد ٿي وئي. ساڳين قوتن سان بلاول ڀُٽو جو مقابلو آهي، تنهن ڪري اهڙين قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ عام ڳالهه ناهي، اِها ڳالهه بلاول ڀُٽو به خوب سمجهندو هوندو. تنهن ڪري بلاول ڀُٽي کي پنهنجي سياسي دانشمندي سان هڪ اهڙي سياسي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، جنهن سان هُو اُنهن کي مات ڏئي سگهي. دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي ۾ گهيريل پاڪستان جون نظرون پڻ بلاول ڀُٽي ۾ آهن. ڏسڻو اِهو آهي ته بلاول ڀُٽو ڪيئن پاڪستان کي دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي ۽ جمهوريت مخالف قوتن کان نجات ڏياري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *