اسان جو ڇوڪرو صادق خان: وسعت الله خان

ٻه ٽي ڏينهن اڳ برطانيا جي ڪيترن ئي هنڌن تي علائقائي اسيمبلين ۽  شهري ڪائونسلن جي چونڊ ٿي، پر پاڪستاني ميڊيا جي اک سان ڏٺو وڃي ته برطانيا ۾ صرف هڪ هنڌ ئي اليڪشن ٿي يعني لنڊن ۾ ۽ ان اليڪشن ۾ ڪنهن کٽيو؟ هڪ پاڪستاني مسلمان؟ ۽ هارايو ڪنهن؟ هڪ ارب پتي يهودي خاندان جي چشم و چراغ (هڪ چينل ته جوش ۾ عرب پتي جي پٽي هلائي ڇڏي)

پوءِ وري اهو بحث  شروع ٿيو ته صادق خاندان پنجابي آهي يا غير پنجابي- اها ڪنفيوزن ان لاءِ پکڙي ته صادق خان جو هڪ پراڻو انٽرويو جو ٽوٽو ڪنهن چينل هلائي ڇڏيو، جنهن ۾ هو پنهنجي ٽٽل ڦٽل اردو ۾ چئي رهيو آهي ته منهنجو خاندان ورهاست جي وقت ڀارت مان لڏپلاڻ ڪري پاڪستان آيو ۽ پوءِ اسان سٺ جي ڏهاڪي ۾ لنڊن ۾ اچي وياسين. منهنجا مائٽ ڪراچي ۾ به آهن ۽ فيصل آباد ۾ به رهن ٿا.

هڪ واندي صحافي سگريٽ جو ڪش هڻندي اک کُپائي چيو ته ”مان ته چوندو هئس ته پنهنجو مهاجر ٻچو آهي.“ …. ٻئي چئلينج ڪيو ته تون ڪيئن چئي سگهين ٿو؟ ڪراچي ۾ به هن جا مائٽ آهن ۽ فيصل آباد ۾ اڪثريت انهن جي آهي، جيڪي اوڀر پنجاب مان لڏي آيا هئا.

پر افسوس ته ڪالهه تائين صادق خاندان جي ڪنهن مائٽ کي فيصل آباد ۽ ڪراچي ۾ ڳولڻ جي ميڊيا کي ڪاميابي نه ملي ۽ هر چينل کي حسرت ئي رهي ته هو صادق خان جي ڪنهن ماسي جي پٽ يا نياڻي جي تلاش ڪري ”هن وقت توهان ڇا محسوس ڪري رهيا آهيو؟“ ٽائپ جهڙا سوال پڇي سينو تاڻي سگهي ته هي ايڪسليوسيو انٽرويو سڀ کان پهرين توهان تائين چنبيلي نيوز چينل پهچايو. اهو ڏسندي ۽ ٻڌندي مون کي باراڪ اوباما جي ماءُ اين ڊنهم ياد اچي وئي، جيڪا سن اسي جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه عرصو ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي مائيڪرو ڪريڊٽ ڊويزن جي اهلڪار طور تي گوجرانوالا ۾ هڪ پراجيڪٽ جي نگراني ڪندي رهي  ۽ ان عرصي ۾ اوباما به ان سان ملڻ لاءِ لاهور آيو، جڏهن اوباما صدر ٿيو ته سينٽرل پنجاب جا ڪيترائي ماڻهو وڏا خوش ٿيا ۽ چوندا رهيا ته ”اوباما پنهنجو گوجرانوالا جو ڇوڪرو آهي، شڪر الحمد الله، هاڻي ته پاڪستان جي امداد وڌندي.“

ڪالهه صبح منهنجي هڪ جوان مفتي دوست فون ڪري جڳائي ڇڏيو ”ٻڌو آهي توهان؟ صادق خان ماشاءَ الله پنج وقت نمازي ۽ تهجد گذار آهي ۽ هن حج به ڪيو آهي. آهستي آهستي لنڊن وانگر پوري اولهه اسلام جي حقانيت جو احساس ٿي ويندو ۽ اهو به ته مسلمان ڪيترا امن پسند ماڻهو آهن ۽ ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا“

مون جي جي ڪندي فون رکي ڇڏيو ۽ اها خواهش دل ۾ دٻائي ڇڏي ته مفتي صاحب کي ٻڌائي ڇڏيان ته صادق خان کي هڪ برطانوي امام مسجد ته مرتد به قرار ڏنو هو، ڇوته هن بيان ڏنو هو ته هم جنس پرستن جي مسئلن کي به انساني حقن جي آئيني ۾ ڏٺو ويندو. پنهنجي پنهنجي آئيني ۾ ڪنهن شخص کي قيد ڪرڻ ۾ نقصان اهو آهي ته وڏي تصوير نگاهه کان پري رهندي آهي. ڪاش ڪا پاڪستاني ميڊيا تي اهو بحث به کڻي سگهي ته سئو کان وڌيڪ قوميتن تي مشتمل پنجاسي لک آبادي واري بين الاقوامي وڏي نسلي، وڏي مذهبي تاريخي شهر لنڊن صادق کي 56.8 سيڪڙو ووٽن سان پنهنجو ميئر چونڊيو. جيڪڏهن مسلمان هجڻ جي ڪري کيس چونڊيو ويو آهي ته مسلمان ته لنڊن ۾ صرف ساڍا ٻارنهن سيڪڙو آهن. جيڪڏهن پاڪستان هجڻ سبب چونڊيو ويو آهي ته پاڪستاني ته لنڊن ۾ صرف پوڻا ٽي سيڪڙو آهن. هن جي مهم سمورن قوميتن گڏجي ڇو هلائي؟ اهڙو ڇا آهي ته هن کي شدت پسندي سان جوڙڻ جي سمورن ڪوششن جو ابتو اثر ٿيو ۽ صادق خان کان وڌيڪ ووٽ برطانيا ۾ اڄ تائين ڪنهن سياستدان کي ناهن مليا؟

اهي جيڪي هر وقت هر مسئلي جي جوڙين کي يهود و هندو و نصاريٰ جي تڪن ۾ تلاش ڪن ٿا، زيڪ گولڊ سمٿ جي شڪست جو ڪارڻ هاڻ پيش ڪندا؟ اُهي جيڪي چون ٿا ته اليڪشن پئسن جي راند آهي؟ هاڻ هڪ ارب پتي جي مقابلي ۾ هڪ بس ڊرائيور جي مڊل ڪلاس پٽ جي چونڊ فتح کي ڪنهن معاشي ۽ سماجي خاني ۾ فٽ ڪندا؟

ان جو مطلب اهو ٿيو ته جمهوريت جيڪڏهن هلندي رهي ته جمهوري رويا آهستي آهستي دل ۽ دماغ ۾ ويهي رهندا آهن ۽ انساني رويا نسلي، معاشي، علائقائي تعصبن کان مٿي اڀرڻ لڳن ٿا. صادق خان جي ڪاميابي پاڪستان جهڙين جمهوريتن کي هڪ وڏو چئلينج ڏنو آهي. جنهن ڏينهن ڪراچي جو ميئر ڪو سنيل شنڪر پاڪستاني هوندو، جنهن ڏينهن ڪوئي پيٽر جيڪب کلي مقابلي ۾ ڪنهن ارب پتي صنعتڪارکي هن جي ڳڙهه مان هارائيندو، سمجهي وٺو ته جمهوري سسٽم تعصبن ۽ عدم مساوات تي حاوي ٿيڻ لڳو آهي. جيستائين اهو نه ٿوٿئي، نٿو سکيو وڃي، تيستائين صادق خان کي پنهنجو ڇوڪرو چوندي خوش ٿي کوهه ۾ مطمئن رهڻ ۽ پنهنجي نظام ۽ اغيار جي تعصبن کي ٻڌڻ ۾ ڪو حرج ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *