برطانيا ۾ جڙندڙ گڏيل حڪومت: صاحب خان ڀٽي

برطانيا ۾ جي چونڊن ۾ ڪنزرويٽو پارٽي اڪثريت سان سيٽون حاصل ڪيون آهن سندس مقابلي ۾ ليبر پارٽي آهي پر ان باوجود  ڪنزرويٽو پارٽي ئي اتحادي حڪومت جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪنزرويٽو پارٽي يونسنسٽ پارٽي سان به رابطا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن، اليڪشن کان اڳ برطانوي وزيراعظم يورپي يونين کان  مڪمل طور ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو به عوام سان  واعدو ڪيو هو  پر جڏهن چونڊون ويجهو آيون ته ملڪ اندر حالتون خراب ٿي ويون ۽ مجبورن برطانوي وزيراعظم کي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪرڻو پيو، پر جڏهن لنڊن برج تي حملو ٿيو ته ان وقت برطانوي وزيراعظم ٿريسامي مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو .

جڏهن  برطانيا ۾ چونڊن جو اعلان ٿيو تڏهن ئي  اتي حالتون  خراب ٿي ويون  هيون پر ان باوجود برطانوي وزيراعظم ٿريسامي اهو اعلان ڪيو هو ته چونڊون وقت موجب ٿينديون ۽ ان ۾ ڪو به ردو بدل نه ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان چونڊن جا انتظام بهتر ڪيا ويا هئا پر افسوس جو  هن ڀيري  ڪنزرويٽيو پارٽي کي برطانيا ۾ اڪثريت نه ملي سگهي آهي، ان جا به ڪيترائي سبب آهن پر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا اندر  عورت اميدوارن وڏي انگ ۾ ڪامياب حاصل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ عورت اميدوار تمام گهڻو گهٽ هيون پر هاڻوڪي چونڊن کانپوءِ برطانيا ۾ عورت اميدوارن جي انگ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.جئين ته برطانيا ۾ٿيل چونڊن ۾ ڪنزرويٽو پارٽي اڪثريت حاصل ڪئي آهي پر حڪومت ٺاهڻ لاءِ کيس 326  سيٽنن جي ضرورت آهي پر ڪنزرويٽو پارٽي صرف 318 سيٽون کڻي سگهي آهي.

جڏهن ته ليبر پارٽي سان تعلق رکندڙ 8 پاڪستاني نسل برطانوي شهرين سميت 111 اميدوار به ڪامياب قرار ڏنا ويا آهي، برطانيا ۾ 650 سيٽن تي چونڊون ٿيون هيون جن مان 3 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو هو، جنهن ۾ 30 پاڪستاني نسل جا برطانوي شهري به شامل هئا، جن مان 11 پاڪستاني نسل جي برطانوي شهرين ڪاميابي ماڻي آهي.  جيڪي پاڪستاني نسل برطانوي شهري اميدوار ڪامياب ٿيا آهن انهن ۾ پنج عورتون به شامل آهن. برطانوي چونڊين ۾ جيڪي پاڪستاني نسل جي برطانوي شهري اميدوار ڪامياب ٿيا  آهن انهن مان اميدوار ليبر پارٽي  جا آهن.  جڏهن ته ٽن جو تعلق ڪنزويٽو پارٽي سان آهي. نصرت، رحمان چشتي ۽ ساجد جاويد  به پاڪستاني نسل برطانوي شهرين ۾ شامل آهن جن جو تعلق ڪنزرويٽو پارٽي سان آهي.  جڏهن ته فيصل رشيد، شبانه محمود، افضل خان، عمران حسين، ناز شاهه، خالد محمود، روزينا الين خان  ۽ ياسمين قريشي جو تعلق وري ليبر پارٽي سان آهي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ڀيري برطانيا اندر ڪنزرويٽو پارٽي  ۽ ليبر پارٽي ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيو آهي، جيئن ته هن ڀيري برطانيا اندر ڪا به پارٽي اڪثريت نه ماڻي سگهي آهي، جيڪڏهن ڪنزرويٽو پارٽي گهربل سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته برطانيا اندر بنا اتحاد جي حڪومت ٺاهي سگهي پئي پر هن  ڀيري  برطانيا اندر حالتون تبديل ٿي چڪيون آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ هڪ ته يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ٻيو ته دهشتگردي جا واقعا به ڪنزرويٽو پارٽي جي حڪومت ۾ تمام گهڻا پيش اچي رهيا هئا جيڪي اڄ به جاري ۽ ساري آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته برطانوي وزيراعظم ٿريسامي جي يونسنسٽ پارٽي سان اتحاد ڪري ٿي ته  پوءِ  سندس پارٽي جون سيٽون 329 تائين پهچي وينديون  ۽ هو  آساني سان حڪومت ٺاهي سگهي ٿي،

ليبر پارٽي جڏهن ويلز ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ 29 واڌو سيٽون کنيون هيون ته ان وقت چيو ويو ته اقليتي حڪومت ڪڏهن نه ٺاهي ويندي، بهرحال هن وقت ڪنزرويٽو پارٽي  کي سرسي حاصل آهي.  جيڪڏهن ايس اين پي، لبر ڊيمڪوريٽس، گرين پارٽي ۽ پلائيڊ ڪيمري جي اتحاد ۾ شامل ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ  لبير پارٽيون جون ٽوٽل سيٽون 313  ٿينديون جنهن سبب ليبر پارٽي ڪنهن به صورت ۾ برطانيا اندر   حڪومت  ٺاهي نه ٿي سگهي، باقي رهي ڳالهه ڪنزرويٽو پارٽي جي ته  اها پارٽي هن وقت به اڪثريت ۾ آهي ۽ ان حوالي سان  برطانوي وزيراعظم ٿريسامي بڪنگهم  پيلس ۾  راڻي سان ملاقات ڪئي ۽  اهو  پنهنجي عوام سان واعدو به ڪيو آهي ته هو برطانيا کي يورپي يونين کان نجات ڏياريندي.

بهرحال هن وقت سڀ کان وڏو چيلنج  ڪنزرويٽو پارٽي لاءِ  يونسنسٽ پارٽي جي حمايت کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال آهي، ڇاڪاڻ ته   بڪنگهم پيلس ۾ راڻي  سان ملاقات کانپوءِ هن تمام وڏا واعدا ڪيا آهن ته هو عوام  جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي ۽ يورپي يونين کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ويندو.  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر ڪهڙي ريت ڪنزويٽو پارٽي حڪومت ٺاهي عوام جي مسئلن کي حل ڪندي  پر  برطانيا جي هاڻوڪي چونڊين ۾ هڪ  ڳالهه ته واضع ٿي وئي  آهي ته  برطانيا ۾ به  هاڻ ٻين ملڪن وانگر ڪا پارٽي اڪثريت ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندي.

هاڻوڪي چونڊن  بعد برطانيا اندر انهن انتهاپسندن کي به شڪت ملي آهي جيڪي برطانيا اندر مذهبن جي نالي تي دهشتگردي پکيڙي رهيا آهن، جڏهن آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون ٿيون هيون ته ان وقت ماحول  ڪافي مختلف هيو ڇاڪاڻ ته اتي  ڊونلڊ ٽرمپ مسلمانن تي پابندي لڳائڻ سان گڏ  اهڙا اعلان ڪري رهيو  هو جنهن سان اتان جي عوام کانئنس پريشان ٿي وئي  هئي. هون ءَ ته برطانوي چونڊن ۾ کوڙ ساري پارٽين چونڊن ۾  حصو ورتو آهي، جڏهن  برطانوي ٿريسامي دهشتگردي بعد چونڊن جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت چيو پئي ويو ته هن ڀيري به اها ئي پارٽي ڪامياب ٿيندي ڇاڪاڻ ته دهشتگردي خلاف جيڪي به ٿريسامي طرفان اعلان ڪيا ويا انهن مان اتان جي عوام مطئمن نظر اچي رهي  هئي. بهرحال دهشتگردي سبب برطانيا اندر مسلمان خلاف جيڪي نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، اها ناڪام ٿي پر آمريڪا اندر جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هو، هن ڀيري  ماضي جي ڀيٽ ڪيترن ئي مسلمان اميدوارن به برطانيا ۾ چونڊن دوران ڪاميابي ماڻي آهي ۽ مسلمان اميدوارن جي ڪاميابي کانپوءِ  برطانيا اندر اهو تاثر ختم ٿيڻ لڳو آهي ته برطانيا اندر صرف مسلمان ئي دهشتگردي ڪري رهيا آهن، برطانوي وزيراعظم ٿريسامي چيو آهي ته هو ڊي يو پي سان گڏجي مضبوط حڪومت ٺاهيندا  ۽ عوام جي خدمت ڪندا

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *