اتر سنڌ ۾ ٿيندڙ رينجرز آپريشن ۽ نڪرندڙ نتيجا……!!: حسن ناز سومرو

سنڌ ۾ ختم نه ٿيندڙ دهشتگردي کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائڻ    لاءِ رينجرز جو آپريشن لازمي ٿي چڪو هو، هڪ طرف سنڌ جي اترين علائقن جنهن ۾ اوٻاڙو، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، پنو عاقل، روهڙي، سکر، ڳڙهي ياسين، رتو ديرو، نئون ديرو، لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڳڙهي خيرو، جيڪب آباد،ٺل، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جي علائقن ۾ نه فقط لاقانونيت، اقرباپروري، ڌاڙا، ڦرون ۽ اغواءُ جو وارداتون روز جون معمول بڻجي چڪيون هيون پر هتي ڌارين جي آبادڪاري سنڌي ماڻهن جو جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيو هو، هوڏانهن ٻئي طرف بين الاصوبائي دهشتگردن توڙي بين الاقوامي دهشتگردن هنن علائقن ۾ ديرو ڄمائي ڇڏيو هو جنهن جي نتيجي ۾ اتر سنڌ جي علائقن ۾ اغواءَ، ڦرن، قتل، ۽ خودڪش حملا ڪرڻ جون وارداتون عام ٿي چڪيون هيون.

سنڌ جا جيڪي حقيقي سنڌي آهن اهي امن پسند ماڻهو آهن انهن ڪڏهن به زندگي ۾ ڪنهن جو گھر اجاڙڻ يا ڪا چوري يا ڦر جي وارداتن چڱو نه سمجھيو آهي پر هنن سنڌ جي اترين علائقن ۾ بين الاصوبائي گروهن قبضا ڪري سنڌ جي حقيقي سنڌي ماڻهن کي پوئتي ڌڪي هو پاڻ اڳتي اچي سنڌي ماڻهن کي هيسائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته غير سنڌي ماڻهو جيڪي مفاد حاصل ڪرڻ وقت پهنجو پاڻ کي سنڌي ظاهر ڪري سرڪار جون سموريون مراعاتون حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته حقيقي ۽ اصل سنڌي ماڻهن لاءِ ڏاڍا مڙس تي انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ پاڻ کي سنڌ جو وارث ظاهر ڪري اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻجي سنڌين لاءِ آزار جي فضا قائم ڪئي ويئي هئي پر چوندا آهن ته قدرت ڪارساز جا ڪم ئي عجيب آهن هو دلين جا راز چڱي ريت ڄاڻي ٿو سو جڏهن فيصلا انسان جي سمجھ ۽ سوچ کا چڙهي ويندا آهن ته پوءِ قدرت پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي آهي ۽ پوءِ انهن ظالمن جا دل ۽ دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن سو اهڙي طرح سنڌ ۾ قائم اهڙي ظالمانه فضا کي ختم ڪرڻ لاءِ هتي رينجرز آپريشن جي سخت ضرورت هئي. سو اچانڪ سنڌ سرڪار پاران سنڌ ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ توصيح ڪري رينجرز کي اتر سنڌ ۾ آپريشن جي اجازت ڏيئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ رينجرز پهرين مرحلي ۾ 60 کان 70 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي پر اتر سنڌ جا ماڻهو ايترا آزاد خيال نه آهن جو هو هر ڏوهاري ماڻهو جو ڏس پتو رينجرز کي ڏيئي سگھن ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن کي اڃان به هتي رهڻو آهي ۽ سمنڊ ۾ رهي ڪري مانگر مڇ سان وير رکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، اتر سنڌ ۾ رهندڙ بين الاصوبائي ماڻهن ۾ 90 سيڪڙو ماڻهو ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن، انهن جا ڪم چوري ڪرڻ، ڌاڙا لڳرائڻ، مخبري ڪرڻ سنڌي ماڻهن کي هيسائڻ، سنڌي ماڻهن جي مال ملڪيت کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان نقصان رسائڻ، سنڌي ماڻهن کي ايترو تنگ ڪرڻ جو هو پنهنجا گھر ۽ پلاٽ ڌارين حوالي ڪري هليا وڃن، سنڌي ماڻهن جي معصوم ٻارڙن کي اغواءَ ڪري انهن کان ڀنگ جي رقم طلب ڪرڻ، بين الاصوبائي ماڻهن کي گھرائي سنڌي ماڻهن کي طرح طرح سان ذليل ڪرڻ جهڙا ڪم شامل آهن، پر جڏهن اهي ڏوهاري اهڙين سنهي سڪي وارداتن مان ڊاپجي نه سگھيا ته انهن انٽرنيشنل دهشتگردن سان رابطو رکي سنڌ ڌرتي جو سڪون ڦٽائڻ چاهيو۽ سنڌ اندر اهڙيون ڪيئي ڪهري ڪاروايون ڪري سنڌي ماڻهن کي رت سان وهنجاريون ويو.

هونئن ته ڪشمور کان جيڪب آباد تائين هڪ اڌ ايم پي اي کان علاوه سمورا ايم پي اي ۽ ايم اين اي بلوچ آهي جيڪي بين الاصوبائي ماڻهو آهن پر انهن سنڌ صوبي کي نڌڻڪو سمجھي سنڌ جو زمينون ڀڳڙن مٺ ۾  خريد ڪري اڄ هو سنڌ جا وارث سڏرائي رهيا آهن جڏهن ته اهڙن غير سنڌي ايم پي ايز يا ايم اين ايز مان حقيقي سنڌي ماڻهن کي ڪوبه چڱائي جي اميد ڪونه آهي، هاڻي ته ڪلور اهو ڪيو پيو وڃي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي پٽي  سان رهندڙ سمورن ڌارين جا سنڌ جا شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن ته جيئن وقت سر اسان کي سنڌي ماڻهن جي ووٽ جي به ضرورت نه پوي.  سو اهي بين الاصوبائي ماڻهو جيڪي نه فقط ڏوهاري قسم يا ماڻهو آهن پر انهن تي ڪيترن ئي ٿاڻن تي ڪيس به داخل آهن پر پوءِ به هو سياسي زور تي اسان جي مٿان مسلط ٿي چڪا آهن.

سنڌ اندر دهشتگردي جي وڌندڙ لهر ۾ به سنڌ اندر رهندڙ غير سنڌي ماڻهن جو وڏو هٿ آهي اسان کي ڪڏهن مسلماني جي چڪر ۾ ته ڪڏهن اسلان جي آڙ ۾ بيوقوف ٺاهي اسان جا ڀاءُ بڻجي ويندا آهن ۽ پوءِ اسان جي ئي وچ ۾ رهي اسان کي ئي ڏنگڻ شروع ڪندا آهن پر اها خبر اسان کي ڏاڍي دير سان پوندي آهي.   هن وقت به سنڌ جي اترين علائقن ۾ دهشتگردن جو وڏو ڄار وڇايل آهي جيڪي اسان وٽ اسلام جي آڙ ۾ اسان جي مسجدن ۽ مدرسن جي بهاني اسان جي وچ ۾ رهي رهيا آهن، اسين سنڌي ماڻهو جيڪي مذهب سان جنونيت واري حد تائين پيار ڪريون ٿا پر اهي دهشتگرد جيڪي اسان جي انهيءَ ڪمزوري مان فائدو وٺي اسان جي ئي ملڪ ۾ اسان جي قوم کي رت سان وهنجاري ڇڏيندا آهن پر اسين سنڌي ماڻهو اهو سڀ ڪجھ پنهنجي اکين سان ڏسندي به خاموش رهندا هيون.

سنڌ جي اترين علائقن ۾ جهڙوڪ شڪارپور ۽ خانپور جتي دهشتگرد پنهنجون قهري ڪاروايون ڪري چڪا آهن انهن جي سهولتڪارن جي جڏهن خبر پئي ته اهي سهولتڪار سنڌ جا ئي ماڻهو هئا پر هو سنڌي نه هئا پر سنڌ ۾ صدين کان رهندڙ آهن پر هنن سنڌ سان نمڪ حرامي ڪندي سنڌ جي ڪونڌرن کي بم ڌماڪن سان ڪهائي ڇڏيو، جڏهن ته انهن مان ڪجھ کي پڪڙيو ويو آهي ته ڪجھ فرار ٿي بلوچستان هليا ويا آهن پر اسين ته اهو چوندا سين ته ٺيڪ آهي دهشتگردي جي واقعي ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ ڏوهاري فرار ٿي ويا آهن پر جڏهن ته اڃان کوڙ سارا اهڙا دهشتگرد جيڪي سنڌ جي اترين علائقن ۾ ملن ۽ نام و نهاد مدرسن جي آڙ ۾ پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا آهن، اڄ کان هڪ سال اڳ ۾ لکي غلام شاه ۾ پڻ  هڪ دهشتگرد تنظيم داعش جا نعرا ديوارن تي لکيا ويا هئا جڏهن ته ان کان اڳ ضلعي جيڪب آباد جي شهر ٺل ۾ پڻ داعش جا نعرا لکيا ويا هئا جڏهن ته ٺل شهر ۾ هن وقت تائين ڪوبه دهشتگردي جو واقعو ته پيش ڪونه آهي پر هن شهر ۾ دهشتگردن جا پيرا ضورور آيل آهن جيڪي مختلف مدرسن ۽ ملن جي روپ ۾ هتي لڪل آهن ۽ اسين سنڌي اٻوجھ ماڻهو انهن دهشتگردن جون ڏاڙهيون ڏسي متاثر ٿيندا آهيون ۽ پوءِ اسلام جي نالي تي اسان کي بي وقوف ٺاهي اسان مان ناجائز فائدا حاصل ڪري وٺندا آهن.

ضلعو جيڪب آباد ۽ ضلعو ڪشمور سنڌ جا اهي آخري ضلعا آهن جيڪي پنجاب ۽ بلوچستان جي بارڊرن سان ڳنڍيل آهن ۽ دهشتگرد به انهن شهرن جو فائدو وٺي سنڌ ۾ داخل ٿيندا آهن  ۽ پوءِ اهي سنڌ ۾ داخل ٿي پنهنجن پليت ارادن ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن.

اڄڪله سنڌ جي هنن علائقن ۾ مدرسن ٺاهڻ جو رجحان تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ انهن مدرسن ۾ ايڊ ڪٿان اچي ٿي ان باري ۾ ڪا ڄاڻ ناهين پر ايترو ضرور چونداسين ته سنڌ ۾ رهندڙ دهشتگرن جا سهولتڪار ماڻهو جيڪي اڪثر ڪچن گھرن ۾ ئي رهندا آهن پر سندن ٺاهيل مدرسا ماربل ۽  ٽائيلس جا آهن آخر ايترو پئسو ڪٿان اچي ٿو…؟؟

اتر سنڌ جا اهي علائقا هميشه چورن ۽ ڌاڙيلن جي آماجگاه رهيا آهن ۽ هتي هر ٿيندڙ ڏوه  جي سرپرستي ڪير ڪندو هو ۽ ڪير ڪري رهيو آهي ان باري ۾ اسان کي ڪجھ ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي ڇاڪاڻ ته ڪجھ ڪم رينجرز به ڪرڻ ڏنو وڃي…..!!

سنڌ جي هنن علائقن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي اغواءَ ڪيو وڃي ٿو ته فقط سنڌي ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو جيڪڏهن ڪنهن جا ٻار اغواءَ ڪيا وڃن ٿا ته فقط سنڌي ماڻهن جا ٻچا کنيا وڃن ٿا…..! جيڪڏهن ڪوڙن قيسن ۾ ڪنهن کي ڦاسايو وڃي ٿو ته فقط  سنڌي ماڻهن کي ڦاسايو وڃي ٿو، مطلب ته هتي ڌارين باه ٻاري ڇڏي ۽ سنڌي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، سو اهي ٿيندڙ مسئلا روزانو جي بنياد تي ٿيندا هئا ۽ سنڌي ماڻهن انهن جا عادي ٿي چڪا هئا پر هاڻي ظلم جي انتها ته اها آهي ته پهريان سنڌي ماڻهن کي هڪ هڪ ڪري ماريو ويندو هو پر هاڻي ته ڌارين ماڻهن دهشتگردن سان رابطو رکي سنڌ سوين سنڌي ماڻهن کي هڪ بم سان اڏايو پيو وڃي سو اسين ان باري ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جناب راحيل شريف کي گذارش ڪنداسين ته هو اتر سنڌ جي ضلعن ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ تمام هڪ وڏي آپريشن ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته سنڌ ۾ پير ڄمائيندڙ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪاري ڪندڙن ڏوهاري ۽ ڌاڙيلن ۽ چورن جي سرپرستي ڪندڙ ۽ ڪيٽيون ٺاهيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪري سنڌ ڌرتي کي هڪ ڀيرو ٻيهر امن ۽ سک جو مسڪن بڻايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *