ايم ڪيو ايم  جي صفن ۾ ٿيندڙ بغاوت ڪٿي دنگ ڪندي ؟   : جاويد احمد چانڊيو

سنڌ جي دل واري شهر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو بنياد پيو .شاگرد جي پليٽ فارم تان سياست  مهاجر نالي سان سياست جو آغاز شروع ڪيو ويو  ڪراچي کان سياسي سفر شروع ٿيندڙ ايم ڪيو ايم اڳتي هلي مهاجرن سميت تمام قومن  جي دعويدار بڻجي وئي  ايم ڪيو ايم ۾ سڀني لاءِ در کولي ڇڏيا هئا.سڀني کي شامل ڪيو ويو پر اڪثريت اردو آبادي وڌيڪ رهي.  ايم ڪيو ايم اڪثر  هر حڪومت سان شامل ٿيندي رهي آهي. مرڪزي توڙي صوبائي وزارتن  ۽ نوڪرين  جي ڪوٽا ۾ به حصو کڻندي رهي آهي مرڪز ۾ سڻڀي وزارتن کان سوءِ سنڌ ۾ اڌ حصوسنڌ صوبائي سرڪار ۾ به اڪثر هلندو رهيو آهي .سنڌ ۾ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ هنن جو هميشه اهو شرط رهيو آهي ته جن وزارتن جا هو طلبگار آهن  اهي وزارتون هر حال ۾ وٺندا آهن، سنڌ جي ٻن وڏن شهرن ڪراچي حيد رآباد ۾ ووٽ حاصل ڪري حڪومت ۾ شامل ايم ڪيو ايم پنهنجو ن جڙون  سڄي ملڪ ۾ پکيڙڻ شروع ڪيون. ملڪ جي چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير گلگت ۾ به پنهنجو نيٽ ورڪ قائم ڪري ڇڏيو هو،ايم ڪيو ايم جي سياست جو انداز ٻين پارٽين کان مختلف رهيو آهي.ايم ڪيو ايم جو قائد الطاف حسين پاڪستان مان پاڻ مرادو وڃي برطانيه جي شهر لنڊن ۾ وڃي سياسي پناه ورتي هئي .برطانيه جي سرڪار کيس شهريت به ڏني. 1988۾ ڪراچي ۾ ٿيل لساني فسادن کان پوءِ  سنڌ جي عوام  الطاف حسين  کي اندرون سنڌ ڪابه وڏي سياسي موٽ نه ڏني .ڪراچي حيدرآباد کان سواءِ ميرپور خاص نواب شاهه ۽ سکر ۾ ماضي ۾ ٿيل اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جا ميمبر حادثاتي طور ضرور ڪامياب ٿئي آهي ان سبب پ پ مسلم ليگ (ن) سميت ٻين ۽ ٻيون سياسي شخصيتين جي اليڪشن ۾ بيهڻ ڪري ووٽن جي تقسيم ڪري وچان ايم ڪيو ايم جي لاٽري نڪري ايندي هئي ۽ اردو آبادي مهاجر نالي سان سياست ڪندڙايم ڪيو ايم کي ووٽ ڪاسٽ ڪندي هئي،

سنڌ جي سابق وڏي وزير مرحوم ڄام صادق علي تي اهو الزام لڳندو رهيو آهي ته مرحوم ڄام صا دق علي ماضي جي مهاجر قومي موومينٽ ۽ هاڻوڪي سڏجندڙ متحده قومي موومينٽ ايم ڪيو ايم  ڏار وڌا ۽ بئي ڌڙي جو به جنم ٿيو جيڪو ايم ڪيو ايم (حقيقي )جي نالي سان قائم آهي.    جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي بنياد پوڻ ۾ اڳوڻي آمرضياالحق جو هٿ هو.ان حقيقت ۾ ڪيتري صداقت آهي ان جي تصديق مختلف پارٽين وڏا سياستدان به ڪري چڪا آهن.  ايم ڪيو ايم جو بنياد پوڻ سان ڪراچي ۾ اڪثر ٻين پارٽين جو  پارليامينٽ کان آئوٽ رهيو  جنهن تي ايم ڪيو ايم کان سواءِ  پ پ مسلم ليگ (ن) تحريڪ انصاف، سنڌ ترقي پسند پارٽي ،سنڌ نيشنل پارٽي، سنڌ نيشنل پارٽي،  ايم ڪيو ايم حقيقي ، جماعت اسلامي جي يو آءِ  جي يو پي  سني تحريڪ مسلم ليگ (ق) عوامي نيشنل پارٽي،  سميت ٻيون سياسي پارٽيون  هميشه اهو الزام لڳائينديون رهيون آهن ته  ايم ڪيو ايم دهشت گردي ۽ اسلحي جي طاقت سان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندي رهي آهي .

ڪراچي کي اسلحي جي زورتي يرغمال بڻايو ويو آهي.ايم ڪيو ايم کي مليل مينڊيٽ ڪوڙو ۽ جعلي آهي ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشت گردن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ وڏي پئماني تي صفائي ٿئي آهي ۽ وڌيڪ صفائي ڪئي پئي وڃي .دهشت گردين ڏوهارين خلاف ٿيندڙ آپريشن جيڪو بنا ڪنهن فرق جي جاري آهي جنهن کان پوءِ ڪراچي ۾ حالات خراب ٿيڻ جو تصورپڻ ختم ٿي ويو آهي. پابندي مڙهيل تنظيمن ڪالعد م تنظيمن جيڪي مختلف ديني جماعتن سان گڏ بلوچستان جي آزادي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي ڪيترن مقابلن ۾ دهشت گردن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ايم ڪيو  ايم ڪراچي ۾ ايتري ته گرفت مظبوط ڪري ڇڏي جو هر حڪم  لنڊن واري ڀائي جو هلي رهيو هو . سنڌ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پ پ مسلم ليگ (ن) سميت بيون ڌريون به وڃي الطاف حسين کي راضي ڪري وٺنديون هيون پوءِ ڳجهه ڳوهه ۾ ڪهڙا لڪيل فيصلا ٿيندا هئا ان  خبر کي ڪڏهن ليڪ ٿيڻ نه ڏنو ويندو هو. هلندي حڪومت ۾ ڪن معاملن تي اختلاف اچڻ کان پوءِ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ۽ الزامن جو سلسلو شروع  ٿي ويندو هو.جيڪو هن وقت به جاري  آهي.پ پ جي اڳوڻي حڪومت ۾  ايم ڪيو ايم  جا ايتراته مطالبا پورا ڪيا ويا شايد پ پ ايترو فائدو پنهنجي پارٽي کي به نه پهچايو هوندو ،اڳوڻي فوجي صدر جنرل مشرف جي دور ۾ به ايم ڪيو ايم کي عروج تي پهچايو ويو هو . مشرف جي فوجي دور ۾ به ايم ڪيو ايم کي حد کان وڌيڪ عروج مليو .صوبائي حڪومت کان زبردستي پنهنجا مطالبا مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي رهي، ايم ڪيو ايم وٽ مطالبا مڃرائڻ جو  فارمولو هڙتال ڪراچي جو ڪاروباري نظام درهم فساد ڪرڻ  به شامل رهيو آهي .هڙتالن ۽ فسادن  ڪراچي سميت ملڪ کي ايڏو ته نقصان پچايو آهي  جنهن جو ازالو مشڪل ۽ ناممڪن آهن هر سال هڙتالن ۽ فسادن ٿيل نقصان کربن ۾ آهي.

ڪراچي ۾اڳ آپريشن  کان پوءِ ٿيندڙ واضع صورتحال سڀني جي سامهون آهي . هن کان اڳ جڏهن ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو گهاٽو دوست  ۽ هاڻي مخالف بڻيل صوبائي وزير ڊاڪٽر ذولفقار مرزا جي دور ۾ به ڪراچي آپريشن ٿي رهيو هو، ان دور جو جائزو وٺجي ته ڊاڪٽر ذولفقار مرزا پاڪ ڪتاب مٿي تي رکي اها نشاهدي ڪئي ته  ايم ڪيو ايم جو قائد الطاف حسين ملڪ دشمني ڪارن ڪارنامن ۾ ملوث آهي.پوءِ هن سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو هو ته مهاجرن کي سنڌ ۾ پناهه سنڌ واسين ڏني انهن جي مهمانوازي به سنڌ ڪئي جڏهن ڀارت کان مهاجر سنڌ ۾ آيا هئا ته هنن جي پري جان تي ڪپرو به پهريل نه هو. انه بيان کي ٽوڙي موڙي پيش ڪيو ويو . رڳو لفظي جنگ سان  ڪراچي ۾ فساد پرباٿي ويوهو سڄو ڏينهن ڪراچي ۾ هنگامان ٿيندا رهيا، کلي عام اسلحي جي زور تي شديد فائرنگ ڪري خوف جي فضا قائم ڪئي وئي ڪراچي جي چپي چپي تي باهه جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا. زبردستي ماڻهن کي گهرن کان ڪڍي مرزا خلاف وڏو جلوس به ڪڍيو ويو ان خلاف مختلف علائقن ۾ ڪريل الفاظ ۾ چاڪنگ به ڪئي وئي، ڪراچي ۾ انهي پاليسي تي عمل ٿيندو رهيو ته جو قائد ڪا غدار هي وه موت ڪا حقدار هي. سچ ٻڌائڻ وارا چون ٿا ته ڪيترن باغين کي بي وقتو مت ڏياريو ويو، ايم ڪيو ايم حقيقي جو اهڙو ته حشر ڪيو ويو جو هن وقت تائين ڀوڳي رهي آهي، ان جي قيادت جا اهم اڳواڻ سرعام قتل ڪيا ويا. هن وقت سياست لاءَ گرم ٻڌيو پيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين  بغاوت جو جهندو کڻندڙ ايم ڪيو ايم جي اهم اڳواڻن مصطفيٰ ڪمال، انيس قائمخاني ۽ ڊاڪٽرصغير احمد به شامل ٿئي چڪو آهي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي ويجهن ذريعن ٻڌايو ته تمام جلد مناسب وقت تي پارٽي اهم شخصيتون به شا مل ٿينديو  .گڏيل طور پريس ڪانفرنس ڪروڙين ماڻهن سوشل ميڊيا جي ذريعي ڏٺي  غور سان به ٻڌي .۽ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين  تي ساڳا الزام لڳائيندي هنن ايم ڪيو ايم کان الڳ ٿيڻ جو اعلان به ڪيو آهي، هن ايم پي اي تان استيفيٰ  ڏيئي ڇڏي.

ڇا واقعي ايم ڪيو ايم  زوال طرف وڃي رهي آهي  ايم ڪيو ايم  جي قائد الطاف حسين تي لڳندر الزامن کان پوءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾  الطاف حسين جي حمايت مظاهرا به ٿيا، گڏٿيل ماڻهن جو تعداد نه هجڻ برابر هو. ماضي ۾ الطاف حسين جي ڪنهن به پروگرام ۾ هن جو سکڻو اعلان ئي ڪافي هوندو هو، وڌيڪ ڪم ڪرڻ وارا ٽارگيٽ ۽ ڪم پورو ڪري وٺندا هئا، آپريشن کان پوءِ امن بحال ٿيڻ سان گڏ خوف جي به فضا ختم ٿئي رهي آهي ،حالتن مان محسوس ٿئي رهيو آهين ته ڪراچي جي سياست ۾ زوردار سياسي ڌماڪو ٿيڻ وارو آهي.ممڪن آهي ته ٻين سياسي ڌرين به گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي .جنهن جيڪو فصل پيدا ڪيو ان کي ان جو نتيجو ضرور ملڻو آهي، وقت سدائين هڪ جهڙو نه ٿيندو آهي.ماضي ۾ ڪراچي وهندڙ انساني خون جو نديون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن ڪهڙو ظلم آهي جو ڪراچي ۾ ٿي گذريو نه آهي .هرحالت ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ ملڪي قومي مفادن ۾ هوندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *