ايم ڪيو ايم خلاف ٿيندڙ وٺ پڪڙ؛حافظ سڪندر تنيو

اسان ماڻهن ۽ هتان جي رياست جا به عجيب ذوق ۽ مزاج آهن، جيڪڏهن ڪنهن سان راضي هجن ته محبوب جيان سندس انگل آرا مڃيا ويندا آهن، پر ڪنهن تي ناراضگي ٿيندي اٿن ته معمولي مسئلي کي مٿي تي کڻندا آهن، جيئن ميمو اسڪينڊل کي اڀاريو ويو ۽ هاڻي وري الطاف ڀائي کين ڏٺو نه ٿو وڻي.

اڄ الطاف ڀائيءَ ۾ سڀ عيب اوچتو کين ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، جنهن تي سوين ڪيس داخل ڪرائجي رهيا آهن، پر حقيقت ۾ الطاف ڀائي جو ڪالهه به ساڳيو ئي موقف ۽ رويو هيو، جيڪو اڄ آهي. هر حڪمران جو آشيرواد کيس حاصل رهيو آهي، پوءِ ڇو اوچتو اڄ کين سندس دهلي ياترا ياد اچي ويئي آهي، ٿورو پيرا پوئتي کڻي هلندئو ته سموري رياست سندس ٻڌي ٻانهي بڻيل نظر ايندي هئي. سندس هر حڪم مذهبي پيشوا سمجھي مڃيو ويندو هيو.

اڄ سڄو ڏوهدار ايم ڪيو ايم کي سمجھيو پيو وڃي،پر جيڪي سندس ان ڏوهه ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيا، تن جو ڄاڻ هوندي به نالو کڻڻ ڪفر جو ڪم بڻايو ويو آهي.

ڪنهن کي خبر ناهي ته هن تنظيم جي پروش جنرل ضياءُ الحق صاحب انتهاپسندي جي خوراڪ سان ڪئي. هر قسم جا اختيار ۽ هٿيار مذهبي فريضو سمجھي آخرت سنوارڻ لاءِ کيس ڏنا ويا. ان کانپوءِ جنرل حميد گل صاحب اهم اداري جو سربراهه بڻيو، صاحب اڄ فرمائي رهيو آهي ته کين ايم ڪيو ايم بابات سڀ ڄاڻ هئي ته هُو انڊيا کان اسلحو ۽ پئسو وٺي رهيا آهن ۽ مون کين چيو ته اوهان انڊيا کان سپورٽ ڇو ٿا وٺو اوهان اسان کان ڇو نه ٿا وٺو، اسان هر شيءِ اوهان کي ڏينداسين.

ان کانپوءِ رب جون رحمتون جنرل آصف نواز جنجو عا مٿان هجن جنهن محسوس ڪيو ته هن مافيا کي ختم نه ڪيو ويو ته هي ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيندا ڇو جو هن وٽ سڀ خبرون هيون ته هنن جي پلاننگ ڪهڙي آهي. اڄ ايم ڪيو ايم هڪ رٽائرڊ برگيڊيئر امتياز جي بيان کي گهڻو اڀاري رهي آهي جنهن چيو هيو ته جناح پور جي نقشن جي ڪا به حقيقت نه هئي رڳو ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪيو ويوهيو، پر اڄ ڳالهيون سڀ ظاهر پيون ٿين ۽ خود آرميءَ جا رٽائرڊ آفيسر جيڪي ان آپريشن ۾ شريڪ هئا  تن مان رٽائرڊ برگيڊيئر صولت رضا ۽ امجد شعيب چئي رهيا آهن ته برگيڊيئر امتياز لالچي ۽ ڪوڙو ماڻهو آهي، هن ايم ڪيو ايم کان پئسا وٺي سندس فائدي ۾ بيان ڏنو آهي ۽ ان بيان ڏيڻ کانپوءِ گمناميءَ جي دنيا ۾ هليو ويو هيو ۽ وري ظاهر نه ٿيو آهي هنن جو چوڻ آهي ته ميجر ڪليم کي پڻ جناح پور سازش کي بي نقاب ڪرڻ سبب اغوا ڪري مٿس ايترو ته تشدد ڪيو ويو هيو جو هو ڪيترا ڏينهن تڪليف ۾ هيو. ان جي اغوا جو ڪيس ايم ڪيو ايم جي اڳواڻي ۾ داخل ڪرايو ويو هو، پر نتيجو نه نڪتو ۽ جنرل مشرف جي دور ۾ ڪيس ئي واپس ورتو  ويو هيو، جنهن ڪري دل برداشت ٿي ڪري ميجر ڪليم ملڪ ئي ڇڏي ويو آهي.

صولت رضا صاحب چيو آهي ته هنن کي جناح پور جا نقشا ايم ڪيو ايم جي آفيس نائن زيرو تان مليا هئا ۽ هن چيو ته هنن جا انڊيا مان تربيت ورتل ڪارڪن ايترا ته سفاڪ ۽ وحشي جانور هيا جو هو جيئرن ماڻهن جي پٺين تان جا نورن جيان کلون لاهيندا هئا. 2004 ۾ هندستان جي ڳجھي ايجنسي جي چوڻ تي انڊيا جي هڪ  اخبار پاران هڪ سيمينار ڪرايو ويو جنهن ۾ الطاف ڀائي کي گهرايو ويو، کيس ايترو ته پروٽوڪول هيو جو هوائي اڏي کان وٺي هوٽل تائين الطاف ڀائي جي لاءِ مرحبا ئي بينر ۽ تصويرون لڳايون ويون هيون، جڏهن ته هن کانسواءِ ٻيا جيڪي عالمي اڳواڻ آيا هئا تن کي ڪو به پروٽوڪول نه مليو هو، اخبار کان پڇا ڪئي وئي ته هن ماڻهوءَ تي ايتريون مهربانيون ڇو آهن ته هنن چيو ته هي وڏن صاحبن جو مهمان آهي، انهن ئي ايڏو استقبال ڪيو اٿس، ساڻس گڏ فاروق ستار ۽ ٻيا به شامل هئا. تقرير ڪندي الطاف ڀائيءَ فرمايو ته پاڪستان جو ٺهڻ ئي غلط هيو ۽ هن پنڊال ۾ ويٺل هندوستانين کي چيو ته پاڪستان ۾ مهاجرن سان ظلم ٿي رهيو آهي، اسان اوهان کي مدد لاءِ سڏيون ته مدد ڪندئو؟ ان بابت هڪ سابق سيڪريٽري پريس راءُ رياض جيڪو انڊيا ۾ پاڪستاني ستفارتڪار هيو هن چيو ته الطاف جي تقرير ٻڌي اسان جي جسم ۾ باهه جا اُلا ڀڙڪي رهيا هئا ته هي ماڻهو ملڪ خلاف ڪيئن نه دشمنن کان به وڌيڪ زبان ٿو ڳالهائي، پر ان تي به بس نه ڪئي ويئي، جنرل مشرف طرفان پاڪستاني سفير کي فون تي چيو ويو ته الطاف ڀائي ٽي ڏينهن هندوستان ۾ ترسيل آهي، اوهان کيس سفارتخاني ۾ ڊنر تي گهرايو. سفير صاحب ۽ اسين عملو اچرج ۾ پئجي وياسين نيٺ سفارتخاني بجاءِ هوٽل ۾ ئي سندس دعوت ڪئي سين، ان کانسواءِ هزارن جي تعداد ۾ ڏوهاري جيلن مان مشرف جي دور ۾ پيرول تي ۽ اين آر او سبب آزاد ڪيا ويا. جن آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سون جي تعداد ۾ پوليس آفيسرن کي قتل ڪيو ۽ حڪومت تماشو ڏسندي رهي هئي. اڄ اهو جنرل پڇاڻي کان آجو ٿيل آهي ۽ سندس مددگار کيس ڪورٽ ۾ ٻين ڪيسن ۾ گهربل هئڻ سبب حاضر ٿيڻ ئي نه ٿا ڏين. اڄ الطاف ڀائيءَ تي ڪيس داخل ڪرايا ٿا وڃن ته ڇا جنرل مشرف کان پڇاڻو نه ٿو ٿي سگهي؟ بلڪل ٿيڻ به گهُرجي. ته چوڻ جو مقصد هي آهي ته ڏوهه ۽ سياست کي پاڻ ۾ سنگتي نه بڻايو وڃي، جن به سياسي ماڻهن جي ڏوهن ڪرڻ ۾ مدد ڪئي تن سنڀي کان سخت پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.

سنڌ حڪومت تي به هر طرف کان تنقيد ٿي رهي آهي ته هن جي اٺن سالن جي ڪارڪردگي خراب رهي آهي، ڪرپشن جي ڪري سڀ ادارا ڪنگال بڻجي چڪا آهن ۽ عسڪري ادارن جون جيڪي ڪچهريون سنڌ حڪومت جي اڳواڻن سان ٿي رهيون آهن تن ۾ کين چٽن لفظن ۾ چيو ويو آهي ته ڪرپشن ذريعي ڦٻايل پئسو سڀ جو سڀ واپس ڪيو وڃي ۽ جيڪي وزير صاحب ملوث آهن تن کي به هٽايو وڃي پر پ پ اڃا ٻڏتر ۾ آهي ته و زيرن جي هٽائڻ سان پارٽيءَ جي پوزيشن ۽ ساک ويتر خراب ٿيندي. ان لاءِ کين مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته ڪيل خطائون معاف ٿيڻ گهرجن باقي آئينده لاءِ اسان قسم ساک تي سڌري وڃڻ جي گارنٽي ٿا ڏيون، پر مٿيان مالڪ مٿن ويساهه نه ٿا ڪن.

هينئر پ پ کي پنجاب ۾ ٻيهر پير ڄمائڻ جي ڳڻتي ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ بلاول صاحب کي عيد بعد دورا ڪرايا ويندا. دورا به تڏهن ڪامياب ٿيندا جڏهن ماڻهو سندن نيڪ عمل کي ڏسندا.  ان ڪري پ پ کي گهرجي ته هو سنڌ ۾ پنهنجي ايمانداريءَ واري ساک بحال ڪري سڀني  ڪرپٽ ڪامورن ۽ وزيرن کي هٽائي نيڪ صالح ماڻهو اڳتي آڻي ڏيکاري. اينٽي ڪرپشن اداري ۾ بنهه به ساڳي پنهنجا نوازي نه ٿيڻ گهرجي، اهڙن ادارن تي نهايت سچا ۽ ايماندار ماڻهو رکيا وڃن. جن اٺن سالن۾ ڪوڙيون نوڪريون ڏنيون ۽ ڪرپشن ڪئي آهي، تن جا ڪيس ٺاهي ڪورٽن کان سزائون ڏياريون وڃن. جيڪڏهن سنڌ ۾ پ پ جي ساک سٺي ٿي بڻجي ته پوءِ باقي ٻين صوبن جا ماڻهو به کيس پسند ڪندا ته هاڻي سڌارو اچي رهيو آهي صرف چهرن جي بدلائڻ سان تبديلي نه ايندي عملي طرح ايمانداري ڏيکارڻي پوندي نه ته ٻڏندڙ ٻيڙو ڪناري ڪونه لڳي سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *