الزامن جي کک مان ڄمندڙ نئين ايم ڪيو ايم!: شفيق شاڪر

ايم ڪيو ايم جي مشڪلن جو جيڪو سلسلو الطاف حسين جي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ  جي خلاف سخت تقرير کان پوء شروع ٿيو هو انهيء ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ڪراچيء جي اڳوڻي ميئر ۽ ايم ڪيو ايم جي هڪ اهم اڳواڻ جي پنهن جي قيادت کان بغاوت کان ويندي روز بروز ان نئين گروپ ۾ شامل ٿيندڙ نون اڳواڻن جي شرڪت کي ڪيتريون ئي معنائون پهرايون پييون وڃن.مختلف سازشي ٿيوريز جو ذڪر ڪيو پيو وڃي.جن ماڻهن هڪ ڊگھو عرصوايم ڪيو ايم ۾ وڏن اهم عهدن تي گذاريو هجي ۽ هرصحيح توڙي غلط فيصلي ۾ پنهن جي قيادت سان گڏ رهيا هجن،اڄ اوچتو سڀني جو ضمير هيتري ڊگھي عرصي کان پوء هڪ ئي وقت ڪيئن جاڳي پيو؟ جيڪر اهي هڪ اهڙي قيادت سان گڏ هئا جيڪا را سان لاڳاپن،ملڪ دشمني،قتل ۽ خونريزي ۾ ملوث هئي ته پوء اڄوڪن منحرف اڳواڻڻ  جيڪي خود ان پوري نظام جو حصو رهيا، ڇا انهن انهن ڏوهن تي قوم کان معافي گھري؟ بلڪه هو ته چون ٿا ته ان سڄي صورتحال جو ذميدار اڪيلو الطاف حسين ئي آهي،ايستائين جو هو ايم ڪيو ايم کي به انهن ڏوهن ۾ شامل نٿا سمجھن!

اهڙو عجيب منطق سازشي ٿيوريز کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.مڃيوسين ته الطاف حسين ئي انهن جي چوڻ مطابق اصل ڏوهاري آهي پر سوال اهو آهي ته ڪراچي۾ جيڪي ڪجھ ٿيندو رهيو اهو سڀ ڪجھ الطاف لنڊن مان پاڪستان اچي ته نه ڪندو هو، سندس حڪمن تي بنان چون چرا جي عمل ڪرڻ وارا،ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهارڻ وارا، ماڻهن کان ڀتا وصول ڪرڻ وارا ۽ فيڪٽرين کي باهيون لڳائڻ وارا ڪي انسان هئا يا جن؟  جيڪر اهي انسانن مان ئي ڪي هئا ته منحرف اڳواڻ انهن جا نالا ڇو نٿا کڻن؟  پريس ڪانفرنس يا ٽاڪ شوز م جڏهن نئين گروپ جي اڳواڻن کان اهو سوال ڪيو وڃي ٿو ته انهن ڏوهارين ڪاروائين ۾ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا ايم ڪيو ايم اڳواڻ ملوث آهن ته جواب اهو ڏنو وڃي ٿو ته “ اسان ٽوڙڻ نه پر  جوڙڻ  آيا آهيون” ٻين لفظن ۾ ايم ڪيوايم جي هر قسم جي ڏوهارين جي لاء سندن نئين پارٽيء جا دروازا کليل آهن. هيستائين جيڪا حقيقتت سمجھ ۾ اچي ٿي سااها ته اصل ۾ هي سڄو معاملو مائينس يا پوسٽ الطاف ايم ڪيو ايم جي جوڙجڪ ڪرڻ آهي. ڪمال گروپ ۽ ايم ڪيو ايم جي پاليسين،موقف ۽ سوچن ۾ آخر ڪهڙو فرق آهي؟ ايم ڪيو ايم نئين صوبي جي ڳالھ ڪري ٿي ته ساڳي ڳالھ ڪمال به ڪري رهيو آهي. ايم ڪيو ايم ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ گھري ٿي ته ساڳي ڳالھ نئون گروپ به ڪري رهيو آهي.ايم ڪيو ايم جي سياست جو محور جيڪر “مهاجر“ آهي ته ڪمال جي سڄي گفتگو به ان لفظ تي مرڪوز آهي. ايم ڪيو ايم پنهن جن ڪارڪنن جي ڏوهاري سرگرمين کان انڪار ڪري ٿي ته نئون گروپ به ايم ڪيو ايم جي سمورن  ڪارڪنن کي بي ڏوهي سمجھي ٿو. هاڻي ان ۾ ڪو شڪ نه رهيو آهي ته الطاف جي صحت جي حوالي سان پيدا ٿيل سخت تشويش مختلف گروپن کي ايم ڪيو ايم جي قيادت تي قبضي جي لاء ميدان ۾ لاٿو آهي، ڪمال گروپ طرفان نئين پارٽيء جو نالو نه ڄاڻائڻ ان طرف واضح اشارو ڪري ٿو ته ڪنهن ممڪنه ”وڏي خبر” جو انتظار ڪيو پيو وڃي.اها حقيقت به هاڻي گھڻي حد تائين تصديق ٿيل آهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ سخت بيمار آهي ۽ ڊاڪٽر سندس صحتيابيء جي باري ۾ ڪي سٺيون خبرون نه پيا ڏين. جيڪا حقيقت توڙي جو ماڻهن کان لڪائي پيئي وڃي پر ايم ڪيو ايم جي مٿين ليول جي قيادت کي سموري خبر آهي ، جنهن ڪري.هن وقت چار مختلف گروپ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻي هٿ ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رهيا آهن .پهريون گروپ لنڊن وارن جو،.ٻيو گروپ سنڌ ۾ آئيني عهدي تي ويٺل هڪ اهم  شخصيت جو، ٽيون گروپ ڪراچي رابطا ڪميٽي وارن جو جو جڏهن ته چوٿون ڪمال گروپ آهي.پر چئني گروپن جي سوچ ۽ پاليسين ۾ ڪو بنيادي فرق ناهي  يعني لساني سياست! اهو به ممڪن آهي ته اڳتي هلي انهن گروپن مان ڪجھ گروپ هڪ ٻئي سان ملي وڃن. جيڪي دانشور اهو تجزيو ڪري رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم ايندڙ چند ڏينهن يا مهينن ۾ بلڪل ختم ٿي ويندي يا ملڪ ۾ ڪا وڏي مثبت تبديلي اچي رهي آهي، اهي غلطيء تي آهن.انهيء جا ٻه مکيه سبب آهن. هڪڙو اهو ته حڪومت ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين تي لڳل سنگين الزامن تي خاموش تماشائيء وارو ڪردار ادا ڪري ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل اردو ڳالهائيندڙهڪ وڏي آباديء جي انهن گمانن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهي آهي ته “ماضيء جيان هن وقت به حڪومت وٽ ڪي به ٺوس ثبوت موجود ناهن ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ سازش تحت ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ لاء اهو سمورو ڊرامو ڪري رهي آهي.” ٻين لفظن ۾ خود حڪومت الطاف حسين جي انهيء موقف کي جيڪو هن پنهن جي چاهيندڙن ۾ ڦهلائي رکيو آهي، وڌيڪ مضبوط بنائي رهي آهي.حالانڪه حڪومت ۽ تحقيقاتي ادارن وٽ ايم ڪيو ايم قيادت جي “را”   سان لاڳاپن ۽ ٻين الزامن جي حوالي سان ڪافي مواد موجود آهي. مثال ڪجھ مهينا پهرين وفاقي حڪومت بلوچستان،فاٽا ۽ ڪراچيء جي حالتن جي حوالي سان “را” جي ملوث هئڻ جا بيان ڏنا هئا ۽ حڪومت جي چوڻ مطابق انهن اهي ثبوت لکت ۾ اقوام متحده جي به حوالي ڪيا هئا. جيڪر “را” جي حوالي سان اڄ حڪومت وٽ ڪي واضح ثبوت ئي موجود ناهن ته پوء سرتاج عزيز اقوام متحده جي حوالي ڪهڙا ڪاغذ ڪيا هئا؟ ظاهر آهي ته هيڏي وڏي بين الاقوامي اداري سامهون هيڏو وڏو معاملو صرف اخباري ڪهاڻين يا خيالي فسانن جي بنياد تي ته نه کنيو ويو هوندو!هاڻي جڏهن الطاف يا ٻي ايم ڪيو ايم قيادت تي لڳل حساس قسم جي الزامن، جن جا جيئرا جاڳندا شاهد پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ جيڪي هڪ ڊگھي عرصي تائين ان پوري نظام جو اهم حصو رهيا آهن،انهن پاران انهن الزامن جي تصديق کي پاڪستان جو وزيرداخلا جڏهن “لفاظي” سان تعبير ڪري ٿو ته حيرت ڇونه ٿيڻ گھرجي؟ پوء ان جو مطلب آخر ڇا ورتو وڃي، اهو ته يا ته اوهان اقوام متحده يا برطانوي حڪومت کي اهڙن الزامن جا ڪي به ٺوس ثبوت ڏنا ئي ناهن يا وري اوهين ملزمن جي خلاف ڪا قانوني ڪاروائي ڪرڻ بدران صرف ڪنهن نموني ايم ڪيو ايم کي ٽوڙي ڪو پنهن جو پسنديده ڌڙو ٺاهڻ گھرو ٿا.جيڪڏهن اها سوچ آهي ته ان سان ايم ڪيو ايم کي وقتي نقصان ته پهچي سگھي ٿو پر سندن ووٽرن ۾ ايم ڪيو ايم جي لاء همدردي اڃا به وڌندي ويندي، ماضيء ۾ اهڙن تجربن جو اهو ئي نتيجو نڪتو آهي.هڪ اهم ڳالھ جيڪا متحده مان تازو منحرف بڻيل رضاهارون پنهن جي پريس ڪانفرنس ۾ ڪئي سا اها ته الطاف حسين خلاف ملڪ جي چئن اسيمبلين مان ٺهراء منظور ڪيو ويو هو ته الطاف حسين کي دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن قرار ڏيئي حڪومت انهن الزامن جي جاچ ڪري کيس قانوني سزا ڏئي پر انهن قراردادن جي روشنيء ۾ اڄ تائين حڪومت ڪهڙي جاچ ڪئي، ڪهڙا ثبوت هٿ ڪيا ۽ قانوني ڪاروائي ڪيترو اڳتي وڌي؟ اهي الزام ڪي معمولي ته ناهن،انهن جي صحيح يا غلط هئڻ جي سنجيده جاچ ڪرڻ بدران وفاقي حڪومت انهن کي لفاظي قرار ڏيئي ڪنهن جو ڪيس مضبوط ڪري رهي آهي؟جڏهن وزيرداخلا ان سموري معاملي کي لفاظي سڏيندو هجي ته پوء ايم ڪيو ايم سان جذباتي لاڳاپو رکندڙ ماڻهو انهيء کي ايم ڪيو ايم خلاف فقط هڪڙي سازش سمجھي نه رڳو اهو ته نظرانداز ڪري ڇڏيندا پر انهيء سان گڏوگڏ ايم ڪيو ايم جي همدردي ووٽ ۾ به اضافو ٿيندو.ٻيو سبب ايم ڪيو ايم جي اڃا مضبوط رهڻ جو اهو آهي جو اردو ڳالهائيندڙن جو هڪ وڏو طبقو الطاف حسين سان سياسي کان وڌيڪ جذباتي لڳاء رکي ٿو،هنن جي نظر ۾ الطاف حسين غلط ٿي نٿو سگھي ۽ الطاف ئي هنن جي نظر ۾ سندن تحفظ ۽ حقن جي واحد ضمانت آهي.سمورن الزامن، بد امني ۽ تڪليفن باوجود هو انهيء صورتحال جو ذميدار ڪنهن به طرح الطاف حسين کي نٿا سمجھن.هنن جي نظر۾ هنن(اردو ڳالهائيندڙن) جي لاء الطاف کان سواء ٻيو ڪوبه متبادل نه آهي.

توڙي جو اهو صحيح آهي ته پارٽيء جي اهم اڳواڻن طرفان هڪئي وقت پارٽي ڇڏڻ ۽ پنهن جي سابق قيادت تي عائد ڪيل الزامن جي نتيجي ۾ هن وقت ايم ڪيو ايم يعني الطاف حسين کي سياسي طور تي تاريّخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي ۾ وڏو ڌڪ رسيو آهي پر ايم ڪيو ايم ان ڌڪ مان ٻاهر ئي نه اچي سگھندي اهڙو ڪو امڪان في الحال نظر نٿو اچي.البته جيڪي الزام هن وقت ٽي وي اسڪرين تي ڪورس جي انداز ۾ ڳايا پيا وڃن جيڪر حڪومت سياسي ڊرامي کان هٽي ڪري انهن کي ڪنهن ٺوس حقيقت ۾ بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته پوء شايد گھڻو ڪجھ بدلجي سگھي ٿو. ڪجھ دانشور بار بار ڪراچيء جي هاڻوڪي امن جو حوالو ڏيئي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ايم ڪيو ايم ختم يا گھڻو ڪمزور ٿي ويئي آهي جو انهن جي سڏتي نه ته ڪا هڙتال ٿئي ٿي ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم جي هاڻي اها دهشت ماحول ۾ باقي رهي آهي.جزوي طور تي اها ڳالھ صحيح آهي پراها صورتحال  اڃا مستقل  ۽ پائيدارناهي.دنيا ۾ هرهنڌ ڪنهن آپريشن دوران وقتي خاموشي ڇانئجي ويندي آهي،ڪارڪن زيرزمين هليا ويندا آهن ۽ جيئن ئي آپريشن ختم ٿيندا آهن ته حالتون پنهن جي اصل صورت ڏانهن موٽڻ شروع ٿي وينديون آهن. ڇا ايم ڪيو ايم خلاف ماضيء م ڪيل سخت آپريشنز کان پوء ايم ڪيو ايم ڪمزور يا ختم ٿي ويئي يا وڌيڪ مضبوط ٿي ويئي؟انهي سوال جي جواب ۾ئي ايندڙ وقت جو منظر لڪيل آهي!

*****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *