ايجنسيون آخر مذھبي انتھا پسندن جي سرپرستي ڇو ٿيون ڪن؟: امير ڀنڀرو

جُھوني سياستدان محمود خان اچڪزئي اسيمبلي فلور تي چيو ته پاڪستان ۾ تيستائين امن نه ٿيندو جيستائين پاڪستان پاڙيسري ملڪن ۾ پراڪسي وار ختم نه ڪندو. پرڏيھي ڪميٽي جي ھڪ حڪومتي ميمبر چيو ته” ھي(مذھبي گروپ)اسان کي ڪھڙا آنا ٿا ڏين جن کي رکيو ويٺا آھيون، دنيا جي جنھن به ملڪ ۾ وڃون ٿا اُتي لشڪرِ طيبا،جماعت الدعوه ۽ جيشِ محمد بابت سوال ٿين ٿا“ نامور صحافي سيرل الميڊا نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان ٿيل ڪابينا ميٽنگ جو اندروني حوال ڏيندي ”ڊان“ اخبار ۾ رپورٽ لکي ته ”وزير اعليٰ پنجاب شھباز شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل رضوان اختر تي الزام ھنيو ته اسين جنھن مذھبي دھشتگرد کي گرفتار ڪيون ٿا ته ايجسنيون چون ٿيون ته اِھو اسان جو ماڻھو آھي ۽ ان کي آزاد ڪرائي وڃن ٿيون، ان اسٽوري تي ويچارو سيرل سُورن ۾ پئجي ويو آھي،  ڇاڪاڻ ته ھُن قومي راز جو ڀانڊو ڦاڙي وڌو، ساڳئي نموني محمود خان اچڪزئي تي به سرڪار ڏمرجي پئي، ھن قصي جي پس منظر ۾ وڃڻ جي ضرورت آھي، سرد جنگ دوران آمريڪا پاڪستاني فوج ۽ مذھبي پارٽين  جي اتحاد پي اين اي جي مدد سان ملڪ ۾ شورش ڪرائي، جنھن کي ڊالر تحريڪ به چيو وڃي ٿو، ملڪ جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو جو جنرل ضياءُ الحق کان تختو اونڌو ڪرايو، جنرل ضياءُ جعلي ريفرينڊم ذريعي پاڻ اميرالمومنين ٿي ويھي رھيو، ھِن جماعت اسلامي ۽ٻين مذھبي پارٽين کي پاڻ سان ملائي رکيو، ھن آمريڪا ۽ سعودي عرب جي مدد سان پاڪستان ۾ نظام مصطفيٰ ۽ نفاذ شريعت جو اعلان ڪيو، ان سان گڏ افغان جھاد شروع ڪرايو، پاڪستان مان جھادي گروپس تيار ڪيا ويا ۽ ان دوران لکن جي تعداد ۾ افغان مھاجرين پاڪستان ۾ آيا ۽ انھن جو وڏو تعداد ڪراچي  ۾ ترسايو ويو، روس خلاف جنگ کي عالمن کان فتوائون ڏياري پاڪ جنگ قرار ڏياريو ويو، ٻين لفظن ۾ مذھبي انتھاپسندي جو ٻِج پاڪستان ۾ آمريڪا ڇَٽيو، جڏھن روس ٽُٽي ويو، افغانستان تي طالبانن جي حڪومت قائم ٿي وئي ته آمريڪا به ان جي سرپرستي ڪندو رھيو، جڏھن آمريڪا جو پاڪستان مان ڪم نڪري ويو ته ان ھوائي حادثي ۾ جنرل ضياءُ کي مارائي ڇڏيو،  محترمه بينظير ڀُٽو شھيد کان جنرل حميد گل کي جبري رٽائر ڪرايو، منھنجي خيال ۾ جڏھن آمريڪا طالبان مان ھٿ ڪڍيا ته سعودي ۽ پاڪستان انھن جي پالنا جو عمل جاري رکيو 9/11 کانپوءِ آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ۽ قبضو ڪري طالبان حڪومت ختم ڪري ڪرزئي کي ويھاريو ۽ پاڪستان تي به دٻاءُ وڌو ته ھُو طالبان، القائدا ۽ ٻين مذھبي گروپس خلاف ڪاروائي ڪري، ان ڏينھن اڄ تائين آمريڪا پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو ڪندي رھي ٿي، پاڪستان جي ھزارين خاطرين باوجود اساما بن لادن ۽ ملا عمر سميت سڀني طالبان ۽ القاعده جي ا ڳواڻن جي پاڪستان ۾ موجودگي رھي آھي، جيڪا امريڪا جي الزامن کي سچ ثابت ڪندي رھي ٿي، حالتن مان محسوس ٿئي ٿو ته سعودي ۽ پاڪستان سان آمريڪا جو اتحاد ۽ دوستي رسمي وڃي بچي آھي ۽ تازو آمريڪي سينيٽ اوباما جي مخالفت باوجود 9/11 جو ڪيس سعودي مٿان داخل ڪرڻ جو فيصو ڏنو، آمريڪا جا پاليل ھي مذھبي دھشتگرد گروپ گذريل پندرھن سالن کان پاڪستان لاءِ به ڏَچو ڪيو ويٺا آھن، دھشتگردي ۽ خودڪش حملن ۾ ھن وقت تائين ھزارين معصوم شھري مري چڪا آھن، گذريل ھڪ ڏھائي کان پاڪستان حالت جنگ۾ آھي، آپريشن ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان تحت آپريشن جاري آھن، ھن وقت گُڊ يا بيڊ طالبان جي ڳالھه پئي ھلي، پر انڊيا آمريڪا ۽ ٻي عالمي برادري جيش محمد،حقاني نيٽ ورڪ،جماعت الدعوه ۽ ٻين مذھبي انتھا پسند گروپس جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿي، انڊيا ۽ افغانستان جو الزام آھي ته پاڪستان انھن گروپن کي ٻنھي ملڪن اندر پراڪسي وار لاءِ استعمال ڪري دھشتگردي ڪرائي ٿو، ھاڻ ھي سمجھڻ گھرجي ته محمود خان اچڪزئي ۽ سيرل واري اسٽوري آمريڪا، انڊيا ۽ افغانستان لڳايل الزامن جي سچائي ثابت ڪري ٿي پر ان جي توثيق به ڪري ٿي، جڏھن پاڪستان ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ دھشتگردي ڪرائيندو ته نتيجي ۾ لازمي طور اُھي به پاڪستان جون حالتون خراب ڪندا، تنھن ڪري پاڪستاني ايجنسين کي گھرجي ته ھُو پاڙيسري ملڪن توڙي عالمي برادري جي اعتماد جي بحالي جي ڪري ملڪ جون اندروني حالتون ٺيڪ ڪرڻ لاءِ حافظ سعيد،مسعود اظھر ۽ ٻين رياستي پيدا ڪيل دھشتگردن جو خاتمو ڪري.

Author: Tariq Sandilo