اقتصادي راهداري منصوبو ۽ ڪشمير تي ٿيندڙ ظلم…!!: غلام مصطفيٰ جمالي

جڏهن کان ڀارت خلاف ڪشمير اندر آزادي جي لهر گهُلي آهي،ان ڏينهن کان وٺي ڀارتي فوجين ڪشمير اندر ڪرفيو نافض ڪري ڇڏيو آهي.۽ ان ڏينهن کان وٺي نشي ۾ ڌت ڀارتي فوجين مظلوم ڪشميرين تي ظلمن جا انبار ڪيرائي ڇڏيا آهن.۽ ڀارت جي ظلمن جي هڪ ڊگهي قطار جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي، جڏهن کان اڙي واقعي ٿيو آهي ان ڏينهن کان وٺي ڀارت آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي.۽ سندس مت وڃائجي چڪي آهي. هوُ هڪ زخمي نانگ وانگر جيڪو ڪنهن ماري کان موت جي ڊپ ۾ ڦونگارو  هڻي لڪي ويهي رهيو هجي ۽ پري کان صرف ڦونگارو هڻڻ ۾ پورو هجي، تنهن نانگ وانگر ڀارت ڦونگارو هڻي ويهي رهيو آهي. انڊيا جي وزير اعظم مودي سرڪار بيان ڏنو آهي  ته هنُ پاڪستان جي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي،ڪالهه وري به ڀارت جي وزيراعظم نيندر موڌي پاران هڪ بيان جاري ڪيو ويو هو هوُ پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي خلاف آهي ڇو ته اقتصادي راهداري منصوبو ڀارت جي خدمختياري جي خلاف ورزي آهي،ڀارت جي ميڊيائي رپورٽ مطابق ته ڀارت جي دفاع واري وزير پارليامنيٽ اندر سالياني  دفاعي رپورٽ پيش ڪئي آهي جنهن اندر اهو ٻڌايو آهي،پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو ڀارت جي خلاف آهي،مان سمجهان ٿو ته ڀارت هن وقت جيڪو مظلوم ڪشميرين جي ظلم ڪري رهي آهي، تنهن ڪري ڀارت کي اها خبر هجڻ گهرجي ته اڪيلو اهو هوندو آهي جنهن جو ڪو يار  دوست ناهي هوندو جڏهن ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن سان هر ملڪ دوستي جو هٿ وڌائڻ ٿو چاهي.ڀارت هن وقت جهڙي ريت بيان ڏئي رهيو آهي انهن کي ڏسي ڪري  دنيا حيرت ۾  آهي ته کيس آخر ڇا ٿي ويو آهي،بي گناهه ڪشميرن تي ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي،بي گناهه ڪشميرين کي هر روز ماريو پيو وڃي.جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته ڀارت يقينن چريو پاڳل ٿي چڪو آهي،ڀارت اندر ايتري جنويت ڇو اچي وئي آهي.؟ سندس اندر جي باهه شعلا ٿي ڇو ڀڙڪي رهي آهي،؟ڇا مقبوضه ڪشمير اندر هن وقت آزادي جي تحريڪ زور وٺي وئي آهي، ان ڪري.؟ يا انهي جو ڪو ٻيو سبب  آهي وضايت ڪندو هلان ته نريندر مودي تي اندورني طور تي هڪ دٻاءُ پئجي چڪو آهي. انهي جي ڪري هو ڪا چال وڙهي رهيو آهي. ڪشمير اندر جيڪا آزادي جي تحريڪ هلي رهي آهي اها پهرين به هلي هئي. ها اها ڳالهه ضرور آهي ته انهي تحريڪ هاڻي زرو ورتو آهي، جنهن ڀارت جي فوجين کي رُڪ جا چڻا چِٻايا آهن،رهي ڳالهه ڀارت جي فوج مٿان حملي جو سوال.. ته اهي حملا پهرين کان ئي ٿيندا پيا اچن،جنهن ۾ ڀارت جا هزارين فوجي مارجي چڪا آهن،جنهن جا الزام ڀارت پهرين به پاڪستان تي ئي لڳائي چڪو آهي،جڏهن ته ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي ته اهڙو ڊارمي باز ماڻهو آهي جيڪو پنهنجي مٿان پوندڙ دٻاءُ جي باري ۾ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو،اها به ڳالهه سچ آهي ته اڙي واقعو هڪ ڊرامو هوُ جيڪو ڀارت اڪثر ڪندو رهندو آهي،پر هن وقت ڀارت کي جيڪي پريشانيون آهن ۽  جنهن وجهه جي ڪري مٿس وڏي ۾ وڏو اندورني دٻاءُ پئجي رهيو آهي. اهو دٻاءٌ پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو آهي،جنهن ۾ پاڪستان جي ترقي آهي، جيڪا ڀارت کان ڏٺي ڪون ٿي ٿئي.ڇو ته جڏهن پاڪستان اقتصادي راهدري منصوبو مڪمل ٿيندو ته ڀارت پاڪستان جي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويندو،جڏهن ته ڀارت انهي جي ڀيٽ اندر هڪ وڏو ملڪ ضرور هوندو پر اهيمت جي لحاظ کان هوُ ڀوٽان جي برابر به نه هوندو،جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان پاڪستان، چين ۽ روس طاقت ۽ ترقي جي لحاظ کان سڀني ملڪن کان اڳ ڀرا  هوندا. جڏهن ته هي اهي ملڪ هوندا جيڪي خطي جي معاملن تي ڳاليهون ڪندا، دنيا جي سموري تجارت پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي تحت ڪئي ويندي،انهي سموري معاملن اندر ڀارت هڪ تماشو ٿي ويندو،جيڪو صرف ۽ صرف ڏسندو رهندو جئين تيز هلندڙ ريل کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو اکيون کوڙي ڏسندا آهن ۽ ريل تيز رفتاري تان گذري ويندي آهي ۽ ڏسڻ وارو ڏسندو ئي رهجي ويندو آهي،.ڀارت هن وقت  پاڪستاني جي ترقي جي راهه اقتصادي راهداري منصوبي کي روڪڻ لاءِ هر قسم جو حربو هلائي رهيو آهي ۽ پر ڀارت  هر حربي ۾ ناڪام ئي ويو آهي، کيس سندس پلي ۾ ڪجهه به نه پيو آهي.

ضرب عضب آپريشن جتي پاڪستان اندر دهشتگردن جون ڪوششون ناڪام ڪري کين ختم ڪيو آهي اُتي پاڪستاني فوج ڀارت جي ڪيترن ئي سازشن کي پڻ ناڪام ڪيو آهي،جڏهن ته ڀارت پاڪستان اندر دهشتگردي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري دنيا کي اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته پاڪستان امن پرست ملڪ ناهي جنهن اندر اقتصادي راهداري منصوبو به ٿو جڙي سگهي، جڏهن ته پاڪستان جي بهادر فوج ڀارت جي هر ڪوشش کي ناڪام ڪيو.جڏهن ته اتر وزيرستان اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباه ڪري انهن علائقن اندر امن ڪرائي پاڪ چين منصوبي جو رستو آزاد ڪري ڇڏيو.جڏهن ته پاڪ افغانستان گيٽ کي تعمير ڪرائي ۽ ويزا سسٽم کي قائم ڪري دهشتگردن جي اچ وڃ کي به ملڪمل طور بند ڪري ڇڏيو،۽ دهشتگردي جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا .دهشگردن جي اچ وڃ به مڪمل طور بند ٿي وئي ۽ ڀارت جي خفيه ايجنسي را جي دهشتگردي به بند ٿي وئي ۽ اهڙا اهڙا رستا به بند ٿي ويا جن رستن جي ڪري ڀارت پاڪستان اندر دهشتگردي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو هوُ،جڏهن ته بلوچستان  ڀارت جو هڪ وڏو هدف آهي جتان هوُ پاڪستان اندر دهشتگردي ڪندو آهي،جتي ايران ۽ افغانستان جي سرحدن وٽ پنهنجو موثر نيٽ ورڪ قائم ڪري رکيو هوُ، پر اُن وقت ڀارت جا هوش خطا ٿي ويا جڏهن انهن علائقن مان ڀارت جي ايجنسي را جو ايجنٽ ڪلهوبشن ياديو گرفتار ٿيو،جيڪو ڀارت لاءِ ڪم ڪري رهيو هوُ،جنهن سان نه رڳو ڀارت جا حوصلا ختم ٿي ويا پر کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوُ ڇا ڪري،پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو ڀارت لاءِ اکين ۾ مرچ برابر آهي تنهن ڪري اهو منصوبو کيس هضم نه پيو ٿي،جڏهن ته ڀارت چاهيو پئي ته الطاف سان ملي ڪري ڪراچي جو امن به خراب ڪجي جئين ڪراچي جو خراب ٿيندڙ امن پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ رڪاوٽ بڻجي پر ائين به ٿي نه سگهيو. الطاف کي ملڪ غدار قرار ڏنو ويو آهي ۽ باقي بچيل ايم ڪيو ايم پاڪستان زنده باد جا نعرا هڻڻ لڳي آهي،ان ڪري هاڻ ڀارت وٽ ڪو منصوبو رهيو ئي ناهي جنهن سان پاڪ چين اقتصادي منصوبي تي اثر پوي،پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي ڪاميابي انڊيا کان ڏٺي ڪون ٿي ٿئي انهي ڪري هوُ پاڪستان جون ڪسرون مظلوم ڪشميرين مان ڪڍي رهيو آهي،پر اُتي به کيس تمام گهڻيون پريشانيون پيدا ٿي رهيون آهن، آزادي جي هلندڙ تحريڪ زور وٺي وئي آهي ۽ لڳندڙ ڪرفيو اندر به ڪشميرين جي عوام روڊن تي نڪري ڀارتي فوجين کي پٿرن سان زخمي ڪريو ڇڏي،پر انجي باوجود اڄ دنيا اندر ڀارت کي ظالم ۽ جابر ملڪ تصور ڪيو پيو وڃي..۽ ڀارت مظلوم ڪشمرين مٿان مسلسل ظلم ڪري آهي،جڏهن ته اهڙا ظلم ڀارت جي صرف ۽ صرف شڪت کي ظاهر ڪن ٿا ٻيو ڪجهه به نه، پاڪ چين  اقتصادي منصوبي کي روڪڻ لاءِ ڀارت ڪوششون ته تمام گهڻيون ڪري رهيو آهي پر سندس هر ڪوشش ناڪام ٿيندي پئي وڃي. جنهن جي ڪري کيس پنهنجي ئي ناڪامي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جنهن جي ڪري هوُ پنهنجو مٿو پاڻ پٽي رهيو آهي،

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *