افغانستان جي ڪلهي تي وري جنازه…!وينگس

افغانستان ڪڏهن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي دلدل مان ٻاهر نڪرندو؟ ان سوال تي صرف افغانستان ئي نه پر پوري دنيا سوچي ٿي. اهو افغانستان جتي پهرين سيڪولر سوچ وارو راڄ هو.

مون کي افغاني دوست صاحبه پئڪار جا لفظ ياد آهن، جيڪا مون سان ڪم ڪري چڪي هئي. هن سان گڏ رهندي منهنجو جڏهن افغانستان جي ڪلچر تي بحث ٿيو ته هن پهرين جملو چيو، ”ڏس افغانستان جيڪو طالبان پيش ڪري رهيا آهن، افغانستان ائين ناهي، اسان جو افغانستان سيڪولر افغان آهي“. ٻئي ڏينهن تي هوءَ پنهنجي هڪ ڪاليج جي تصوير کڻي آئي، جنهن ۾ هن کي مني اسڪرٽ پاتل هئي، مون ان تصوير کي ڏسندي چيو ته يقينن تصوير خوبصورت آهي، ائين جيئن افغانستان. مون کلندي صاحبه پئڪار کي وڌيڪ چيو ته ”اسان کي خبر آ، اصل افغانستان جو چهرو ۽ سوچ ڪهڙي آهي، توکي ان حوالي سان وضاحت ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“

هن ڪجهه وقت خاموش رهندي پوءِ ڳالهايو ته، ”اسان افغانين کي ڪراچي ۾ ائين نه ٿو ڏٺو وڃي، جيئن تون سوچين ٿي“. انهيءَ دوران مون صاحبه پئڪار کي ايترو ئي چيو ته سچائي کي ضرورت ناهي ته اها ثبوت ڏئي. تاريخ ۽ وقت ان جو پاڻ ئي فيصلو ڪندو. يقين ڪر، افغانستان وري ٻيهر پنهنجي سيڪولر سوچ جي راهه تي قدم رکندو. ان ڳالهه تي صاحبه پئڪار خوشي جو اظهار ڪيو.“

مون کي خبر ناهي ته صاحبه پئڪار هينئر ٻاهرين ملڪ جي ڪهڙي ملڪ ۾ رهي ٿي ڇا هوءَ واپس افغانستان وري آهي؟ جيستائين صاحبه پئڪار ۽ ڪجهه ٻين افغان ساٿين سان وقت گذريو ان دوران مان ان افغانستان سان مليس جنهن ۾ دقيانوسي جي رتي برابر به جڳهه نه هئي.

افغانستان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي، ان جي جنگ صرف هڪ طالبان گروپ سان ناهي پر هڪ انتهاپسند سوچ جي خلاف آهي، جيڪي افغانستان کي ڄور وانگر اندر ئي اندر کان ختم ڪري رهيا آهن.

افغانستان کي طالبانن مان جند آجي ڪرڻي پوندي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هاڻي ملا عمر ۽ سندس ساٿين جو زور ٽٽي چڪو آهي پر طالبانن جي موجودگي کان ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي. اهي ننڍڙن گروپن ۾ موجود آهن ان کان وڌيڪ اهي دقيانوسي ۽ انتهاپسندي جي سوچ ۾ پنهنجو عڪس ڏين پيا.

جيڪا انتهائي خطرناڪ ڳالهه ثابت ٿيندي. توهان هڪ گروپ سان وڙهي سگهو ٿا پر ان سان ويڙهه ڏکي هوندي جيڪي مذهب جو نالو استعمال ڪن ٿا. افغانستان ئي نه پر پورو ڏکڻ ايشيا، ان دهشتگردي جي طوفان کي منهن ڏئي سگهي ٿو.

ڇاڪاڻ جو هتي طالبان گروپ سان گڏ داعش گروپ به پيدا ٿي چڪو آهي. عراق ۽ شام جو حال ڇا ٿي چڪو آهي، سڀ ڪجهه سامهون آهي. پنهنجي بقا جي جنگ جي نالي تي يمن ۾ پير ڄمائڻ لاءِ سعودي سني اتحاد جوڙي جنگ جي شروعات ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي پر ان جي سامهون داعش ۽ القاعده جهڙا گروپ، خطرو ناهن، انهن جي خلاف جنگ ڇو نه ٿي جوڙي وڃي؟

داعش جو ايشيا ۾ پير رکڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ اسان کي نه وسارڻ گهرجي ته داعش جي اچڻ سان افغانستان ۽ پاڪستان ۾ مذهبي فرقيواريت جي ويڙهه شروع ٿي ويندي.

افغانستان داعش جي موجودگي ۽ پاڪستان ۾ ان جا همدرد گروپ، خطري جو گهنڊ آهي. اڃان طالبانن سان پوري طرح جند آجي نه ڪرائي سگهيا آهيون ته مٿان وري داعش جهڙو گروپ اچي بيٺو آهي.

افغانستان جي شهر جلال آباد  ۾ ٻه خطرناڪ ڌماڪ ڪيا ويا، جن جي ذميواري داعش قبول ڪئي آهي ۽ ان جي مخالفت وري طالبان گروپ ڪئي. تعجب جو ٻئي گروپ هڪ ئي شاخ جا آهن داعش جاپيرا القاعده گروپ ڏانهن وڃن ٿا.

طالبان گروپ ڪيستائين داعش جي مخالفت تي قائم رهن ٿا اهو به ڏسڻو آهي. ڇاڪاڻ جو دهشتگرد گروپن ۾ به پنهنجي حڪمراني قائم رکڻ تي اختلاف آهن. اهي ٻئي هڪ ئي سڪي جا ساڳيا پاسا آهن.

داعش کي ڪهڙي ضرورت پئي جو انهن افغانستان جي شهر جلال آباد تي ٻه ڌماڪا ڪيا جنهن ۾ 41 ماڻهو ماريا ويا ۽ 100 کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

هڪ پاسي افغانستان پنهنجو پير جمهوري حڪومت جي حوالي سان رکي رهيو آهي ۽ پاڙيسري ملڪن سان به بهتر لاڳا قائم ڪري پيو، جنهن ۾ پاڪستان سان به بهتر دوستاڻا ناتا وڌي رهيا آهن.

ان سان گڏوگڏ ايران سان به افغانستان دوستي جو هٿ وڌائي پيو، ڇا ڪٿي ڪو اسلامي ملڪ افغانستان جي ايران سان دوستي جي قدم تي چڙيل ته ناهي!

داعش جي افغانستان ۾ موجودگي واضح پيغام ڏئي پئي ته هاڻي وري دهشتگردي جي لهر اُڀرندي. جيڪڏهن افغانستان ۽ پاڪستان ان لهر جي خلاف پنهنجا پير مضبوط ڪري نه بيهاريا ته پوءِ اها لهر ٻنهي ملڪن سان گڏ پوري ڏکڻ ايشيا کي وڪوڙي ويندي ۽ خاص طور تي پاڪستان ۽ افغانستان مذهبي فرقيواريت جي جنگ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن.

ان جي لاءِ جلال آباد جي ڌماڪن کي صرف ڌماڪن تائين نه ڏسڻ گهرجي ان کي سنجيده وٺڻو پوندو ڇو جو داعش جي موجودگي جو مطلب ته اهي ڪٿي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ نه ٿا اچن ڇو جو عراق ۾ ڪرد گروپ داعش کي ٽف ٽائيم ڏنو آهي ۽ شام جي حالت اڳ ئي خراب آهي.

داعش پاڻ کي وڌائڻ لاءِ اڳتي اچي سگهي ٿي ۽ افغانستان جي ڪلهن تي ٻيهر جنازه کڻڻ هڪ پيغام آهي ته اسان سڀئي دهشتگردي جي دلدل ۾ اڃان ڦاٿل آهيون. ان جي لاءِ گڏ اتحاد ڪري نڪرڻو پوندو.

افغانستان جي سرزمين تي ڌماڪا پوري خطي جي سرزمين تي ڌماڪا ڪرڻ برابر آهي. داعش کي وڌيڪ اڳتي اچڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي پهرين ئي ڌڪ ۾ ڪمزور ڪرڻ گهرجي جو اهي ٻيهر وري ڌماڪا نه ڪري سگهن ۽ نه ئي هن خطي ۾ پير رکڻ جو سوچين.

افغانستان جنهن انداز سان طالبانن جي خلاف جنگ وڙهي آهي انهن کي محسوس ٿيندو هوندو ته جنگ اڃا ختم ناهي ٿي پر ان ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڙ پٽڻ ضروري آهي ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن جي ڪلهن تي ٻيهر انتهاپسند ۽ دهشتگرد جنازه نه ڏين.

اهي دهشتگرد سمجهن ٿا ته ڪلهن تي جنازه ڏئي، افغانستان کي ڪمزور ڪندا پر انهن کي اها خبر ناهي ته هي اهو افغان آهي، جنهن جي ڪلهن تي ڪيترائي جنازه آيا پر هو اڄ به پهاڙ جيان بيٺل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *