ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ڳالهيون ناڪام اميد برقرار؛الطاف گاڏهي

آسٽريا جي شهر ويانا ۾ ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ايران جي ائٽمي مسئلي تي هلندڙ ڳالهين جو ڪو خاص نتيجو نڪري نه سگھيو پر مثبت ڳالهه اها هئي ته ايران ۽ عالمي طاقتن، آمريڪا، چين، روس،فرانس، برطانيه ۽ جرمني (جي فائيو پلس ون) ايران سان ڳالهين کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڳالهين جي مدي ۾ واڌ ڪندي پهرين جولاءِ جي ڊيڊ لائين مقررڪئي آهي ته جيئن ڪنهن حتمي معاهدي تائين پهچي سگھجي، ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ايران جي ائٽمي مسئلي بابت گذريل سال 24 نومبر تي جنيوا ۾ معاهدو ٿيو هو. جنهن کي “جنيوا معاهدو” سڏيو وڃي ٿو ان معاهدي ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ايران يورينيم رچائڻ جي مقدار 20 فيصد کان گھٽائي 5 فيصد ڪري ڇڏيندو، جنهن جي عيوض ايران مٿان لڳل اقتصادي پابنديون آهستي آهستي ختم ڪيون وينديون، ان معاهدي تي هلندڙ سال 20 جنوري کان عمل شروع ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ ائٽمي توانائي جي عالمي اداري (آءِ اي اي اي اي)کي پڻ مڪمل اختيار ڏنو ويو هو ته هو جنهن وقت چاهي ايران جي ائٽمي ٺڪاڻن جو معائنو ڪري سگھي ٿو، 24 نومبر 2014 تي معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻي هئي پر ڳالهين ۾ اڳڀرائي نٿي سگھي تنهن ڪري ڳالهين جي مدي ۾ 7 مهينا واڌ جو فيصلو ڪيو ويو. ويانا ۾ ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ۽ يورپي يونين طرفان نمائندگي ڪندڙ ڪيٿرين ايسٽن وچ ۾ ايران جي ائٽمي مسئلي بابت ڳالهيون ٿيون. جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين اڪيلائي ۾ پڻ ڳالهيون ٿيون.ويانا ۾ هلندڙ ڳالهين ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايران کي هر مهيني 70 ڪروڙ ڊالر ادا ڪيا ويندا جيڪي ايران تي پابندي سبب روڪيا ويا هئا. ان کانسواءِ هلندڙ سال مارچ ۾ ڳالهين جو “ فريم ورڪ” تيار ڪيو ويندو ۽ پهرين جولاءِ تي
حتمي معاهدو ڪيو ويند، جيتوڻيڪ ايران سان ڳالهين ۾ آمريڪا سان گڏ چين، روس، برطانيه، فرانس ۽ جرمني ۾ پڻ شامل آهن پر عام خيال اهو آهي ته اصل ڳالهيون آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيڻيون آهن، آمريڪي صدر بارڪ اوبامه کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا ان کي يقين آهي ته ايران سان جيڪڏهن ائٽمي معاهو ٿي ويو ته آمريڪي ڪانگريس ان کي منظور ڪندي ته اوبامه جو چوڻ هو ته ان کي اميد آهي ته جيڪڏهن اسان کي يقين ٿي وڃي ته ايران ائٽمي هٿيار نه ٺاهيندو ته هو نه فقط ڪانگريس پر آمريڪي عوام کي به راضي ڪري وٺندو. ڏٺو وڃي ته 1979 ۾ رضا شاه پهلوي جي آمريڪا نواز حڪومت جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي آهي. آمريڪا ايران کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ اقتصادي پابنديون هڻي جھڪائڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي ايران جي ائٽمي پروگرام خلاف منفي پروپئگنڊا ڪئي، آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن ڀرپور مهم هلائي ته ايران جي ائٽمي پروگرام کان دنيا کي ايترو ته خوفزده ڪيو وڃي جو سموري دنيا آمريڪا سان گڏ ايران خلاف اُٿي بيهي پر ان تي به آمريڪا کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، آمريڪا پاران ايران مٿان مسلسل اقتصادي پابندين جو مقصد پڻ اهو هو ته ايران جي معيشت کي ايترو ته ڪمزور ڪيو وڃي جو ايراني عوام پنهنجي حڪومت خلاف روڊن تي نڪري اچي پر لڳي ٿو ته هاڻي آمريڪا کي اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي وئي آهي ته ايران کي اقتصادي پابندين ذريعي جھڪائي نٿو سگھجي. ۽ ايران جو ائٽمي مسئلو ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگھي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو 1979 ۾ ايران ۾ آيل اسلامي انقلاب کان پوءِ پهريون ڀيرو هو جو آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ ايراني پرڏيهي وزير وچ ۾ آمهون سامهون ڳالهيون ٿيون. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي مخالفت ڪندي چيو ته ڪنهن خراب معاهدي کان بهتر آهي ته ڪو به معاهدو نه ڪيو وڃي، نيتن ياهو چيو ته ايران وٽ بئليسٽڪ ميزائيل آهن جيڪي ائٽمي وار هيڊ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ڏٺو وڃي ته اسرائيل ايران جو سڀ کان وڏو مخالف آهي ۽ سڄي دنيا کي خبر آهي ته آمريڪي حڪومت توڙي ميڊيا تي يهودي لابي جو تمام گھڻو اثر آهي، جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ اسرائيل سميت اولهه جا اڪثر ملڪ ايران جي ائٽمي پروگرام جا مخالف آهن پر اهي ايران جي ائٽمي پروگرام تي مڪمل طور تي پابندي هڻڻ ۾ ڪامياب نٿي سگھيا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته ايران اڄ ڏينهن تائين ائٽمي عدم ڦهلاء جي معاهدي (اين پي ٽي) جي ڪا به خلاف ورزي نه ڪئي آهي، اين پي ٽي معاهدي تي صحي ڪندڙ هر ملڪ کي اهو حق حاصل آهي ته اهو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ائٽمي توانائي حاصل ڪري سگھي ٿو. اين پي ٽي معاهدي تي صحي ڪندڙ ملڪ ان ڳالهه جا پابند آهن ته اهي يورينيم ۽ پلوٽينيم نه ٺاهيندا جيڪي ائٽمي هٿيار ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا. ايران جي يورينيم رچائڻ جي مقدار 5 فيصد آهي جڏهن ته ائٽم بم ٺاهڻ لاءِ يورينيم رچائڻ جي مقدار گھٽ ۾ گھٽ 90 فيصد هجڻ گھرجي، ڪنهن به ملڪ کي يورينيم رچائڻ لاءِ ڪنهن ٽيڪنالاجي جي ضرورت هوندي آهي،ايران يورينيم رچائڻ لاءِ سينٽي فيوجز جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيو آهي، ڪنهن به ملڪ وٽ جيڪڏهن يورينيم رچائڻ جي ٽيڪنالاجي آهي ته اهو يورينيم رچائڻ جي مقدار کي وڌائي به سگھجي ٿو اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ملڪ ايران جي ائٽمي پروگرام خلاف واويلا ڪري رهيا آهن ته ايران يورينيم رچائڻ جي مقدار 5 فيصد کان وڌائي سگھي ٿو، جنهن کان پوءِ ايران ائٽم بم ٺاهڻ جي صلاحيت حاصل ڪري سگھي ٿو. پر ايران ان الزام کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جو ائٽمي پروگرام پر امن آهي، ايران جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ملڪ ايران جي ائٽمي پروگرام جي ته مخالفت ڪري رهيا آهن پر اسرائيل، جنهن وٽ غير قانوني طور 100 کان مٿي ائٽم بم موجود آهن ۽ ان ائٽمي عدم ڦهلاء واري معاهدي اين پي ٽي تي به صحي نج ڪئي آهي، ان خلاف آمريڪا ۽ ان جا ساٿي ملڪ هڪ لفظ به ڪڇڻ لاءِ تيار ناهن، ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو ته ايران جو ائٽمي پروگرام پرامن آهي ۽ ائٽمي توانائي جو عالمي ادارو آءِ اي اي اي جنهن وقت به چاهي ايران جي ائٽمي ٺڪاڻن جو معائنو ڪري سگھي ٿو.ڏٺو وڃي ته ايران سموري دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته ايران جو ائٽمي پروگرام پرامن آهي هاڻي جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿين ٿيون ته ان سان نه صرف ايران جي معيشت مضبوط ٿيندي پر ايران تي پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي بئنڪون، هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپنيون، تيل ۽ گئس جا واپاري ايران ۾ آزادي سان سيڙپڪاري ڪري سگھن ٿا پر ملين ڊالر جو سوال اهو آهي****”(جاري)

ته ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب وڃن ٿيون يا اڳ جيان ڳالهين ۾ ڊيڊلاڪ برقرار رهندو جنهن جو جواب ايندڙ وقت ئي ڏئي سگھي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *