اياز جمالي جي آزادي سواليه نشان بڻيل ؟؛: تحرير. شيرمحمد سولنگي  (اچيورس)

پاڪستان ۾ بيروز گاري ايتري وڌي وئي آهي جو وطن سان پيار ڪندڙ نوجوان روز گار حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ ڏانهن هليا وڃن ٿا . سک کان ڪو به ملڪ ناهي ڇڏيندو پر جڏهن بک بدحالي ۽ بيروزگاري وڌي ويندي آهي ته اتان جا نوجوان يا ته خود ڪشي ڪرڻ تي لهي ايندا آهن يا روز گار جي تلاش ۾ ملڪ جون سرحدون به پار پئجي ويندا آهن بيروزگاري ڪيترائي داناءُ ديوانا ڪري ڇڏيا آهن پر بدين واسي انجئير  اياز جمالي سميت 25 ڄڻا هڪ آئل ڪمپني ۾ ڪم ڪري رهيا هئا جڏهن اهي 8 مهينن کان پوءِ 22  مارچ تي وطن واپس اچي رهيا هئا اهي گھمري آئل فيلڊ  کان 50 ڪلو ميٽر فاصلي وٽان 5 ساٿين سميت  اچي رهيا هيا ته انتها پسند تنظيم سا تعلق رکندڙ گروھ اغوا ڪري ورتو آهي ياد رهي ته  انهن ئي ويڙهاڪن سوڊان جي سرڪار 19 فيبر وري تي چتاءُ ڏنو هو ته سوڊان مان سمورن پرڏيهن کي نيڪالي ڏئي واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو ورنه انهن جو هتي جيئڻ جنجال ڪنداسين . جنهن کان پوءِ سست ئي رائيڪمبشير نالي هڪ جهادي تنظيم اياز جمالي ۽ ساڻس گڏ ساٿين کي اغوا ڪاري پهريون شڪار ڪري حڪومت کي بي وس ڪرڻ جو نياپو ڏنو آهي . هن وقت مغوين جا وارث سخت پريشان آهن جن جي پاڪستان سرڪار ڪنهن به قسم جي مدد ناهي ڪئي جڏهن ته ياز جمالي پاڪستان جي هڪ آئل ڪمپني ۾ پهريان ڪم  هوندو هو ۽ ان جي توصل سان سوڊان جي هڪ آئل ڪمپني ۾ ملازمت لاءِ پاڪستان مان سوڊان ويو ۽ سوڊان 240 ڏينهن رهڻ بعد وطن واپسي لاءِ ايندي جهادي باغي  گروپن جي ور چڙهي ويو آهي . هن وقت  اها به خبر ناهي  هو ڪيئن ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي . بظاهر ته اسان تائين اهي خبرون پهتيون آهن ته ڏکڻ سوڊان جي اپر نائل علائقي ۾ تيل ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ بدين واسي پاڪستاني انجنيئر کي باغي اغوا ڪري وريا آهن ان سلسلي ۾ مغوي اياز جمالي جي ڀاءُ الطاف جمالي جو چوڻ آهي ته سوڊاني باغين سندس ڀاءُ سان گڏ يو اين او جي ٽن ملازمن کي به اغوا ڪيو آهي جن جو تعلق ڀارت سان آهي . ڏکڻ سوڊان جي اپر نائل صوبي مان سوڊاني باغي بدين واسي پاڪستاني انجنيئر اياز جمالي کي اغوا ته ڪري ويا آهن پر سندس پوئواري ڪرڻ بابت ڪي به اثرائتا قدم ناهن کنيا ويا . مغوي پاڪستاني انجنيئر اياز جمالي جي ڀاءُ الطاف حسين جمالي جو چوڻ آهي ته  سندس ڀاءُ سوڊان ۾ هڪ تيل ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهي.  جتي آچر ڏينهن صبح جو پنهنجي ڊيوٽي تي ويندي اغوا ٿي ويو آهي. هن چيو ته، سواڊاني باغي سندس ڀاءُ سان گڏ يو اين او جي ٻن ملازمن کي به اغوا ڪري ويا آهن، جنهن جو اطلاع اتي موجود سندس ٻئي ڀاءُ فون تي اطلاع ڪيو آهي سودان ۾ هن وقت انتها پسندي جي ڪري باغي گروپ اسپتالن ۽ ٻين رهائشي هنڌن تي حملا ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ڪيترائي اتان جا رهاڪو لکن جي تعداد ۾ مارجي وايا آهن . سوڊان ۾ باغين هٿان اغوا ٿي ويل بدين واسي انجنيئر اياز جمالي جي ڀاءُ جو وڌيڪ  چوڻ هو ته سندس ڀاءُ لاهور جي هڪ ڪانٽريڪٽر ڪمپني جي معرفت سوڊان ويو، ان ڪمپني جي اختيارين سان رابطو ڪيو پر انهن ڪو به جواب ناهي ڏنو ۽ نه ئي سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

اسين قلمڪار  سوڊان ۾ باغين هٿان بدين واسي انجنيئر اياز جمالي جي اغوا تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿي  ته انجنيئر جي بازيابي لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.  پرڏيهي وزارت انجنيئر ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ سفارتي ڪوششون ڪري. ٻئي طرف بدين ۾ انجنيئر اياز جمالي بازياب نه ٿيڻ تي سندس وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، سندس گهر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد جاري آهي. جڏهن ته انساني حقن واري تنظيم جي سربراهه انصاربرني، حسين هارون ۽ ملحيه لوڌي کي پر زور اپيل ڪري رهيا آهيون ته اغوا ٿي ويل انجنيئر اياز جمالي جي وارثن سان رابطو ڪري سندس بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ لاءِ حڪومت ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪري رهيا آهيون جيترو ٿي سگھي اوترو جلدي کيس باغي گروپن جي چنبي مان آزاد ڪرائي وارثن تائين پهچايو وڃي ڇا ڪاڻ ته سندس گھر ڻ بي چيني واري لهر ڇانيل آهي سڀ گھر ڀاتي اياز جمالي جي اغواڪاري واري ڏک ۽ صدمي ۾ ورتل آهن . جنهن ڪري سندن گھر ۾ سوڳ جهڙو ماحول تاري ٿي ويو آهي . جيڪي بار بار روئي رهيا آهن هن مهل تائين ڪو حڪومتي ڌر جو ماڻهون آٿت ڏيڻل لاءِ وٽن ناهي پهتوجنهن ڪري هو وڌيڪ سرس ڏک ۾ ورتل آهن ان ڏس ئي ڪو وري سماجي تنظيم ِا انساني حقن سان تعلق رکڻ وارين تنظيمن جا ڪي اڳواڻ پهتا آهن . اياز جمالي جو بار آئل ڪمپني جي مٿان آهي کيس هر حال ۾ ان کي ئي  بازياب ڪرائڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته هي هڪ انساني زندگي جو معاملو آهي .  سوڊان ۾ هڪ بدين واسي سميت 3 هندستانين جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي، گذريل ڏينھن سوڊان جي باغي گروپ رائيڪ ميشير سوڊان۾ چائنا۽ ملائيشا ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ  بدين جي نوجوان اياز جمالي کي ٽن ھندستانين سميت اغوا ڪري ورتو سوڊان حڪومت پاران ڏنل سيڪيورٽي گارڊ کي مزاحمت ڪرڻ تي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ڏکڻ سوڊان جي باغي گروپ رائيڪ ميشير ٽن ڄڻن جي اغوا جي ذميواري قبول ڪندي سوڊان مان تيل ڪمپنينن مان سمورن پرڏيھن کي فوري طور نيڪالي ڏيڻ جي ڌ مڪي ڏئي ڇڏي آھي، جنھن کان پوءِ سوڊان ۾ غير محفوظ ھجڻ سبب چائنا ۽ ملائيشا ڪمپنين فوري طور ڪم بند ڪري ڇڏيو آھي سوڊان ۾ موجود اياز جمالي جي ڀاءُ ”صحافين“ پاران  رابطي تي ٻڌايو ته ڀاءُ اياز جمالي سميت ٽن ڄڻن جي اغواءُ جي ذميواري سوڊان جي باغي گروپ رائيڪ ميشير قبول ڪندي سوڊان حڪومت کي فوري طور تيل ڪمپنين مان نيڪالي ڏئي واپس موڪلڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، جيستائين پرڏيھي واپس نٿا موڪليا وڃن تيستائين مغوين کي واپس نه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي ھن وقت آءُ ڪمپني ڇڏي ڏکڻ سوڊان جي گادي واري شھر جوباءُ  ھليو آيو آھيان تيل ڪمپنين جي سوڊان حڪومت سان ڳالھيون ھلندڙ ته فوري طور باغي گروپ کان انجنيئرن کي بازياب ڪرايو وڃي.  پرڏيهي کاتي سوڊان ۾ ويڙهاڪن هٿان سنڌ واسي انجنيئر اغوا ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي.  پاڪستاني انجنيئر جي اغوا بابت معلومات ملي آهي ڏکڻ سوڊان حڪومت سان سرڪار رابطي ۾ آهي .  ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان جو سفارتي عملو موجود ناهي. ايٿوپيا ۾ موجود پاڪستاني سفارتي عملو ڏکڻ سوڊان حڪومت سان رابطي ۾ آهي. برطانوي خابرو اداري سوڊان جي ويڙهاڪن پاڪستاني شهري سميت چئن ڄڻن جي اغوا ڪري ورتو آهي . اغوا جو مقصد چيني ۽ ملائيشي ڪنسور شيم کي ٻاهر ڪڍڻ آهي. واضح رهي ته بدين واسي انجنيئر اياز جمالي به اغوا ٿيلن ۾ شامل آهي . بدين اياز جمالي جي گھر ۾ ڏک جي لھر ڇانيل آهي گھر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد جاري آهي، سندس والده زليخان جمالي روئندي چيو ته پٽ کي فوري طور بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ھن چيو ته آئون باغي گروپ جي اڳواڻ کي اپيل ڪيان ٿي ته منھنجو پٽ  مون کي صحيح  سلامت واپس ڏنو وڃي  سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪاري سميت انساني حقن سان تعلق رکنڊڙ سماجي تنظيمون تحرڪ ۾ اچي جلد کان جلد بدين واسي نوجوان اياز جمالي بازياب ڪرائي سندس گھر ڀاتين ۾ پکڙجندڙ بيچيني کي ختم ڪيو وڃي  .

******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *