بجلي جو بحران ۽ احتجاج جو فيصلو: صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج جو سلسلو ٿي رهيوآهي پر صوبائي حڪومت توڙي وفاقي حڪومت بجلي جي اڻاعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف اڄ تائين ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي ۽ نه بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف بجلي جي بحران جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڪجهه پلانٽس مرمتي ڪم سبب بند آهن جنهن سبب بجلي جو بحران پيدا ٿيو آهي، اهو ۽ بحران ڪجهه ڏينهن رهي سگهي پر هو ان بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو هو، پر وفاقي سرڪار اڃا به ان ڳالهه تي پير ڄمائي بيٺل آهي ته سنڌ اندر بجلي چوري ٿي رهي آهي، اهو ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو وفاقي سنڌ تي اهڙا الزام لڳايا ويا هجن اڳ به اهڙا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن، هن وقت سنڌ ۾ بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، هڪ طرف گرمي آهي ته مٿان وري بجلي جي لوڊيشيڊنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،

هونءَ ته نواز ليگ سرڪار چار سال کان مٿي اقتدار ۾ رهندي صرف اهي ئي دعوائون ڪندي رهي آهي ته هون بجلي جي لوڊشيدنگ جو خاتمو آڻي ڇڏيندا پر هن وقت تائين بجلي جي بحران ته ضابطو نه اچي سگهيو، هونءَ ته اسان جي ملڪ کي قدرت معدني وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي پر افسوس جو  انهن قدرستي وسيلن کي استعمال ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪي به خاص قدم نه کنيا آهن، هونءَ ته اسان اعلان ته روز ٻڌندا آهيون ته سنڌ مان نڪرندڙ ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪئي ويندي پر هن وقت تائين نه ته  بجلي پيدا ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو اچي سگهيوآهي، ڪجهه وفاقي وزير ته صرف بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سبب ڊيمن کي قرار ڏئي رهيا آهن، جن جو چوڻ آهي جيڪڏهن ڊيم هجن ها ته بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ مان گيس ۽ ڪوئلو نڪري رهيو آهي پر ان باوجود صرف اهو چوڻ ته ڊيم هجڻ ڪري بجلي جو بحران ٿيو آهي، اهو سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪڏهن وفاقي سرڪارڪوئلي مان بجلي پيدا تيار ڪري ها ته اڄ هن ملڪ اندر بجلي جو بحران پيدا نه ٿئي ها ۽ نه اڄ هن ملڪ جو عوام سخت گرمي ۾ پريشان ٿئي ها.

پيپلزپارٽي به ڪڏهن به بجلي جي بحران خلاف ايوان ڀرپور نموني آواز نه اٿاريو آهي پر هڪ ٻه ڏينهن اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪل اندر وڌندڙ لوڊشيڊنگ کي ڏسندي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ۽ ڪارڪنن کي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيدنگ خلاف احتجاج جي هدايت ڪئي  هئي، ان سان گڏوگڏ وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس به ٿيو هو، جنهن دوران وزيراعظم نوازشريف عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو هو، ايتري قدر جو وزيراعظم نوازشريف بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت به جاري ڪئي هئي پر افسوس جي هن وقت تائين بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو ختم نه ٿي سگهي آهي، پاڻي ۽ بجلي بابت مملڪتي وزير عابد شير علي ته سنڌ تي بجلي جي چوري جو الزام لڳائيندو رهيو آهي، ايتري قدر جو هن اڳوڻي صلاحڪار مولا بخش چانڊي کي بخش نه ڪيو هو ۽ ان خلاف به بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن مولابخش به بجلي چوري ڪندو ته ان جي بجلي ڪاٽي ويندي، بهرحال هن وقت بجلي جو بحران سڄي ملڪ ۾ سنگين ٿي  ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو پريشان ٿي ويا آهن،

مملڪتي وزير عابد شير علي پنهنجي بيانن ۾ چئي رهيو آهي ته انهن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌيڪ ڪئي پئي وڃي جتي بجلي جي چوري تمام وڌيڪ ٿي رهي آهي،  عابد شير علي ته سنڌ تي بجلي جي چوري جو الزام به لڳائيندو رهيو آهي، جهن جي جواب  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو هو ته بجلي جي چوري پنجاب ۾ ٿي رهي آهي بس فرق ايترو آهي ته اهي ماڻهو وائکا نه ٿي رهيا آهن، هونءَ ته وفاقي حڪومت بجلي جي بحران جي خاتمي جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي پر افسوس جو سنڌ جا ڪيترائي علائقا هن وقت به بجلي جي سهولت کان محروم بڻيل آهن، ڪجهه عرصو اڳ اهو چيو ويو هو ته جن ڳوٺن ۾ بجلي نه آهي، انهن ڳوٺن ۾ بجلي فراهم ڪئي پئي ويندي پر انهن علائقن ۾ بجلي  ته نه پهچي سگهي پر ايترو ضرور ٿيو جو ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جون رهتون ڄاڻائي انهن جا ڪنيڪشن ئي ڪاٽيا ويا هئا، هن وقت به سنڌ جا ڪيترائي اهڙا شهر آهن جتي بجلي جي فراهم نه ٿيڻ برابر آهي، جن علائقن ۾ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي انهن علائقن اندر  ٽرانسفر به سڙيل آهن، جيڪي تبديل نه پيا ڪيا وڃن، جنهن سبب رهواسي مجبور ٿي احتجاج ڪندا رهيا آهن ۽ اهڙيون خبرون روز ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، هن وقت به ملڪ اندر بجلي جي صورتحال بهتر نه آهي، هڪ طرف قهر جي گرمي  آهي ته مٿان وري بجلي جي لوڊشيڊنگ به وڌيڪ ٿي رهي آهي پر حڪومت اهڙو ڪو به قدم نه کڻي رهي آهي جنهن سان بجلي جو بحران جو خاتمي اچي سگهي، هن وقت خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ڳوٺاڻا احتجاج به رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن پر حڪومت انهن جي احتجاج تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، جنهن سبب هڪ ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ته مٿان وري گرمي جي لهر شهرين جا حال بي حال ڪري ڇڏيا آهن،

موسميات کاتي طرفان به موسم گرم رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو  پر ان باوجود بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽائڻ لاءِ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ڪو به عملي قدم نه کڻي سگهي آهي، هڪ ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سخت گرمي آهي ته مٿان وري بجلي جي بحران سبب منجهند جي وقت بجلي جي بندش کي به منهن ڏيڻو پئي ٿو. هاڻ جڏهن ملڪ اندر بجلي جو بحران وڌي ويو آهي ته تڏهن بلاول ڀٽو زرداري به سڄي ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج جو سلسلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد لڳي رهيو آهي ته هن سخت گرمي جي موسم ۾ وفاقي حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪو نه ڪو قدم ضرور کڻندي،  جيڪڏهن هن وقت به بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا ويا ته بجلي جو بحران اڃا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو،ان جي لاءِ  حڪومت کي وڌيڪ پلانٽس قائم ڪري بجلي جي بحران تي جلد ضابطو آڻڻو پوندو، باقي رهي ڳالهه بجلي جي چوري جي ته بجلي صرف سنڌ نه سڄي ملڪ ۾ چوري ٿي رهي آهي ۽ اهڙو بيان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به ڏنو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازليگ سرڪار  ڪهڙي ريت بجلي جي بحران کي منهن ٿي ڏئي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *