اسحاق ڊار ۽ نواز شريف سان ٿيندڙ احتساب ۽ عوام  جا حق ..!: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جواڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف پاڪستان ايئر لائين جي جهاز نمبر 786جي ذريعي لنڊن مان پاڪستان پچهي ويو جتي کيس عدالت جي اڳيان پنهنجو احستاب ڏيڻو هو،جڏهن ته ميان نواز شريف جئين پاڪستان پهتو ته جهاز مان لهڻ وقت سندس جهڙي جي هلڪي مسڪرهٽ موجود هئي ۽ ائين لڳي رهيو هو لنڊڻ مان ميان نواز شريف خوشيون پاڻ سان گڏ کڻي آيو آهي،پنجبا هائوس تي جڏهن ميان نواز شريف پهتو ته ايازصادق پرويزرشيد،۽ خواجه سعيد رفيق سان ملاقات ڪئي،ان موقعي تي ميان نواز شريف چيو ته هن ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي هن ڪو به پسئو ناهي کاڌو،جڏهن ته اڄ ميان نواز شريف عدالت اندر پيش ٿيدو،جڏهن ته ٻئي پاسي پاڪستان جو ناڻي وارو وزيرجڏهن پنهجو احستاب ڏيڻ لاءِ عدالت پهتو ته مسلسل پنهنجا ئي نهن چٻاڙيندو رهيو ۽ سندس چهري تي پريشاني صاف ۽ واضَع ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي،جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿو ته اڳيان اسحاق ڊار لاءِ وقت وڏيون مصبتون کڻي ايندو ،برحال سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته کائيندڙ هڪ ڏينهن اوجهه ضررو ڏيندو آهي،انڪري پاڪستان حڪمرانن به هاڻي عوام جي لٽيل پسئي جو اوجه ڏئي رهيا آهن،هوئن ڏٺو وڃي ته جيتيري قدر دنيا اندر ڪيترن ئي  حڪومتن جو راج آهي.ڪٿي جهموريتي نظام،صدارتي نظام،پارليامينٽي نظام،ته ڪٿي ڊڪٽيئرشپ،يا بادشاهت،ته ڪٿي حزب اختلاف،پر مان سمجان ٿو ته جهموريت معاشري جو لازمي جز آهي.انساني زندگي لاءِ جمهوريت شهه رڳ آهي.۽  جمهوريت مان جي ترقي ٿيندي آهي ۽  عوام کي تمام گهڻو فائدو پهچندو آهي  شايد انهي ڪري پاڪستان اندر آمريت جي دور اندر ۽  جمهوريت کان اقتدار ڦريندڙ آمريت خلاف گڏجي سموري عوام هڪ ٿي ڪري آواز اٿاريو ۽ آمرييت کي ختم ڪري وري ترقي اندر هڪ نئي جمهوريت کي کي جنم ڏنو، پر اها واضع حقيقت آهي ته جمهوريت مان فائدو ئي آهي جي فائدو نه هجي هان ته ترقي جي عوام مرڻ مارائڻ جي حد تائيئن نه وڃي ها.! اڄ انهي مسلمان ملڪ ترڪي جو اهڙو عروج آهي جو هن تي ڪنهن به ملڪ جو قرض ناهي ۽ آمريڪا کانپوءِ واحد اهو ترڪي ملڪ آهي جيڪو دنيا جي ملڪ ۾ فنڊنگ ڪندو آهي،پر اتي پاڪستان اندر ڏٺو ويو آهي  جمهوريت رڳو ناهي جي آهي هتي  جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي ۽  عوام وڏي مسئلن جي وڙ چڙهيل آهي،پر تنهن هوندي به پاڪستاني عوام انهي لوڙِي لنگڙِي جهموريت کي پسند ڪندي آهي، پر اتي سوال اهو به آهي ته ڇا اها جهموريت صوبن کي برابري جي اک سان ڏسي  ٿي،۽ ڇا پاڪستان اندر هر صوبي کي برابري جا حق ملي رهيا آهن.؟ڇا هر صوبي جي عوام جا مسئلا مسائل هڪ جهڙا آهن ۽ انهن جي حل لاءِ ڪوششون به هڪ جهڙيون آهن.؟ ڇوته جيڪا جهموريت صوبن ۽ عوام جي جذبات  ۽ احساس ۽ مشڪلاتن،۽ مسئلن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ ملڪ جي حڪومت کي به سڌي رستي تي هلڻ ۾ مدد ڪري .انهي کي ئي اصل جمهوريت چئبو آهي.پر اهو دنيا اندر ضرور ڪٿي نه ڪٿي هوندو ۽ آهي ته پر پاڪستان اندر اهڙو ڪو به ماحول ناهي جنهن جي جهموريت اندر عوام کي رليف مليو هجي، هي پاڪستان اندر2008۾ شروع ٿيڻ واري جهموريت جي ٻيو دور هو. جڏهن ته 1999کان وٺي 2007تائين مشرف جي ڊڪٽيئرشپ قائم هئي. ضياالحق جي مارشلا ۾ 1985 اندر غيرجماعتي اليڪشن سان هڪ نئي سياسي سفر جي شروعات ٿي.ته 1999تائين ڪا به سياسي پارٽي پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري نه سگهي.سڀ کان پهرين محمد خان جويڻيجو صاحب کي جرنل ضياالحق گهر ڀيڙو ڪيو .پوءِ محترمه بينظير ڀٽو ٻه دفعا ۽  ميان نواز شريف ٽي  دفعا گهر ڀيڙو ٿيو.جون 2013جي موقعي جي اهو پهريون هو جڏهن سياسي حڪومت پنهنجي آئيني مدو پورو ڪيو ۽ هڪ ٻئي سياسي پارٽي پنهنجو آئيني حق سنڀاليو.پر اهي به ڳاليهون عام آهن ته آصف علي زرداري جي صدر ٿي ۽ يوسف رضا گيلاني جي وزيراعظم واري دور اندر پاڪستان ۾ ميگاڪرپشن ٿي هئي.جنهن جي هن وقت جاچ هلي رهي آهي.جنهن جي جاچ جي نيب وٽ ڪيترائي ڪيس موجود آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم به  نيب ڪرپشن ڪيس اندر جيل ۾ بند آهي.جنهن کان سندس دور اندر ٿيندڙ ميگاڪرپشن جي جاچ هلي رهي آهي.جڏهن ت ڳالهه رڳو ڊاڪٽر عاصم جي ناهي بلوچستان واري ريئساڻي جو به اوهان قصو ضرور ٻڌو هوندو جيڪو به  ڪرپشن جو چٽو ثبوت آهي جنهن جي بيڪري جي پيڪٽن مان به پئسا نڪتا هئا ۽ گهرمان ته ايترا پئسا نڪتا جو پئسا ڳڻڻ واريون مشنيون به ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو هنيون، هي اهو دور هو جنهن دور اندر عوام  واقعي عذاب ڀوگيندڙ دور مان گذري رهي هئي،بدترين لوڊشينگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو.منگهائي عروج تي پهتل هئي.جڏهن ته نوڪريون پئسن تي وڪرو ڪيون ويون.غريب مسڪين ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا.مئي 2013اندرٿيندڙ ايڪشن انهي ڳالهه جي گواه بڻي ته پ پ پاڪستاني قوم سان ڪيتري وفا ڪئي.عوام پ پ جي نمائيندن جي سراسر مايوسي ڏني ۽ پ پ صرف سنڌ صوبي تائين محدود رهجي وئي.اها به ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن تائين…!ڇو ته سنڌ اندر وڏن شهرن ۾ ته ايم ڪيو ايم جو راج بڻجي ويو .جيڪو خد سنڌ لاءِ خطرو آهي .خطرو انهي لاءِ انهي ته هو اليڪشن کٽي ڪري اچي اقتدار جون ڪرسيون ولاريندي پر خطرو انهي ڳالهه جو آهي انهن هميشه سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا سنڌ ٽوٽڻ جو مصنصوبو ۽ هڪ وڏو خطرو آهي ،جڏهن ته ڪي پي ڪي اندر عمران خان صاحب پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب  ويو.پر اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن ميان نواز شريف مولانا فضل الرحمان جي ڳالهه مڃي وڃي ها ته شايد پوءِ عمران خان لاءِ به ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ٺاهڻ مشڪل ٿي پوي ها.بلوچستان اندر قوم پرست  نيشل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو ويو.پنجاب ته نواز شريف وٽ ئي رهيو.ان ڪري سمورا صوبا جمهوريت تي قائم رهيا ۽ وري به هڪ جمهوري حڪومت پاڪستان اندر قائم ٿي ، جمهوريت هڪ وڏي ڳالهه آهي.جنهن اندر سمورين صوبن کي برابري جو حق حاصل هوندو آهي.پر اڄ هن سياسي دور اندر اهڙو ڪو به حق ڏسڻ ۾ نه پيو اچي.بقول سابق وزيراعظم ميان نواز شريف جي ته هن پنجاب اندر ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇائي ڇڏيا آهن،هاري پيڪج کان ويندي تعليم جي معيار لاءِ شاگردن جي وضيفا،بيروزگارن کي روزگار جا موقعا،معذورن لاءِ اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي هر ميهني اندر ملندڙ رقم،ميٽرو بس سروس وغيره ڏينون آهن پر اها سندس سمورا ڪارنامه ڪارڪردگيون هڪڙي پاسي رکي ڪري پاناما ليڪس معاملي تي کيس نااهل ڪيو ويو.جيڪو جنهن اندر جواز اهو ڄاڻايو ويو هو ته هن سندس پٽ جي فيڪٽري مان پگهار نه کنيو هو، جنهن کان پوءِ جهموريت دل جي ڏسائيندڙ سابق وزير اعظم سندس گهر واري ڪلثوم نواز جيڪا ڪينسر جي مرض ۾ متبلا آهي ۽ لنڊن اندر زيراعلاج آهي انهي جي سارسنڀال لهڻ لاءِ لنڊن روانو ٿي وي ۽ ڪيترا ئي ڏينهن لنڊن ۾ گذاري ڪري ڪالهه وري وري پاڪستان آيو مان مان سمجهان ٿو ته ڪلثوم نواز جي ڪينسر ۽ ميان نواز شريف جي لنڊن واري دوري ۽ پاڪستان وزيراعظم خاقان عباسِي جو جي لنڊن روانگي ۽ وري پاڪستان اچڻ کانپوءِ ان ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين جمهوريت بيمار آهي،ڇو ته پاڪستان وزيراعظم ڀلي خاقان عباسي هجي ته اڄ ته نواز شريف پاڻ کي وزيراعظم تسليم ڪري ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو بيمار جمهوريت تي هن وقت  مسلسل تنقيد ٿي رهي آهي،انهي جمهوري نظام اندر  صوبي سنڌ تي هڪ نظر وجهون ته سموري صوبي اندر اهو سڀ ڪجهه جنهن سان پنجاب کي نوازيو ويو آهي.انهي مان ٿور ئي سهي پر سنڌ کي ڪجهه به ناهي ملي سهگيو آهي .مان ته سمجهان ٿو ته سموري سنڌ اندر اهڙو ڪو روڊ ناهي جنهن جي ميٽرو بس هلي سگهن.سنڌ حڪومت سنڌ صوبي جي سموري کاتن ۾ نظرانداز ڪيو ۽ پنجاب وفاقي حقن ۽ پيش ڪيل بجيٽ ۾ عوام جي ماري ڇڏيو .پر ان سان گڏ وفاق تي افسوس به آهي ته انهن صوبن کي بي يارو مدد گار ڇڏي ڏنو آهي.جنهن جي ڪري صوبا ترقي ڪرڻ بجاءِ هر ڏينهن پوئتي جي طرف ڌڪبا پيا وڃن.هر ڏينهن شهر کنڊارت جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن،سموري صوبي اندر صحت جو نالو ئي ناهي.ويچاري عوام تڙپي تڙپي مري رهي آهي.بک بدحالي جو راڪاس ڦري ويا آهن. هر هنڌ ڏٻرا جسم نظر ۾ اچي رهيا آهن.جتي سنڌ حڪومت نااهلي واري ڪرادر ادا ڪري رهي آهي.اتي قيامت جي ڏينهن وفاق جو به گلو ضرور پڙڪيو ويندو.هن وقت پنجاب جا قلمارڪار ن ليگ جي حق ۾ سهرا لکي رهيا آهن.پر شايد انهن کي به سنڌ جو سور وسري ويو آهي.ن ليگ حڪومت اچڻ کان پهرين سڀ کان اول ڪم پاڪستان مان بجلي جي لوڊشينگ تي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو هو پر اڄ تائين نه بجلي جو بحران گهٽيو ۽ نه اهي اهڙي ڪا راهه ڏسڻ ۾ پئي اچي جنهن مان اهو اندازو لڳي ته 2018تائين ملڪ مان بجلي جو بحران ختم ٿي ويندو.۽ هاڻ ته اهو تصور به ناهي جيڪو بجلي جي هام هڻندو هو. دنيا جي عالمي منڊين اندر تيل پاڻي جي اگهه ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.اسان وٽ هر روز تيل جو قيمتون گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيون آهن.پوري ملڪ اندر بجلي سان گڏ گئس جو به وڏو بحران هلي رهيو آهي.مٿان وري حڪومت بحران ختم ڪرڻ بجاءِ گئس جي ڳرو ٽيڪس لڳاءِ ڇڏيو آهي.پاڪستان ڪيترن ئي ملڪن سان پنهنجي ترقي جا منصوبا جوڙيندو پيو اچي.پر اها ترقي سواءِ پنجاب صوبي جي ٻئي ڪنهن به صوبي اندر نظر نه پئي اچي.ان ڪري جهموريت هڪ بهترين عمل آهي.پر ان عمل جو بهترين ڪم اهو آهي ته ان سان صوبن کي فائدو ٿي.هن وقت ن ليگ پنهنجي صوبي پنجاب تائين محدود ٿي ناني ڪننڙي وارو ڪم ڪري رهي آهي.ان سان سنڌ جي عوام ضرور مايوسي جو شڪار آهي.ڇو ته سنڌ حڪومت هوئن به سنڌ وارن جي سار لهڻ ڇڏي ڏني آهي.جنهن جو مثال سنڌ اندر هر طرف وڌندڙ بک بدحالي آهي .پر هاڻ ملڪي حڪومت جو به ڪو آسرو ڏسڻ ۾ نه پيو اچي.ان ڪري سنڌ جي عوام لاءِ ڪهڙا جعما ڪهڙا ڇنڇر ويهي ڳڻجن.هن عوام سان هر دور ۾ ظلم ۽ سور ساڳيو ئي آهي.پوءِ چاهي جهموريت هجي يا آمريت ڪهڙو ٿو فرق پوي…

mustafa.03333737575@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *