اين ايڇ اي جي تعميري منصوبن ۾ ننڍا صوبا وڏا حصيدار! : ڪاشف زمان / ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنز

روڊ انفرا اسٽرڪچر جي تعمير و ترقي لاءِ پاڪ وطن جا ننڍا صوبا نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عظيم تعميراتي منصوبن ۾ وڏا حصيدار آهن، انهن صوبن ۾ خيبرپختونخواهه يارنهن اهم منصوبن سان سڀ کان اڳتي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ترتيب وار ڏهه ۽ نو منصوبن تي ڪم جاري آهي

صوبي خيبرپختونخواهه ۾ پهاڙ سرڪني واري مان ٺهندڙ عطاالله جهيل مان اين 35 تي روڊ جي 24 ڪلو ميٽر متاثر حصي جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، اهڙي طرح اين 15 تي جهلڪڊ—چلاس اين 35 تي 147 ڪلو ميٽر، ٿاڪوٽ – رائيڪوٽ اي 35 ڪلوميٽر برهان حويليان ايڪسپريس وي، اين 45 نوشهره-چڪدره دير ۽ پشاور ناردرن باءِ پاس جي تعمير جو عمل پوري عروج تي آهي، ڄاڻايل تعميراتي منصوبا ايندڙ سال مڪمل ڪيا ويندا، ان کان علاوه اين 50 تي 240 ڪلوميٽر تي محيط برهان، ڊيره اسماعيل خان، ايس 1 تي 164 ڪلوميٽر مشتمل جنگلوٽ – اسڪردو روڊ، اين 35 تي 120 ڪلوميٽر جي حويليان، ٿاڪوٽ شاهراهه ۽ اين 95 تي 82 ڪلوميٽر جي چڪدره، مينگورا، فتحپور سيڪشنز جو تعميري عمل ايندڙ چند مهينن دوران شروع ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي، بلوچستان جنهن جي ترقي ۽ تعمير موجوده جمهوري حڪومت جي اولين ترجيح آهي، جن مان ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري اهي، جن ۾ سوراب، چمن سيڪشن جو اين اي 25 تي 226 ڪلوميٽر تي مشتمل آهي، جيڪو پڄاڻي جي آخري مرحلن ۾ داخل آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي تعميري منصوبن جو تعميري عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، جن ۾ ايم 8 تي واقع 148 ڪلوميٽر تي مشتمل خضدار شهدادڪوٽ، ۽ اسي موٽروي تي 193 ڪلو ميٽر جو حصو گوادر، تربت هوشاب ۽ ڪولپور رهائي پاس جيڪو اين 85 تي واقع آهي، ۽ 450 ڪلوميٽر مشتمل آهي جنهن جو 50 فيصد ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته اين 30 تي 110 ڪلوميٽر خضدار بسيمه شاهراهه جي فزيبلٽي تياري، جي مرحلن ۾ آهي، 3 وڏا منصوبا قلعه سيف الله ويگم زو جيڪو اين 70 تي 128 ڪلو ميٽر تي مشتمل آهي، اهڙي طرح اين 50 تي 81 ڪلو ميٽر جو مغل ڪوٽ، زوب حصو ۽ اين 70 تي 326 ڪلو ميٽر راکي گج بيوانا روڊ جو ڪم جلد ئي شروع ٿيڻ وارو آهي،

صوبي سنڌ ۾ اڌ درجن کان وڌيڪ تعميري منصوبي مڪمل ٿيڻ تي آهن، جنهن ۾ لياري ايڪسپريس وي جو 81 فيصد گهارو ڪيٽي بندر روڊ 84 فيصد لاڙڪاڻو موئنجو دڙو 82 فيصد لاڙڪاڻو قمبر 82 فيصد قاضي احمد آمري پل 70 فيصد ۽ لاڙڪاڻو نصيرآباد روڊ جو 64فيصد ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، انهن منصوبن ۾ ٿوري دير جو سبب فنڊ هيا، جيڪي فنڊ مهيا ڪيا ويا ترجيحي بنيادن تي انهن منصوبن کي مڪمل ڪيو ويندو، ان کان علاوه اهم ترين منصوبن ايم 9 تي 392 ڪلو ميٽر جي سکر ملتان موٽر وي ۽ 296 ڪلو ميٽر جي حيدرآباد سکر موٽر وي جو تعميري عمل تمام جلد شروع ٿيڻ وارو آهي،

ڄاڻايل منصوبن جي تعمير ۽ تڪميل جو واحد اهو ئي مقصد ناهي ته موااصلات ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ کي مستحڪم موثر ۽ فعال بڻايو وڃي بلڪي قومي مفادن کي نظر ۾ رکي معاشرتي ترقي ۽ اقتصادي طور تي انقلابي تبديلي آڻڻي آهي، ته جيئن وطن عزيز جا ننڍا منصوبا عوام جي معيار زندگي بلند ٿي سگهي، ۽ انهن جي محرومين جو ازالو ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *