ايڪيهه نومبر لاڙڪاڻي واسين لاءِ نئين اميد جو ڏينهن؛ سمير “خرم” سنديلو

                         10394612_777605228965713_4965013690720988928_nلاڙڪاڻو شهر جنهن کي پ پ جو ڳڙهه سمجهيو ويندو آهي اتي هاڻ هڪ نئين تاريخ لکبي ۽ شايد پيپلز پارٽي کي ان ڏينهن سڀ کان وڏو نقصان پهچندو ڇاڪاڻ ته 21 نومبر 2014ع تي پاڪستان تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاران لاڙڪاڻي شهر ۾ جلسو رٿيو ويو آهي ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته جتي پيپلز پارٽي جون پاڙون سڀ کان وڌيڪ مضبوط هجن اتي ٻي ڪا پارٽي ڪو جلسو ڪري پيپلز پارٽي کي ووٽ بينڪ گهٽ ٿيڻ يا ختم ٿيڻ جو خطرو ضرور هوندو.

                         عمران خان پاران ڪافي عرصي کان اسلام آباد توڻي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرڻا لڳايا ويا آهن جنهن سان نواز ليگ توڻي پيپلز پارٽي کي وڏين مشڪلاتن سان ڏيڻو پئجي ويو آهي ۽ هاڻ جڏهن انڙ خاندان جي نوجوان فرزند، حسينيت جي پيروڪار حاجي شفقت حسين انڙ پاران تحريڪ انصاف ۾ شموليت ۽ ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي شهر ۾ جلسو ڪرڻ واري اعلان بعد پ پ قيادت اڃان وڌيڪ پريشان ٿي وئي آهي، ان جو خاص سبب اهيو به آهي ته ڪافي عرصي کان لاڙڪاڻي شهر کي پ پ حڪومت نظر انداز ڪندي رهي آهي، پ پ حڪومت پنج سال پورا ڪيا ۽ هاڻي صوبائي حڪومت به پ پ وٽ آهي تنهن هوندي به لاڙڪاڻي شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي لاڙڪاڻي توڻي ٻين شهرن ۾ عورتن جي کُلي عام تذليل پئي ٿئي روزاني بنيادن تي ڪنهن نه ڪنهن شهر مان ميڊيا ذريعي اها ڳالهه ضرور ٻڌڻ ۾ پئي اچي ته مستحڪ عورتون جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ پيون اچن تن سان سرڪاري عملو جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ عوام جي خدمت لاءِ رکيل آهي اهو نوابن جيان عورتن کي ڌمڪائي،ڊوڙائي تتل ڏينهن ۾ کلي آسمان هيٺ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاري انهن جي تذليل ڪري ٿو ۽ پنهنجي ايجنٽن ذريعي حصو پتي وٺي پئسا هڙپ ڪري رهيو آهي پر تنهن هوندي به هن وقت تائين ڪٿي به ان خلاف ڪو ايڪشن ناهي کنيو ويو، ٻئي پاسي سنڌ جي تعليم( جنهن کي هاڻي چئي سگهجي ٿو ته هٿ سان تباهه ڪئي وئي آهي)جنهن سبب ٻارڙا تعليم پرائڻ کان محروم ٿي ويا آهن اها استادن جي کوٽ آهي يا حڪومت جي نااهلي جو اسڪولن ۾ماستر هڪ ڏينهن ته پري جي ڳالهه پر سالن تائين نظر نه پيا اچن ۽ پگهارون هر مهيني گهر ويٺي پيا کڻن جنهن سبب سموري سنڌ ۾ تعليم پوري طرح تباهه ٿي چڪي آهي ان ۾ به پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن جو وڏو ڪردار رهيو آهي، ڪڏهن ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امداد هڙپ ڪئي پئي وڃي ته ڪڏهن ٿر واسين لاءِ آيل سامان من پسند ماڻهن ۾ ورهايو پيو وڃي، ڪڏهن نوڪرين بهاني لکين فارم مختلف فيس ذريعي ڀرايا پيا وڃن ۽ نوڪريون وري به من پسند ماڻهن کي ڏنيون پيون، بيروزگاري سبب نوجوان آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن ۽ پيپلز پارٽي بيروزگاري کي ختم نه ڪري سگهجي آهي، عوام کي روزگار نه پيو ملي، عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن جنهن ڪري ماڻهو هاڻ پوري طرح پيپلز پارٽي مان بيزاري جو اظهار ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف پاران لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪيو پيو وڃي جيڪو پيپلز پارٽي مان بيزار ٿيل ماڻهن لاءِ هڪ نئين اميد جو سبب بڻبو ۽ عوام کي هڪ نئين راهه ملندي.

عمران خان تبديلي جو نعرو هنيو ۽ جيستائين اسان ڏٺو آهي ته تبديلي اچي چڪي آهي جو عوام هاڻ پنهنجي راءِ جو اظهار کُلي عام ڪري سگهي ٿو ۽ حق سچ چوڻ جي سگهه رکي ٿو، عوام پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿو،هاڻ ڏسڻو اهيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ رٿيل پي ٽي آئي جي جلسي ۾ حڪومت کان بيزار عوام ڪيتري تعداد ۾ شرڪت ڪري ٿو ۽ عمران خان جي جدوجهد ۾ ان جو ڪيترو ساٿ ڏئي ٿو، هي مسئلو صرف عمران خان جو ناهي هي مسئلو اسان سڀن جو آهي ۽ جيستائين اسان پنهنجي سوچ کي نه مٽائينداسين تيستائين تبديلي نه ايندي ۽ جيستائين تبديلي نه ٿي اچي تيستائين اسان کي پنهنجا حق نه ٿا ملي سگهن، اسان کي پنهنجن حقن خاطر آواز بلند ڪرڻو پوندو اسان کي نوجوان قيادت جي ضرورت آهي جنهن وٽ عام ماڻهو لاءِ همدرديون هجن،جيڪو عام ماڻهو جي تڪليفن کي سمجهي، جيڪو اسان کي اسان جا بنيادي حق ڏياري اسان کي صرف ان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.پيپلز پارٽي سنڌين کي سواءِ دلاسن جي ڪجهه ناهي ڏنو، سنڌ ۾ سنڌي اقليتي بڻجي رهيا آهن، سنڌي نوجوان نوڪرين لاءِ در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن، سنڌ ۾ هندو نياڻين کي سرعام اغوا ڪيو پيو وڃي، نابالغ هندو نياڻين جون شاديون ڪرايون پيون وڃن، ڌاڙيل ڪلچر، ڪارو ڪاري رسم، ڦر لٽ، مهانگائي، بيروزگاري، تعليم جي تباهي، ڪرپشن اهڙن کوڙ سارن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻو پوندو جيستائين اسان پنهنجي اصل طاقت ووٽ کي صحيح طريقي سان استعمال نه ڪنداسين تيستائين اسان جا مسئلا حل نه ٿي سگهندا. اسان ڪڏهن شهيد ڀٽو جي نالي تي ووٽ ڏيون ٿا ڪڏهن شهيد بي نظير ڀٽو جي نالي ووٽ ڏيون ٿا هاڻ وري ڀٽو ڪا بيٽا آيا هئي جي نعري تي سنڌي ماڻهن کان ووٽ ورتو ويندو ڪيستائين اسان انهن ڪوڙن نعرن تي جذباتي ٿي پنهنجو ووٽ ڏيندا رهنداسين، اسان پنهنجي ووٽ جو غلط استعمال ڪرڻ سبب مسئلن جي ڄار ۾ پوري طرح ڦاسي چڪا آهيون. هاڻ وقت اچي ويو آهي پنهنجي سوچ کي تبديل ڪرڻ جو معاشري کي سڌارڻ جو اسان کي هڪ ٿي ڪري جدوجهد ڪرڻي پوندي تڏهن ئي اسان جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهندا ۽ اسان کي اميد آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سنڌين جي مسئلن تي ڳالهائيندو ۽ سنڌين جي حقن لاءِ سنڌين جو ساٿ ڏيندو،لاڙڪاڻي ۾ رٿيل پي ٽي آءِ جو جلسو سنڌي قوم لاءِ نئين سج سان گڏ حقيقي انقلاب آڻيندو جنهن سان سنڌي قوم پنهنجا حق حاصل ڪندي.تعليم جي سڌاري، ڪارو ڪاري جهڙي ڪڍي رسم، ڌاڙيل ڪلچر جهڙن رسمن کي نئين سوچ سان ختم ڪري سگهجي ٿو جيڪا سوچ عمران خان جي آهي جيڪا سوچ تحريڪ انصاف اڳواڻ شفقت حسين انڙ جي آهي اهائي سوچ اسان کي پنهنجي منزل طرف پهچائيندي ان ئي سوچ سان اسان پنهنجي بگڙيل معاشري کي سڌاري سگهون ٿا پنهنجي ايندڙ نسلن کي تباهي کان بچائي سگهون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *