اسان لاءِ چانهه جي ڪوپ واري سنڌ ئي ڪافي آهي ؛سرواڻ چانڊيو

سنڌ جي اوطاقن تي رهاڻين جي روايت تمام گهڻي پراڻي آهي پر جڏهن دور تبديل ٿيڻ لڳو ۽ اوطاقن بدران شهر کان ويندي ڳوٺن تائين هوٽلون قائم ٿيون ته ماڻهن به پنهنجون ڪچهريون اوطاقن مان ڪڍي هوٽلن تائين پهچايون ۽ اهو سلسلو ايترو ته وڌي ويو جو اوطاقون ويران ۽ هوٽلون آباد ٿي ويون- ۽ جيڪي اڄ تائين گهڻيون ئي آباد آهن. ۽ سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو ڪاروبار سٺو هلي ٿو ته اهو هوٽلن جو ئي آهي. شايد ان جو اهو سبب آهي جو گهر ۾ عورتن کي تڪليف ڏيڻ ۽ دوستن جي خدمت چاڪري جي محنت کان بچندي هوٽلن تي ويهي چانهه جي ڪوپ تي ئي دنيا جهان جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ۽ هڪ جي وڃڻ کانپوءِ وري ٻيو اچي جاءِ والاري ٿو ۽ اهو سلسلو سڄو ڏينهن ۽ ڪٿي ڪٿي اڌ رات تائين جاري رهي ٿو.سنڌ جي نوجوانن جي سستي ۽ ڪاهلي جو مثال ڏنو وڃي ٿو ۽ سنڌين کي هوٽلن تي ويـٺل قوم قرار ڏنو وڃي ٿو. پهرين ته يقينن پنهنجن نوجوانن توڙي سنڌي قوم جي هر فرد جي ان ڪردار تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي ۽ اها خواهش هئي ته سنڌ جو هر فرد سرگرم ٿئي ۽ هر سرگرمي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي، جهڙي طرح ٻين صوبن جا نوجوان ڪن ٿا ۽ هر ڪم ۾ اڳ کان اڳرا آهن. سنڌين جي ان ڪاهلي تي اسان جي سياسي اڳواڻن کي به هڪ بهانو ملي ٿي ويو، جيڪي هر هنڌ اهو چئي پنهنجي جان ڇڏائي ٿي ويا ته ”اسان ڇا ڪريون ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. اسان ته قوم جي لاءِ مريو پيا وڃون، پر ڪو اسان کان ڪا شيءَ گهري ئي نٿو ته اسان ڏيون ڪٿان. اسان جي وس ۾ صرف ايترو آهي ته جيڪو اچي ان کي ڪنهن منزل تي پهچايون، پر هتان جي نوجوانن ته اسان جو ڪنڌ شرم کان هيٺ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هر ڪو طعنو ڏئي ٿو ته توهان جي صوبي جا نوجوان ٺپ ڪاهل آهن ۽ انهن ۾ ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت ئي نه آهي.“ واقعي ئي دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي وئي آهي، هر قوم پنهنجو پاڻ کي مڃائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهي آهي، پر سنڌ جو نوجوان اڄ به پنهنجو ٿڪ لاهڻ لاءِ هوٽل جو ئي سهارو وٺي ٿو. سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجي شهر جي انهن سڀني هوٽلن جا نالا ۽ جايون ياد آهن، جتي چانهه جو ڪوپ ملي ٿو ۽ اها هوٽل ڪيترو وقت کليل هوندي آهي، ان جو پتو ضرور هوندو آهي. حيدرآباد جي روپاماڙي هوٽل کان ويندي لطيف آباد جي پيالا هوٽل تائين، چانهه جي لاءِ ڪيتري ئي وقت کان مشهور کٿڙ جي چاچا حاجي بروهي جي هوٽل، پٺاڻ ڪالوني ۾ خان هوٽل کانسواءِ هالا ناڪي، حيدرچوڪ سميت مختلف جاين تي هوٽلون ائين وسنديون آهن جيئن ڪو ميلو لڳل هجي.اڄ جڏهن ملڪ ۾ وحشيت جي بازار گرم آهي، معصوم ٻارن کي پڪڙي شهيد ڪرڻ کي فخر جوڳي ڳالهه محسوس ڪئي پئي وڃي. رت جا پياسي وحشت جا رڪارڊ ٽوڙي رهيا آهن تڏهن الائي ڇو سنڌ جي انهن هوٽلن تي ويٺل نوجوانن تي فخر محسوس ٿي رهيو آهي، جيڪي پنهنجي احساس محرومي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن ٻارڙيءَ جي ڳلي تي ڇري نٿا ڦيرين، مذهب جي نالي تي ڪنهن جي رت سان هٿ نٿا ڌوئن ۽ نه ئي وري ان غلط فعل کي مذهب جي چولي ۾ اوڍي پنهنجو بچاءُ ٿا ڪن.ڪنهن بزرگ ڪيترائي سال اڳ اها اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي ته جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو، اهو جوکو صرف ڪنهن هٿياربند ڪاهه جي صورت ۾ نه هو پر اهو جوکو مذهب جي آڙ ۾ رتو ڇاڻ جي صورت ۾ به آهي ۽ اها اڳڪٿي آهستي آهستي سچ ثابت ٿيڻ لڳي آهي. اڄ سڄي ملڪ ۾ جيڪا باهه لڳل آهي، اها قنڌار کان ئي لڳل آهي ۽ جيڪا وحشت برپا ڪئي وئي آهي، ان انسانيت کي به لڄائي ڇڏيو آهي. پر اڄ به سنڌ ٿوري گهڻي ان سڄي صورتحال کان بچيل آهي. ان جو سبب شايد اهي نوجوان ئي آهن جيڪي ڪنهن به اهڙي سرگرمي جو حصو بڻجڻ بدران هوٽلن تي ويهي ڪنهن فلمي منظر تي بحث ڪري واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موٽن ٿا يا شايد انهن جي بحث جو موضوع ڪا اهڙي حسينا هجي جنهن کي ڏسندي کين ڪيترو ئي عرصو ٿيو هجي پر اڃان تائين هو ان جي نگاهن جو مرڪز نه بڻجي سگهيو هجي… يا درندگي جو ڪو اهڙو واقعو هجي جنهن سندن ذهنن کي به جنجهوڙي ڇڏيو هجي پر ان جي باوجود هو اڄ به پنهنجي وڏڙن جي ان روش تي قائم آهن ۽ اوطاقن بدران هوٽلن کي ئي آباد ڪيو اچن.ان سڄي صورتحال کانپوءِ واقعي ئي انهن نوجوانن ۽ سنڌي سماج جي ماڻهن تي فخر هجڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو ته ڪيترائي بي پرواهه ۽ ڪيترائي ڪاهل ڇونه هُجون پر پنهنجي ڪاهلي کي چستي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن غير انساني ۽ غير مذهبي فعل جو حصو نٿا بڻجون. جنهن تي پوري انسانيت ئي شرمسار ٿيڻ لڳي.ڀلي اسان کي ملڪي وسيلن مان پورو حصو نه ملي، نوڪرين ۾ به پنهنجا نوازي ٿئي، ڀلي سياسي اڳواڻ سستي جا طعنا ڏيندا رهيا هجن، ڀلي بک تي رات ڪٽجي وڃي، ڀلي اسان کي هوٽلن تي ويٺل قوم قرار ڏنو وڃي، ڀلي کڻي اسان کي مزارن کي پوڄيندڙن جو لقب ڏنو وڃي، اهي سڀ شيون اکين تي آهن پر اسان کان ڪنهن به صورت ۾ معصوم ٻارن جو قتل نه ٿيندو، اسان ڪڏهن به انهن عملن جا پرچارڪ نه بڻجي سگهنداسين جنهن ۾ ٻارن جي قتل عام کي مذهبي رنگ ڏيڻ ۽ جنتن جون ٽڪيٽون ورهائڻ جو سهارو ورتو وڃي ۽ اسان انهن ملن سان به ڪنهن به صورت ۾ ها ۾ ها ملائي نه سگهنداسين، جيڪي معصوم ٻارن جي قتلام کي غلط چوڻ بدران قاتلن کي صحيح چوڻ جا حامي هجن. اسان ڀلي کڻي بک ۾ پنهنجون حيايتون وڃائي ڇڏيون، ٿر ۾ ٻار غذائي کوٽ سبب مرندا رهن پر ان باوجود اسان کي سنڌي رهڻ ئي ڏنو وڃي ته بهتر آهي، اسان جهڙا آهيون تهڙا ئي رهڻ ڏنو وڃي ته بهتر آهي ۽ ڀلي اسان کي چانهه جي ڪوپ تي وقت وڃائڻ واري قوم سڏيو وڃي پر اسان ڌتڪار جي ان نظام جو ڪڏهن به حصو نه بڻجنداسين، جنهن ۾ راتين جي ننڊ حرام هجي ۽ سماج جا سڀ رستا اسان جي لاءِ بند ٿي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *