انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ زهر!: رابيعه جي آر چانڊيو

انسان نشو ڇو ڪندو آهي؟ هونئن ته جيڪڏهن امير طبقو نشو ڪري ٿو ته اسان چونداسين ته اهو شوق خاطر ڪري ٿو ۽ غريب طبقو مجبوري تحت ڪري ٿو. اسان سڀني کي خبر آهي ته هن ملڪ اندر غريب ماڻهن کي پنهنجن حقن کان محروم رکيو ويو آهي. حڪمرانن جي بي حسي جي ڪري غريب ماڻهو ٽي وقت مانيءَ لاءِ پريشان آهي. جتي هر وقت معاشي بدحاليءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هجن، جتي والدين غربت سبب پنهنجي ٻچن جون ننڍڙيون ننڍڙيون خواهشون به پوريون نه ڪري سگهن ۽ جتي سڀ رستا بند ٿي وڃن ۽ هر طرف انڌير نگري ڇانيل هجي، اتي مايوسيون جنم نه وٺنديون ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ ۽ مايوسين کان ڪجهه وقت لاءِ جان آجي ڪرڻ لاءِ انسان ڪو به غلط رستو اختيار ڪري وٺي ٿو. اسان جي ملڪ اندر غريب طبقو به ڪجهه اهڙين ئي تڪليفن ۽ سورن سان مقابلو ڪري ٿو. غريب ماڻهن لاءِ هر اڀرندڙ سج فقط دردن جا پيغام کڻي اچي ٿو، پر ان سان اسان جي حڪمرانن کي ڪو به فرق نٿو پوي. اسان جي ملڪ جي سياسي اڳواڻن هميشه غيرذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. انهن لاءِ غريب عوام ڄڻ ته هن ملڪ جو حصو ئي ناهن!

سياست جو مقصد آهي عوام جي خدمت ڪرڻ پر اسان جا حڪمران جيڪا عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن، اها به ڪنهن کان لڪيل ڪونهي. اسان جي ملڪ اندر جيڪو ٿي رهيو آهي، جهڙي طرح انساني زندگيون اک ڇنڀ ۾ اجل جو شڪار ٿي رهيون آهن ۽ جنهن نموني حڪمران لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، تنهن تي جيترو به افسوس ڪجي سو گهٽ آهي. هڪ طرف مهانگائي جو آزار آهي ته ٻئي طرف بجليءَ جي لوڊشيڊنگ، ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان نسل جيڪو اسان جي ملڪ جو سرمايو هجن ٿا، جن جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم بدران ڪچي شراب جهڙو زهر پيل آهي، اهي منشيات جي اڏن تي وڪامجي رهيا آهن ۽ پنهنجون جوانيون جلائي رهيا آهن. اسان جي ملڪ اندر ڪو به ڏينهن عوام لاءِ پريشانين کان خالي نٿو هجي.

هونئن ته اسان جي ملڪ ۾ ڀنگ، گٽڪو، آفيم ۽ ٻيا ڪيترائي نشا عام وڪرو ٿي رهيا آهن، جن نوجوان نسل جي زندگي تباهه ڪئي آهي، پر تازو ئي ڪچي شراب جنهن کي ٺرو چيو وڃي ٿو، اُن کي واپرائڻ سان هڪ ئي رات ۾ ٽنڊو محمد خان اندر ڪيتريون ئي حياتيون زندگيءَ جي چيچ مان هٿ ڇڏائي موت جي واديءَ ڏانهن هليون ويون. ٺري نالي اِهو زهر سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ آسانيءَ سان ملي سگهي ٿو، بلڪه ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اِهو زهر شوق سمجهي گهرن ۾ ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن جي حد جي پوليس کي ڄاڻ پڻ هوندي آهي، پر جيئن ته پوليس ٿاڻا هلندا ئي غير قانوني ڌنڌو ڪندڙن جي منٿلين تي آهن، تنهن ڪري اُنهن خلاف قدم نٿو کنيو وڃي.

ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيل تازي واقعي چار درجن زندگيون ئي ناهن وڃايون، ويڙها ۽ وسنديون به ويران ڪيون آهن، ڪيترائي ٻار يتيم، ڪيتريون ئي ونيون بيواهه ته ڪيترائي ئي والدين پنهنجي جوان اولاد جي سهاري کان محروم ٿيا آهن. اڄ اُنهن جي گهرن ۾ مائرون پنهنجا سينا پٽيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پر انهن جي درد جو احساس نه ته اسان جي اعلي آفيسرن کي آهي نه ئي پوليس اهلڪارن کي. سنڌ اندر سر عام ڪچي شراب جا اڏا کليل آهن، جنهن پويان نوجوان نسل تباهه ٿي رهي آهي. ڪچي شراب جون بٺيون ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ويون آهن. اهي منشيات فروش جيڪي بنا ڪنهن ڊپ جي سرعام اڏا کولي ويٺا آهن ۽ جيڪي نوجوان نسل جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهن، ڇا اهي ڏوهاري اسان جي ضلعي آفيسرن ۽ پوليس اهلڪارن کان سگهارا آهن؟ جو هن مهل تائين نه ته ڏوهارين کي سزائون آيون آهن نه ئي نشي جي اڏن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ان ڳالهه مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس اهلڪار خود ان ڪڌي ڪم ۾ ملوث آهن. اهي اڏا پوليس جي سرپرستيءَ هيٺ هلن ٿا، جن جي ڪمائي انهن وٽ رسي ٿي، ۽ اهي سزائون لاچار۽ بي ڏوهي غريب ماڻهن کي ڏين ٿا، ڇو ته انهن لاءِ پئسو ئي سڀ ڪجهه آهي. غريب ماڻهو جيئي يا مري، تنهن سان اُنهن کي ڪو سروڪار ناهي.

زندگي هر انسان کي پياري هجي ٿي ۽ هر انسان زندگي کي ڀرپور نموني گذارڻ گهري ٿو ۽ پنهنجي زندگي سنوارڻ گهري ٿو، پر اسان جي نوجوانن کي اهڙو ڪو پليٽ فارم ناهي مهيا ڪيو ويو، جنهن سان هو پنهنجي زندگي سنواري سگهن. جتي خواب ٽُٽندا ۽ خواهشون اڌوريون رهجي وينديون هجن، اتي اسان جا نوجوان پنهنجي فرسٽريشن ختم ڪرڻ لاءِ غلط رستو ئي اختيار ڪندا.

آءِ جي سنڌ کي گهرجي ته منشيات جا اڏا کوليندڙن کي سخت سزائون ڏي ۽ انهن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي پنهنجي عهدن تان ئي فارغ ڪري ته جيئن بي ڏوهي غريب عوام سانحن کان بچي پوي ۽ سندن حياتيون اجل جو شڪار نه ٿين.

drrabiachandio@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *