الک نرنجن منهنجا پيارا مسافر ؛لياقت علي ٿهيم

اسانجي پروجيڪٽ جي هي آفيس بدين جي هڪ پراڻي اسپتال ۾ قائم ڪئي وئي آهي. اسپتال جي مهاڙي واري ڀت ۾ هڪ پٿر لڳل آهي، جنهن موجب هن اسپتال جو افتتاح سال 1946 ۾ تنهن وقت جي هوم منسٽر (وزير داخلا) مير غلام علي ٽالپر ڪيو هو. چون ٿا ته هن اسپتال ۽ ٽنڊي محمد خان جي هاءِ اسڪول لاءِ پلاٽ به مير غلام علي، پنهنجي زرعي زمين مان ڏنو هو. هي ٽنڊي محمد خان جو ٽالپر هو ۽ 1940 واري اليڪشن کانپوءِ جڏهن پهرين مير بنده علي ٽالپر ۽ پوءِ سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ٺهي، تڏهن سنڌ جو وزير داخلا ٿيو هو. سندس تڪ ٽنڊي باگي ۽ بدين جي وچ وارو علائقو هوندو هو.

اسانجي آفيس جي نائب قاصد، محمد عرس شيدي موجب هن پاڙي مان ڪنهن وقت ۾ ميرواهه وهندو هو (مير واهه، آخري ٽالپر حاڪم، مير نصير محمد خان ٽالپر جا کڻايل آهن)، پر پوءِ انهي واهه مان شهرين کي ڏاڍو نقصان ٿيندو هو، تنهنڪري سرڪار انهي کي لٽائي ڇڏيو. هاڻي شهر جي وچان قاضيا واهه وهندو آهي جيڪو دودي سومري جي ڦٽل ڳوٺ روپا ماڙي تائين ويندو آهي.

هن پاڙي ۾ گھٽيون پڪين ڳاڙهين سرن جون ٻڌل آهن، ڪٿي ڪٿي سيمنٽ بلاڪ به ٻڌل آهن. ڪابه گھٽي ڪارپيٽيڊ ناهي.

محمد عرس اسانجي آفيس ۾ نائب قاصد آهي. هي ٽنڊي باگي جو شيدي آهي. انهي ساڳئي ڳوٺ مان، گذريل صدي ۾ محمد صديق مسافر جهڙو برجستو عالم ۽ بيدار مغز استاد ٿي گذريو آهي. محمد صديق، زنجبار جي هڪ شيدي غلام جو پٽ هو، پر ٽنڊي باگي جي ميرن ساڻس نيڪي ڪئي ۽ پڙهي پيو. محمد صديق مسافر، سنڌ جي درسي ڪتابن جي ڪجهه بيتن (جهڙوڪ؛ واهه ڙي تارا گول تارا) جو مصنف، نصاب لکندڙ، مترجم، اديب ۽ شيدي برادري جي تعليمي اصلاح ۾ اولين سڌارڪ طور سڃاتو وڃي ٿو.

هن پوري تر ۾ ڪمند جام پوکجي ۽ شگر ڪارٽيل جا وارا نيارا آهن. سنڌ ۾ جتي جتي ڪمند گھڻو پوکجي، اتي اتي زرعي غلام به وڌيڪ ملندو.

کنڊ ۽ غلامي جو ڪو پراڻو تعلق آهي…

انڊس ويلي جي درياهن ۽ پورس جي هاٿين جي واکاڻ سان گڏ، هندستان تي فيلڊ انٽيليجنس گڏ ڪندڙن، سڪندر کي اهو به ٻڌايو هو ته سنڌ جي وڻن ۾ پشم ٿيندي آهي، ۽ ”هڪڙو سفيد ان آهي جيڪو ماکي کان به مٺو ٿيندو آهي.“

وڻن ۾ ٿيندڙ پشم هئي وونئڻ يا ڪپھ ۽ اڇو اَنُ هو… کنڊ.سورنهين صدي ۾ آمريڪا جي دريافت بعد جڏهن ڏکڻ آمريڪا، ويسٽ انڊيز ۽ جميڪا ۾ڪمند پوکجڻ شروع ٿيو ته انهن ئي ورهين ۾ آفريڪا مان شيدي ڦاسائي، پڪڙي، بحري جهازن ۾ سٿي، آمريڪا ۾ وڪرو ڪرڻ جي تجارت جو آغاز ٿيو. آفريڪي شيدين کي اتان آڻي، ڪمند جي پوکائي ۾ لڳايو ويو.

اهي آفريڪي، ڪمند ۽ تماڪ جي ٻنين ۾ صدين تائين لکيو لوڙيندا رهيا، سون ۽ ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪيائون ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي صنعتي ترقي ۽ معاشي آسودگي ۾ ڪليدي انساني محرڪ بنيا. فقط هڪڙي انگولا مان ايترا ته شيدي پڪڙي کنيا ويا جو انگولا ۾ نوجوان ۽ صحتمند ماڻهن جي ايتري آبادي به ڪانه بچي جو ٻني ٻارو ڪري. ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويا. سترهين ۽ ارڙهين صدي جي يورپ ۽ آمريڪا ۾ انهي زبردست صنعتي ترقي ۽ معاشرتي ڪايا پلٽ کي نيو ورلڊ (نئين دنيا) سڏيو ويو.

۽ آفريڪا کي، ”نئين دنيا جي ڪاري ماءُ“ سڏيو ويندو آهي.

ڪجهه عرصو اڳ مون آمريڪي شيدين تي هڪ مضمون پئي پڙهيو. هڪڙي مرحلي تي مضمون نويس لکيو ته آمريڪي ماڻهن جا ٻه وڏا شوق آهن، هڪڙو سوئمنگ پول ۾ ترڻ ۽ ٻيو ڪتو پالڻ. هر آمريڪي ترڻ پسند ڪندو آهي ۽ ڪتو سندس پسنديده پالتو جانور آهي. پر آمريڪي شيدي نه ڪتو پاليندا آهن نه وري سوئمنگ پول ۾ ترڻ جو شوق اٿن. انهي عادت جو سبب انهي مضمون نويس هي ٻڌايو ته يورپي لوڪ جڏهن شيدين کي جهازن جي هيٺئين طبقي ۾ ٻڌندا هئا، تڏهن ڊيڪ تي پهري لاءِ ڪتا ڇڏي ڏيندا هئا. جيڪڏهن ڪوبه شيدي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته يا ته ڪتو کائيندو هوس يا وري سمنڊ ۾ ٻڏي مرندو هو. تنهنڪري آمريڪي شيدي نه ڪتو پالي، نه پاڻي ۾ تري.پر سنڌ ۾ شيدين جي اڪثريت ايٿوپيا کان آئي. ايشيا ۾ شيدين جي خريد و فروخت جو هولسيل فرينچائز، عرب واپارين وٽ هوندو هو ۽ سنڌ جا انهي وقت حاڪم قبيلا (ٽالپر، نظاماڻي، سيد وغيره) اهي شيدي اگهھ ڏئي وٺندا هئا پر سڌو عربن کان نه، جو سنڌ ۾ شيدي کپائڻ جي انهي ڪاروبار جو بنياد هزهائينس نائون مل وڌو. مياڻي جي جنگ ۾ سنڌين جي ملٽري ڪمانڊر هوشو شيدي جو پيءُ به اهڙي انساني خريد فروخت مان گذري زنجبار مان سنڌ پهتو هو.کنڊ ۽ غلامي جو اهو تاريخي تعلق توهانکي بدين ۾ به نظر ايندو…

بدين جي ٻهراڙين يا لڳو لڳ ضلعن (ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان) ۾ سفر ڪندي توهان کي ڪولهي، ڀيل ۽ شيدي جام نظر ايندا. هنن ضلعن ۾ ڪمند گھڻو پوکجي ۽ بانڊيڊ ليبر به عام جام آهي. انهن جا پورا پورا ڳوٺ، رنين مردين، تڏهن کان وٺي ٻنين ۾ ڪم ڪن جڏهن کان ڪمند سنڌ ۾ دريافت ٿيو آهي. نه سندن ٻار اسڪول وڃن، نه عورتن کي بيمار پئي ڪو علاج ملي، نه وري کين ڪا ملازمت ملي. اتان اهو ڪمند لڻجي انهن شگر مِلُن ۾ وڃي جن جا مالڪ خطرن جا کلاڙي ۽ ٻين خطابن سان سڏيا ويندا آهن. هي خطرن جا کلاڙي اسان جو اهو سيڪيولر ۽ جمهوري سوشل ڪلاس آهي، جنهن کي (هڪ انگريز ليکڪ جي ڳالهھ وانگر) گذريل ستن پيڙهين ۾ ڪڏهن به ڪو ڪم ڪرڻ جي ضرورت ناهي پيش آئي. اهو سوشل ڪلاس، ساڳئي ئي وقت فيوڊل به آهي ته بورجوا به ، چونڊيل سياسي نمائندو ۽ وڏي مان وڏو پارليامينٽرين به آهي ته ڪارپوريٽ ڪارخانيدار به.

ڪجهه هفتا اڳ ڪراچي ۾ هڪ عالمي اداري پاران ٻهراڙي جي عورتن جي باري ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيس. سموري ڪانفرنس جي ڪارروائي خير خوبي سان هلي، فقط آخر ۾ گڙٻڙ ٿي پئي. ٿيو ائين جو حاضرين کان رايا وٺڻ لاءِ مائيڪ کي پئي گھمايائون. مائيڪ ڦرندو ڦرندو بدين جي هڪ ڀيل مائي جي هٿ ۾ آيو. هن مائي جي ڪٽنب کي سرڪار زمينون ڏنيون هيون پر حڪومت جي هڪ اڳواڻ، هنن ڀيلن جي ڳوٺن مٿان پوليس جي نفري چاڙهي موڪلي، چئي، زمين خالي ڪريو. مائي کي جڏهن مائيڪ ڏنائون ته وٺي کڻي دانهون ڪيائين.

”پوليس جون موبائلون، فائر برگيڊ جون گاڏيون، بڪتر بند گاڏيون اسانجي ڳوٺ کي گھيري ويون. ڳوٺ ۾ گھڙي اسان کي چيائون ته جي زمين ڇڏي شرافت سان ٻاهر نه نڪرندئو ته توهان جون عورتون کڻي وڏيرن کي ورهائي ڏينداسين. اسان کي ماري ڪٽي ٻاهر ڪيائون. هاڻ اسان ڪيڏانهن وڃون؟“برٽن نوٽس سال 1996 ۾، ڇپجندڙ هي ڪتاب، ”سنڌ ري وزٽيڊ“ هڪ انگريز سيلاني، ڪرسٽوفر اودانتي جو لکيل آهي جنهن ۾ هن، اوڻيهين صدي جي نامور مورخ، جاسوس ۽ لساني ماهر سر رچرڊ برٽن جي سير سفر هيٺ رهندڙ سنڌ ۽ هندستان جي باري ۾ تفصيل سان لکيو آهي. برٽن، نيپيئر جي سپاهه ۾ اهو واحد انگريز فوجي هو، جيڪو سنڌي ڳالهائي سگهندو هو. سندس سنڌ ري وزٽيڊ 1877 ۾ ڇپيو. ڪرسٽوفر اودانتي جو هي ڪتاب پڻ انهي ساڳئي نالي سان لکيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪرسٽوفر اودانتي، سنڌ ۽ هندستان جي انهن ساڳين شهرن جا سفرناما لکيا آهن، جتي ڏيڍ صدي اڳ برٽن ويو هو.

رچرڊ برٽن، پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ٽالپر سرڪار جي دور ۾ آيو. وري ٻيهر سنڌ جي فتح وقت آيو ۽ ٽيهر ارڙهن سئو ايڪهتر ۾ آيو. 1847 ۾ سنڌ ۾ ڪالرا جي وبا ڦهلي ته هتان کان گوا هليو ويو. مٿس به ڪالرا جو اثر ٿيو هو.

برٽن جي گھر ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچ، سرائڪي، مارواڙي، گجراتي قومن جا ملازم هوندا هئا. هي انهن سڀني سان سندن مادري ٻولي ۾ ڳالهائيندو هو. چون ٿا ته برٽن ٻولي سکڻ جو اهڙو طريقو ايجاد ڪيو هو جنهن تحت هو دنيا جي ڪابه ٻولي چئن هفتن ۾ سکي وٺندو هو. کيس ڪي چوويهھ زبانون اينديون هيون.

انهي عرصي ۾ سنڌ جي گورنر سر چارلس نيپيئر کيس اها اسائنمينٽ ڏني ته هو ڪراچي جي هڪ ريڊ مارڪيٽ علائقي (شايد هاڻوڪي نيپيئر روڊ) تي رپورٽ مرتب ڪري ڏئي. ڇاڪاڻ ته ايسٽ انڊيا ڪمپني، پنهنجن سپاهين ۾ ڦهليل جنسي بيمارين جي باري ۾ گھڻي فڪرمند هئي. برٽن، هي رپورٽ، گھڻي محنت بعد ٺاهي ورتي ۽ انهي کي نيپيئر صاحب آڏو پيش ڪيائين. هي رپورٽ ڪراچي پيپرز جي نالي سان مشهور ٿي پر انهي ۾ ڪمپني جي جنسي زندگي جي باري ۾ ڪي اهڙا ته انڪشاف ڪيل هئا جو اها رپورٽ وري ڪڏهن به منظر عام تي نه آئي.

برٽن، ڪراچي کان وٺي سکر تائين سنڌ جو سروي ڪيو. هو ٺٽي، حيدرآباد، سيوهڻ، دادو، لاڙڪاڻو، قمبر، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ روهڙي به ويو. ڪجهه محققن موجب، هن سروي جو هڪ مقصد، ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ نقشو ٺاهڻ هو. ڇاڪاڻ ته جن رستن سان هن سفر ڪيو بعد ۾ انهي ساڳئي ئي گس سان سنڌ جي پهرين ريلوي لائين وڇائي وئي.هي شاھ لطيف تي لکندڙ پهريون يورپي هو ۽ سنڌي سماج جي عام پهلوئن تي گھڻو لکيائين. قمبر شهر ۾ هڪ ناچ گانو ڪندڙ عورت سان مليو. انهي مائي جي ڀيڻ، نور جان تي سندس نظارو ٿي پيو. قمبر جي هڪ ٻي اهڙي ڳائڻي، “هاج” جو ذڪر سائين حسام الدين جي ’هو ڏوٿي هو ڏينهن‘ ۾ ملي ٿو.رچرڊ برٽن، آکاڻين جي عربي ڪتاب الف ليليٰ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. ”پر حقيقتن هي انهي ڪتاب جو هڪ ڪردار به هو؛ ڏينهن جو گھٽين ۾ شيون کپائيندڙ گھورارو ۽ رات جو ڪتاب لکندڙ اديب ۽ معلومات گڏ ڪندڙ جاسوس.“

********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *