اسلام آباد وارو دنگل ۽ بني گالا مان ٿيندڙ اهم گرفتاريون ..!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

جماعت اسلامي سراج الحق دراني هڪ مڪمل جهموري جماعت جو سرابراهه آهي. هن ڪنهن قانون.وارثت يا ڪنهن بيڪ چينل ڊيپلوسي سان جماعت اسلامي جو سرابراهه ناهي ٿيو.بلڪه هن ووٽ جي طاقت سان سربراهي حاصل ڪئي آهي.انهي ڪري شايد کيس ووٽ جي طاقت ۽ جهموريت جي قدر قيمت جي چڱي طرح اندازو آھي.شايد انهي ڪري سراج الحق دراني صاحب پنهنجي بيان ۾ چئي رهيو آهي ته اسلام آباد ۾ ٿيڻ واري دنگل سان پوري قوم پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويندي.۽ ڏٺو وڃي ته سراج الحق دراني جي اها ڳالهه سورهن آنا سچ آھي ڇو ته جڏهن کان شيخ رشيد.پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف اسلام آباد بند ڪرائڻ ۽ اسلام آباد جي روڊن تي ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.ان ڏينهن کان وٺي پاڪستاني قوم عجيب ڪشمڪش مان گذري رهي آهي.خاص ڪري اسلام آباد جا شهري.ڇو ته هر طرف بند روڊ ۽ ٻيٺل ڪنٽيبر ۽ روڊن تي ٻيٺل وڏي تعداد ۾ پوليس ۽ ٻين سڪيورٽي اهلڪارن جن کي ڏسي ڪري شهري زندگي مفلوج بڻجي وئي آھي.۽ ان جا اثرات انهي ٻارن تي وڌيڪ ڪري رهيا آھن جيڪي هن معصوميت واري ڄمار ۾ اسڪولي تعليم پرائي رهيا آهن.انهن جي ذهن جي ننڍڙي ذهن ۾ ڪهڙا سوال ۽ جواب ايندا هوندا.جڏهن هو اسڪولي رستن جي ٻيٺل وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن کي ڏسندا هوندا.رستا بند  ڏسندا هوندا ۽ هر طرف هٽو بچو جو شور ٻڌندا هوندا.انڪري سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته اسان پنهنجي سياسي ويڙهه اندر پنهنجي ايندڙ نسل کي ڇا سيکاري رهيا آهيون.پر مان سمجهان ٿو ته انهي سموري دنگل ۽ پريشان ڪندڙ سياست جو حل ۽ انهي حل جي چاٻي سپريم ڪورٽ وٽ ضرور آهي. پانامه ليڪس تي سپريم ڪورٽ کي ڪنهن به نظريي جي ضرورت ناهي.۽ سپريم ڪورٽ جرت سان فيصلو ڪري ته پاڪستاني پوري قوم سپريم ڪورٽ سان گڏ هوندي.سراج الحق دراني صاحب به مسلم ليگ ن ۽ موجوده پاڪستاني وزيراعظم ميان نواز شريف جي خلاف پڻ پاناما  ليڪس معامعلي تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جڏهن ته پنهنجي بيان ۾ اهوبه چيو آهي ته حڪمران عوام جي ڪلهن تي چڙهي ڪري اقتداري ۽ ايوانن جي ڪرسين تي وهندا آهن.ڪڏهن هڪ مظلوم ۽ ٻيو ظالم بنجي ويندو آهي ته ڪڏهن پهريون ظالم ٻيو مظلوم بنجي ويندو آهي.۽ ٻنهي جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگ عوام کي صرف ۽ صرف دوکو ڏيڻ آهي ٻيو ڪجهه به نه.جڏهن ته هن وقت به ڪجهه اهڙي ئي صورتحال موجود آهي جنهن اندر منصوعي جنگ وڙهي ڪري عوام کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.مان سمجان ٿو ته اهڙي ماحول اندر سراج الحق بهترين فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم خلاف پاناما لڪيس معمالي تي درخواست به داخل ڪرائي آهي پر هوُ سپريم ڪورٽ تي چڙهائي نه ڪري رهيو آهي.اسلام آباد بند ڪرائڻ لاء نعرا ۽ جلسا جلوس نه ڪري رهيو آهي.ها اها ٻئي ڳالهه آهي ته هو پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف عوام جي راهموار ڪرڻ لاء شهر شهر ضرور وڃي رهيو آهي.اهو به پر امن طريقي سان نه شور نه هلُ هنگامو ۽ نه ئي جهيڙي جهڙي صورتحال. جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته سراج الحق پاڪستاني ادران ۽ سياست مان مطعمين به ناهي ۽ انهن ادران جي خلاف به ناهي۔پر هڪ تاثر ضرور آهي ته هو ميدان ۾ آهي ۽ ميدان ۾ ئي رهندو.هوُ موجوده وزيراعظم ميان نواز شريف جي حڪومت مان ڪڍڻ به چاهي ٿو.پر هوُ ائين ڪري نه پيو.جڏهن ته انهي جو ثبوت اهو به آهي ته جيڪڏهن سراج الحق دراني اهو چاهي ها ته هوُ ضرورو اسلام آباد تي چڙهائي ڪري ها سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس معاملي تي درخواست به داخل ڪرائي آهي ۽ عدالتي فيصلي تي ڪجهه چئي به نه رهيو آهي۔هوُ چئي رهيو آهي ته هو عدالت جي فيلصي جو انتظار ڪندو.انهي ڪري مان سمجهان ٿو ته سراج الحق دراني ذاتي مفاد جي سياسي نه پر ملڪي مفاد جي سياست ڪري رهيو آهي.هوُ اقتدار تي ويٺل مان ناخوش به آهي ۽ کيس اقتدار ۾ اچڻ جي ڪا تڪڙ به ناهي.هو ڪرپشن خلاف مهم به هلائي رهيا آهن ۽ جهموريت به بچائي رهيا آهن.جڏهن ته سراج الحق دراني جهموريت بچائڻ لاء اهو به چئي رهي آهي ته فوج کي مقصدن خاطر سياست کان پري رکو پر سندس ڪير به نه ٻڌي رهيو آهي.نه حڪومت انهي جي ٻڌي رهي آهي ۽ نه ئي وري پاڻ حڪومت خلاف ڪو اهڙو قدم کڻي رهيا آهن.انڪري.سندس هي سياست سمجهه کان ٻاهر آهي.جڏهن ته سراج الحق درسني جو اها دعوي ضرور آهي ته ملڪ کي ديانتداري صرف ۽ صرف جماعت اسلامي ئي ڏئي سگهي ٿي ڇو ته سراج الحق دراني اهو به چيو آهي ته هو ڪرپشن جي.خاتمي لاء نڪتو آهي ۽ سندس آف شور ڪئپنين جو ڪو نالو نشان ئي ناهي.نه ئي هو شگر مافيه جو ڊان آهي ۽ نه ئي هوُ قرض هڙپ ڪرڻ وارو آهي ۽ نه ئي ڪو اسمگلر آهي انهي ڪري هو ايمانداري سان پنهنجو حق وٺڻ لاء پر امن طريقي سان شهرن لاء نڪتو آهي.پر ڏٺو وڃي ته عمران خان جو مقصد به ساڳيو آهي صرف لهجي ۾ فرق آهي.مقصدن ٻنهي جو ساڳيو آهي ٻنهي جو اهو ئي مقصد آهي ته ڪنهن به صورت ۾ پاڪستاني سياست مان ڪرپشن ختم ٿي ۽ وزيراعظم اقتدار جي ڪرسي مان هٿ ڪڍي.فرق صرف ايترو آهي ته هڪ هوش مان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻيو.جوش ۾ بس ڪجهه تباه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.ليڪن انهي ڪري اسانجي شايد اسانجي ملڪ اندر سلطان راهي اسٽائيل ۽ ڊٻنگ اسٽائيل تما گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ اڄ جا سياسي حڪمران نه انهي اسٽائلن ۾ پنهنجي سياست ڪرڻ ٿا چاهين.جئين عوام انهي سياست کي پسند ڪري سگهي.انهي ڪري سراج الحق دراني گيم کي پاناما ليڪس تائين محدود رکيو آهي ۽ عمران خان انهي معاملي کي سڪيورٽي مسئلن ۾ الجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.هڪ طرف سياسي صورتحال اهڙي آهي ته ٻئي پاسي بني گالا ۾ ٻه نومبر تي سلام آباد بند ڪرائڻ جون تياريون زور شور سان جاري آهن ۽ حڪومت ڌر پاران انهي ڌرڻي کي روڪڻ لاء تحريڪ انصاف جي اهم اڳوڻن جو گرفتاريون به جاريب آهن.ڪالهه بني گالا مان تحريڪ ۾ تحريڪ انصاف جي اهم اڳوڻن کي گرفتار ڪيو ويو جي تحريڪ انصاف رهنما عمرچيمه.عارف علوي.عمران اسماعليل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو هو.ٻئي ٻه نومبر تي سياسي ميچ کيڏآڻ لاء بني گالا تي تحريڪ انصاف ڪارڪنن کي نيٽ پريڪٽس ڪرائي وئي جتي تحريڪ انصاف جا ڪارڪنن پش اپ ڪندي نظر آيا.۽ چيو پئي ويو ته انهن عوام سان جيڪو ٻه نومبر تي جيڪو سلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي اهو پورو ڪندي.هتي هاڻ ڏسڻ اهو گهرجي هاڻ سپريم ڪورٽ ڇا ٿي ڪري جنهن وٽ  معاملي جي حل جي چاٻي آهي.

*****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *