اقتداري سياسي ڌرين لاءِ ڪجهه ڏکيا ڏهاڙا: غلام حسين لغاري

ڪجهه ڏينهن کان ملڪ جي سياسي افق تي ڪي نيون تبديليون محسوس ڪيون ويون آهن جنهن سنڌ توڙي وفاق سان واڳيل اقتداري ڌرين کي ڪنهن حد تائين منجهائي ڇڏيو آهي.ن ليگ جيڪا وفاق ۾ حڪومت ڪري رهي آهي تنهن کي سندس مخالف پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف ڌرڻن ۽ شهرن کي بند ڪرائڻ واري سياست جو آغاز ڪري ڪافي حد تائين پريشان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو هڪ فائدو عوام کي انهي صورت ۾ پهتو آهي جو وزيراعظم صاحب ايئن کڻي چئجي ته ن ليگ جي قيادت تيل ۽ بجلي جي اگهن ۾ ڪمي ڪري عوام جون همدرديون حاصل ڪري رهي آهي. ڪنهن حد تائي سياسي ۽ عوامي حلقن جو اهو ردعمل سامهون اچي رهيو آهي ته ن ليگ جي قيادت پاڻ کي مڊٽرم چونڊن لاءِ ذهني طور تيار ڪري ورتو آهي ۽ چونڊون نئين سال ۾ ڪرائي ملڪ اندر عوامي ۽ سياسي بيچيني ختم ڪرائڻ سان گڏ پنهنجي طاقت کي بچائڻ جو سوچي ڇڏيو آهي. ٿي سگهي ته پ پ سميت ن ليگ سرڪار جون ڪجهه ٻيون حمايتي پارٽيون پڻ ن ليگ جي قيادت خاص طور وزيراعظم کي مڊٽرم چونڊن ڪرائڻ جو مشورو ڏين جن جا ماضي ۾ به اشارا ملي چڪا آهن.ن ليگ توڙي پ پ اندر هن وقت جيڪي ڌڙابنديون ٿي رهيون آهن يا انهن جا ذڪر هلي رهيا آهن تن به ملڪ جي ٻنهي اهم سياسي پارٽين کي ڪنهن حد تائين سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته اهڙن مونجهارن مان ڪهڙي ريت جان ڇڏائجي.

پ پ کي سنڌ مان ٻه وڏا ڌچڪا تڏهن ملي سگهيا آهن جڏهن اليڪشن ٽريبونل پنهنجي فيصلن ۾ خيرپورناٿن شاهه واري تڪ تان اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي جنهن سنڌ اسيمبلي ۾ پهچي پنهنجي ميمبرشپ جو حلف به کڻي ورتو آهي ۽ ممڪن آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جون سموريون ڌريون اڳتي هلي لياقت علي خان جتوئي کي مخالف ڌر جو قائد ٺاهين جنهن لاءِ عملي طور ڳالهيون به هلي رهيون آهن.لياقت علي جتوئي مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻجي يا نه پر پوءِ به انجي اسيمبلي تائين رسائي پ پ لاءِ هڪ وڏو چئلنج آهي ۽ اهو چئلنج انوقت سامهون اچي چڪو آهي جڏهن پ پ کي سنڌ جي هڪ انتهائي سياسي طاقتور ڌر سردار نادر مگسي جي سخت ناراضگي ڳچي ۾ پئجي وئي آهي جنهن لاءِ اهي ڳالهيون گشت ڪري رهيون آهن ته هن پ پ سان لاڳاپيل هڪ ڊزن کان مٿي اسيمبلي ميمبرن جو الڳ گروپ ٺاهي ورتو آهي جيڪو مخالف ڌر سان لهه وچڙ ۾ آهي.نادر مگسي جي پ پ سان ناراضگي جا اندروني ڪارڻ ڪهڙا آهن پر جيڪا ڪهاڻي منظرعام تي اچي چڪي آهي ته ان مطابق سندس ضلعي سان واڳيل چانڊيه قوم جو سردار ۽ اسيمبلي ميمبر نادر مگسي جي نه صرف وزارت ۾ شموليت جي سخت مخالفت ڪري رهيو آهي پر هو پنهنجي مرضي جا ڪامورا ضلعي ۾ رکرائي سردار نادر مگسي کي ڪنهن حد تائين مفلوج ڪري چڪو آهي.مير نادر مگسي توڙي سندس خاندان پ پ لاءِ لازوال قربانيون ڏيندڙن مان هڪ آهي ۽ ڪڏهن به نه چاهيندو ته پنجن ڏهاڪن جي محنت مٿان پاڻي ڦيڙجي وڃي۽ نه چاهيندو ته مٿاس بغاوت جا الزام لڳن. هن وقت پ پ جي مک قيادت جن ۾ جناب آصف علي زرداري ۽ محترم فريال ٽالپر شامل آهن کيس پرچائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن.خدا نه ڪري پرجيڪڏهن سردار نادر علي مگسي پ پ سان بغاوت جو اصولي فيصلو ڪري ٿو ۽ پ پ مخالف ڌرين سان وڃي ملي ٿو ته انجا پ پ تي منفي اثرات ضرور پوندا جنهن کان ڪير به انڪار ڪري نه سگهندو.اهڙي طرح جيڪڏهن نفرتون وڌن ٿيون ته انجا سڌا اثر قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي مگسي ۽ چانڊيه قبيلن مٿان به پئجي سگهن ٿا ۽ اهي ڌريون هڪٻئي جي سامهون به اچي وينديون.ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي پ پ کي مثبت سياسي سوچ ۽ مفاهمت واري نظر سان ٻنهي طاقتور ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻو پوندو.

اليڪشن ٽريبونل جو هڪ ٻيو فيصلو جنهن ۾ ن ليگ جي باغي اڳواڻ سيد غوث علي شاهه جي حق ۾ فيصلو ڏئي پ پ جي ايم اين اي جناب نواب خان وساڻ جي جاءِ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي اهو به پ پ لاءِ سنڌ اندر ڪو سٺو سنئوڻ ناهي ۽ ان ڳالهه جي پٺڀرائي ڪري ٿو ته سنڌ ۾ 2013 وارين چونڊن ۾ نا انصافيون ۽ ڌانڌليون ٿيون آهن ۽ مخالف جماعتون ان کي اشو بڻائي اليڪشن ڪميشن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي چڪيون آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف به ساڳي موقف تحت ڌرڻا هڻڻ سان گڏ شهر بند ڪرائي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي.هن وقت به سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت ڪافي اسيمبلي ميمبرن خلاف اليڪشن ٽريبونلز ۾ ڪيس هلي رهيا آهن جن جو به فيصلو اچڻ باقي آهي.سيد غوث علي شاهه پنهنجي ڪاميابي کانپوءِ ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري ۽ ڪهڙي پارٽي ڏانهن جهڪاءِ ٿو ڪري ٿو انجو بظاهر ته هن اعلان ناهي ڪيو ڇاڪاڻ ته هو ن ليگ جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهيو هو ۽ انهي پليٽ فارم تان ئي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي تنهنڪري کيس پنهنجو سياسي لائحه عمل جو حتمي فيصلو ڪرڻو پوندس.ن ليگ جي ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته ن ليگ کيس پارٽي ۾ هاڻ شايد ئي ڪا اهميت ڏئي ڇاڪاڻ ته هن ڪافي فورمن تان ن ليگ قيادت خلاف ڪافي زهر اوڳاڙي چڪو آهي پر شاهه صاحب جا ڪجهه ويجها حلقا جيڪي ن ليگ جو حصو آهن کيس ن ليگ ۾ سرگرم بنائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جنهن لاءِ ٿي سگهي ته ويجهڙائي ۾ وزيراعظم ميان محمد نوازشريف کيس ٻيهر پرچائي پارٽي ۾ واپس آڻي جنهن جو ڪارڻ اهو به آهي ته ن ليگ ۾ ذوالفقار علي کوسه گروپ جي پئدا ٿيڻ بعد ن ليگ ڪافي حد تائين ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ شريف ڀائر جيڪي عمران خان کان اڳ ۾ ئي پريشان هئا سي ذوالفقار کوسه جي سياسي سرگرمين بعد ويتر پريشان حال آهن.

ڪجهه سياسي حلقن جي راءِ آهي ته ملڪ جي مختلف اليڪشن ٽريبونلز ۾ جيڪي به ڪيس هلي رهيا آهن ۽ نادرا جي جيڪا ووٽ تصديق ڪرڻ واري رفتار آهي ٿي سگهي ته پ پ ، ن ليگ سميت ڪجهه ٻين سياسي ڌرين تي اڃا به وڌيڪ ڇنڊا پون ۽ انهن جو سيٽون سندن هٿن مان نڪري وڃن جنهن سان سياسي بحران ۾ انهي حد تائين اضافو ٿي سگهي ٿو.ملڪ کي سياسي گهوٽالي کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سواءِ مڊٽرم چونڊن جي ٻيو ڪو به رستو ناهي تنهنڪري سموريون اقتداري ڌريون مڊٽرم چونڊن ڪرائڻ تي انهي لحاظ سان به راضي ٿي وڃن ته هڪ شفاف ۽ با اختيار چونڊ ڪميشن وسيلي مڊٽرم چونڊون ڪرائي ملڪ کي اجائي ڇڪتاڻ کان بچايو وڃي.ضرورت به ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جون سياسي ڌريون اها ڳالهه کليل دل سان تسليم ڪن ته 2013 واريون چونڊون ڌانڌلين جو شڪار هيون ۽ عوام انهن کي ٿڏي ڇڏيو آهي تنهنڪري نئون مينڊنٽ وٺڻ وقت جي ضرورت آهي.رهيو سوال پ پ ۽ ن ليگ پاڻ کي اٿيل نئين سياسي طوفان ۽ پارٽي اندر ٿيندڙ ڌڙابندي کي ڪهڙي ريت منهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي ايندڙ وقت ٻڌائي سگهندو جنهن ۾ عوام جون نظرون کتل آهن.

hussainlighari@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *