ارڙهين آڪٽوبر : جمهوريت جي قتل جي سازش جو ڏينهن: نثار احمد کهڙو

ارڙهين آڪٽوبر وارو ڏينهن ان ڪري اڄ به تازو ڦٽ بڻيل آهي جو ان ڏينهن عوام جي اميد، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ضمانت کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪندي 175 جان نثارن کي شهيد ۽ هزارين ڪارڪنن کي زخمي ڪيو ويو هو. محترمه شهيد بينظير ڀٽو عوام جي خوشحاليءَ جي ضمانت ئي ته هئي جنهن لاءِ سڀ طاقت عوام ئي هو ان ڪري کيس پنهنجي والد ڪال ڪوٺڙيءَ مان عوام جي چيچ پڪڙائيندي چيو هو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، سو ان عوام سان نينهن جو ناتو نڀائڻ لاءِ ملير جي مارئي آمريت جا سڀئي ڪوٽ ڪيرائي آمرن سان اکيون اکين ۾ ملائيندي وطن ڏانهن وري هئي. هوءَ عوام جي هئي ۽ عوام لاءِ هئي تنهنڪري ئي ته گدڙ ڀڀڪين ۾ اچڻ بدران عوام جي وچ ۾ شهيد ٿيڻ پسند ڪيائين.

ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته ڀيڻ جي حڪومت ۾ هڪ سازش تحت رٿابنديءَ سان ڀاءُ کي شهيد ڪرائي ان جو الزام ٺهه پهه ڀيڻ جي حڪومت تي لڳايو وڃي جيڪا ان وقت جي وزيراعظم هجي پر جيڪڏهن اها مارئي آمر سان اکيون اکين ۾ ملائي سندس دڙڪي نما مشوري تي ڏيان نه ڏيندي ڏيهه واپس وري ۽ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ سري عام عوام جي وچ ۾ شهيد ڪئي وڃي ته ان قتل جو الزام وري ان وقت جي حڪمران آمر پرويزمشرف تي نه اچي يا ان آمر کي آجو قرار ڏئي کيس ڪلين چٽ (clean chit) ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان ٻٽي معيار کي ڇا چئجي؟ ڪهڙو نالو ڏجي؟. اصل ۾ 18هين آڪٽوبر تي ڪارساز جو ميدان جمهوريت ۽ آمريت ۾ ويڙهه لاءِ جنگ جو ميدان هو. ڇا ڇا نه ڪيو ويو ۽ محترمه تي ڪهڙا ڪهڙا الزام نه لڳايا ويا ۽ چيو ويو ته آمر سان ٺاهه ڪري آئي آهي، ڊيل ڪئي اٿائين، جمهوريت تي سوديبازي ڪئي اٿس پر هن جو ته عوام، سياست سان عشق ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي سياسي فڪر ۽ فلسفي سان رومانس جو معاملو هو سو ان وچ ۾ عوام ڪٿي ٿي آمرن جي ٽڪساٽن کي اچڻ ڏنو؟  محترمه ڇا آئي ته عوامي سمنڊ  اٿلي پيو ۽ ان عوامي سمنڊ محترمه جي اچڻ کان اڳ ئي سندس خلاف ، پارٽيءَ خلاف ۽ جمهوريت جي خلاف ڪيل سمورين پروپيگنڊا کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيو.

ان وقت جي آمر پرويز مشرف کي جيئن ئي محسوس ٿيو ته هن ساري پروپيگنڊا باوجود عوام جو محترمه سان، پيپلز پارٽيءَ سان ۽ ڀٽو خاندان سان ناتو ٽوڙيڻ واريون سڀئي سازشون ناڪام ٿيون ته پوءِ نت نوان ٽڪساٽ سٽيا ويا. ڇا محترمه کي تحفظ ڏيڻ ۽ گهربل سيڪيورٽي مُهيا ڪرڻ ان وقت جي حڪومت جي ذميداري نه هئي؟. محترمه بينظير ڀٽو کي جڏهن آمر پاران باور ڪرايو ويو ته تنهنجي زندگي کي خطرو آهي تون ڏيهه نه ور، هوءِ جيئن ته عوام جي هئي ۽ عوام لاءِ  هئي تنهنڪري پنهنجي وطن واپس آئي پر ڇا محترمه کي درپيش خطرن کي نظر ۾ رکندي مشرف سرڪار گهربل سيڪيورٽي مُهيا ڪرڻ جو فرض ادا ڪيو؟ هيڏي وڏي ليڊر کي سري عام قتل ڪيو ويو ۽ 24 ڪلاڪن اندر ئي جاءِ واردات کي ڌوئي صاف ڪري سمورا ثبوت ئي ختم ڪيا ويا ڇا ان جي ذميداري ان وقت جي حاڪم آمر پرويز مشرف تي ناهي؟.

مارڪ سيگل جي بيان تي بوکلاجي هٿوراڙيون هڻندڙ آمر پرويز مشرف محترم بينظير ڀٽو شهيد جي قتل ڪيس مان ڪنڌ ڪيئن ٿو ڪڍائي سگهي، اڄ جڏهن هو مارڪ سيگل جي بيان کي ڪوڙو قرار ڏئي رهيو آهي ۽ ان کي نه ٿو مڃي ته شايد وساري ويٺو آهي آهي ته 27 ڊسمبر تي سانجهيءَ جو محترمه شهيد ڪئي وئي ۽ جاءِ واردات کي ڌوئي صاف ڪرڻ جو معاملو اٿيو ته آمر پرويز مشرف معافي ورتي هئي ته کيس خبر ئي ناهي ته جاءِ واردات ڪنهن جي چوڻ تي ڌوئي صاف ڪئي وئي.

18 آڪٽوبر جو ڏينهن ان ڪري به اهم آهي جو اڄ اسان جي اڳيان مارڪ سيگل جو ويڊيو لنڪ ذريعي محترمه جي قتل جو ڪيس هلائيندڙ دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت کي ڏنل بيان اسان جي سامهون آهي، مارڪ سيگل محترمه کي ڌمڪيون ڏيندڙ قوتن ۽ جن مان کيس خطرا هيا انهن بابت سموري جا سمورا پردا چاڪ ڪري ڇڏيا آهن ٻيو ته ڇڏيو پر آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ڪنڊا ليزا رائيس پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ محترمه جي شهادت بابت جيڪي حقيقتون بيان ڪيون آهن تن کي نظر ۾ رکي هر ڪو سمجهي سگهي ٿو ته محترمه جي قتل جا پيرا ڪنهن جي گهر ۾ پون ٿا ۽ آمر پرويز مشرف هن هيڏي وڏي قتل ڪيس مان ڪنڌ نه ٿو ڪڍرائي سگهي.

مارڪ سيگل جڏهن اعلانيه طور تي دنيا سامهون چئي ٿو ته پرويز مشرف محترمه کي ڏيهه ورڻ کان روڪڻ لاءِ ڌمڪي آميز فون ڪئي ۽ آمر ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته هوءَ چونڊن کان اڳ وطن نه وري نه رڳو ايترو پر اهو به چيو هو ته محترمه جي سيڪيورٽي جو دارو مدار ساڻس يعني پرويز مشرف سان بهتر لاڳاپن تي هوندو. سو جڏهن هوءَ اهي سڀئي صلاحون رد ڪندي ڏيهه وري ٿي ته آمراڻين قوتن تي ڀارڻ بدران عوام تي ڀاڙي ٿي، عوام سان رابطو ڪري ٿي ۽ عوام وٽ وڃي ٿي ۽ ان دوران شهيد ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ سندس قتل جي سازش سٽيندڙ ۽ کيس وطن اچڻ کان روڪيندڙ آمر پرويز مشرف ڪيئن ٿو بي ڏوهي ۽ معصوم ٿي سگهي. محترمه جو قافلو جڏهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ايئرپورٽ تان مزارقائد ڏانهن روان دوان هو ته ايئرپورٽ کان روڊن تي عوام ئي عوام هو سو ايڏي وڏي عوامي موٽ آمر مشرف ۽ سندس ساٿارين جو دليون ڏاري ڇڏيون ۽ انهن محترمه جو قافلو پنهنجي جانثارن سميت منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي  ختم ڪرڻ جي جيڪا سازش سٽي وئي سا سڀني جي سامهون آهي. پرويز مشرف جي ساٿاري ارباب رحيم جنهن چيو ٿي ته اهو قافلو رات 12 وڳي کان اڳ ئي ختم ٿي ويندو ۽ منزل تي نه پهچندو ته پوءِ ان کان به پڇا ڳاڇا جي ضرورت آهي ته اهي سڀ دعوائون هن ڇو ۽ ڪنهن جي زور تي ڪيون .

هي جيئن ته ان آمر جو نمائندو هو جنهن نه ٿي چاهيو هو ته محترمه ڏيهه وري، چونڊن ۾ حصو وٺي ۽ عوام سان ملي ڇو جو کين ڊپ هو ته پيپلز پارٽي ۽ عوام هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن تنهنڪري آمر جنرل ضياءُ کان پرويز مشرف تائين جيڪا ڪوشش ڪئي وئي ۽ زور لڳايا ويا ته هن جماعت، هن جماعت جي جيالن سان ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي فڪر فلسفي سان ناتي کي ٽوڙي ۽ ختم ڪري سگهجي.

محترمه جو قتل حقيقت ۾ ان سازش جو تسلسل هو جنهن سازش ذريعي ايشيا جي عظيم ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو، آمر جي ساٿاري ان وقت جي جج آمر جو دٻاءُ برداشت نه ڪندي غلط فيصلو ڏنو جنهن جو اعتراف هن رٽائرمينٽ کانپوءِ سري عام ڪيو سو ان ۾ ڪو ابه ابهام ناهي ته ڀٽو جو قتل عدالتي قتل هو ۽ ان قتل جي سازش جو واحد مطلب ڀٽي صاحب کان پوءِ واري واري سان سندس سموري خاندان کي قتل ڪري پيپلز پارٽيءَ کي ئي پورو ڪرڻ هو ۽ آهي ته جيئن عوام جي آواز دٻائجي ۽ عوام  کي ڪمزور ڪجي ، عوام جي ڪمزور ٿيڻ جو مطلب جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ آهي. جمهور عوام ئي ته آهي ۽ ان جمهور کي زبان ۽ شعور ڏئي طاقتور اسٽيبلشمينٽ، وڏيرن، خانن ۽ نوابن خلاف اٿي بيهڻ جي جرئت پيدا ڪرڻ ئي ته ڀٽي خاندان جو اصل ڏوهه هو ۽ آهي.

چون ٿا ته پيپلز پارٽي ختم ٿي وئي ائين چوندڙ شايد انڌا ۽ ٻوڙا آهن جو کين اپر دير واري چونڊن جو نتيجو نظر نه ٿو اچي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ختم ٿي وئي آهي ته پوءِ اوڪاڙا ۾ مڪاني چونڊن دوران جيڪڏهن قتل ٿئي ٿو ته اهو پيپلز پارٽيءَ جو اميدوار ئي قتل ڪيو وڃي ٿو، سو چڱيءَ طرح سمجهي سگهجي ٿو ته اڄ به ان آمراڻي سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي هڪ خطرو ۽ اثرائتي قوت بڻيل آهي جنهن قوتن عوام کي يرغمال بڻائي ٽياس تي ٽنگي رکيو آهي ۽ مسلسل عوام جي مينڊيٽ کي چوري ڪيو آهي ۽ اڄ تائين ان عوامي مينڊيٽ کي ختم ڪرڻ جي سازش جاري آهي.

سو ڀٽي صاحب جو عدالتي قتل ۽ ان قتل جو اعتراف ۽ ان قتل تي اڳتي هلي ندامت جو اظهار ڪندڙ جج جي بيان کان پوءِ ملڪ جي اعلي عدليه جو فرض ٿئي ٿو ته اها تاريخ ۾ ڀٽي صاحب جي قتل جو لڳل ڪارو داغ ڌوئي ۽ ان جو سڀ کان وڏو سونهري موقعو اڄ يعني 18 آڪٽوبر ۽ هاڻوڪين حالتن کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ڇو جو مارڪ سيگل جو بيان هاڻي ته ظاهر آهي .

ذوالفقار علي ڀٽو جو خاندان ختم ڪيو ويو ۽ پيپلز پارٽي خلاف سازشون اڄ به جاري آهن اهائي پروپيگنڊا ته سياستدان ڪرپٽ ۽ نااهل آهن ڊليور نه ٿا ڪن وغيره وغيره. حڪومتون ته چئني صوبن ۾ ڪم ڪن ٿيون پر جيڪڏهن باهوڙ آهي  ۽ وٺ پڪڙ آهي ته اها پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ سرڪار جي خلاف آهي، نيب به هتي، ايف آءِ اي به هتي ته ٻيا سڀ ادارا به هتي لاءِ آهن پر ڇا اهي ثبوت جيڪي پنجاب جي خادم اعلي لاءِ سري عام رشوت گهرندي هڪ وزير جا  ٽي وي چئنلن تي اچي چڪا آهن جنهن باجود به انهن خلاف ته ڪا ڪاروائي نه ٿي ٿئي ۽ اڄ تائين هو پڪڙ کان آجا آهن اتي وزيراعظم جون اکيون ڇو بند آهن. ڇا احتساب صرف پيپلز پارٽي ءَ لاءِ آهي باقي سندس ڀاءُ جي حڪومت لاءِ نه آهي؟.

سو آزادي مارچ ۽ انقلابي ڌرڻي کان پوءِ ميان صاحب جا سڀئي دڳ بند ٿي ويا هيا ته ان وقت سندس دفاع ۾ آصف علي زرداري پهتو هو، پارليامينٽ ۾ پيپلز پارٽي جمهوريت سان گڏ هئي ۽ پيپلز پارٽي ئي سمورين ڌرين کي جمهوريت جي پاسي آڻي بيهاريو هو ۽ جمهوريت جو دفاغ ڪيو هو سو اڄ جمهوريت جو دفاع ڪندڙ پيپلز پارٽي کي ڪنڊ سان لڳائڻ جي سازش شروع آهي ۽ کين اها ڳالهه نه ٿي وڻي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اڃان تائين حڪومت ڇو قائم آهي؟ جيئن جنرل ضياءَ ۽ مشرف دور ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ڪنڊ سان لڳائڻ جون سازشون ٿيون تيئن اهي سازشون اڄ به جاري آهن. پيپلز پارٽي  نه ئي ڪنهن جي ڪلهن جي چڙهي سياست ۾ آئي نه ئي ڪنهن جي ٽيڪ ۽ آسري تي اقتدار ماڻيو آهي. سو 18 آڪٽوبر واري سازش هجي يا 27 ڊسمبر وارو سانحو هجي يا ڀٽي صاحب کي ڦاهي چاڙهڻ هجي يا مير مرتضي ڀٽو جو قتل هجي، پيپلز پارٽي اهي سڀئي سانحا سڀئي ڏک طاقت ۾ تبديل ڪري اڳتي وڌندي رهي آهي ۽ اڃان به وڌندي رهندي. پيلز پارٽي جيئن هڪ فڪر هڪ فلسفي هڪ سوچ ۽ ان کان به وڌيڪ عوام جو آواز آهي تنهنڪري ان جي خاتمي جا خواب ڏسندڙ پاڻ ڀيانڪ ماضيءَ بڻجي ويندا پر پيپلز پارٽي عوام ۾ سرخرو هئي، آهي ۽ رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *