آمريڪي واپسي ۽ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ؛؟مشتاق گبول

نائن اليون واري واقعي کانپوءِ دنيا دهشتگردي جي خوف ۾ وٺجي وئي هئي ۽ سموري دنيا جي ماڻهن ۾ عدم تحفظ جو احساس گهر ڪري ويو هو. يعني نائن اليون کانپوءِ دنيا سلامتي کان دهشتگردي ڏانهن مُڙي هُئي ۽ امن جي احساس سان ڌڙڪندڙ دليون، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خوف وچان ڌڙڪن لڳيون هيون. ايتري قدر جو دنيا جي فيل مست مُلڪ آمريڪا جڏهن پنهنجي سلامتي کي غير محفوظ سمجهيو، تڏهن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف اعلان جنگ ڪري ويٺو.

طالبان پاران نائن اليون واري واقعي سان ”دهشتگردي جي ٽريلر“ جاري ڪري ڪئي وئي هئي ۽ انهي ٽريلر کانپوءِ سموري دنيا ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي سگهه ملي هُئي، اُن جون جَڙون پاڪستان ۽ افغانستان ۾ به پکڙجي ويون هيون. پاڪستان ۾ ته جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ جيڪا دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي فلم جاري ڪئي وئي هئي، اُها اڃا تائين جاري آهي. انهي فلم جون ڪڙيون نائن اليون واري جاري ڪيل ”دهشتگردي جي ٽريلر“ سان ملن ٿيون. مشرف جي دؤر ۾ دهشتگردن جي منظم ۽ مضبوط ٿيڻ بابت، اُنهن جي دهشتگرد ڪارروائين مان اندازو ڪيو پئي ويو.

پاڪستان ۾ مسجدن، امام بارگاهن، شهرن، بزارن ۽ مذهبي اجتماعن ۾ خودڪش حملن جي ابتدا ٿي چُڪي هئي. دهشتگردي جي اُها لهر، جيڪا آمريڪا ۾ اُٿي هئي، اها پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان پاڪستان ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي، نه رڳو خودڪش حملن، بلڪه هر قسم جي دهشتگرد ڪاررواين جي ابتدا ٿي چُڪي هئي ۽ پاڙيسري مُلڪ افغانستان ۾ جڏهن ڪامريڊ نجيب جي حڪومت هئي، تڏهن طالبانن ان تي حملو ڪري، افغانستان جون واڳون پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکيون هيون ۽ ڪامريڊ نجيب جي لاش کي چوڪ تي ٽنگڻ ۽ اُن جي لاش جي بي حُرمتي ڪرڻ وارين ڪاررواين کي ڏسندي 13 سال اڳ نيٽو فوج آمريڪي قيادت ۾ دهشتگردي خلاف منظم جنگ وڙهڻ لاءِ افغانستان جو رُخ ڪيو. انهي حوالي سان نيٽو جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان جي چارٽر ۾ موجود آرٽيڪل 5 جو اطلاق ٿيو، جنهن جي مطابق هڪ ميمبر مُلڪ تي حملو، سمورن مُلڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو. ان سان گڏوگڏ افغانستان جي درخواست تي اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ڪابل ۽ ان جي اوسي پاسي جي حفاظت جي لاءِ ڊسمبر 2001ع ۾ ايساف مشن قائم ڪيو، جنهن جي ڪمانڊ اپريل 2003ع ۾ نيٽو جي حوالي ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، انهي سال آگسٽ ۾ نيٽو ايساف جي ڪمانڊ سنڀالي هُئي. ڏٺو وڃي ته اِهو پهريون موقعو هو، جو نيٽو نارٿ اٽلانٽڪ ايريا کان ٻاهر ڪنهن مشن جي ڪمانڊ سنڀالي هُئي. ان سلسلي ۾ اڳتي هلي ڪري آڪٽوبر 2003ع ۾ اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ايساف جو دائرو ڪابل کان وڌائي پوري افغانستان ۾ ڦهلائي ڇڏيو هو.

افغانستان جي انهي جنگ ۾ مختلف 50 ملڪن جا هڪ لک 30 هزار فوجين حصو ورتو، جن مان 3 هزار 485 مارجي ويا، جڏهن ته 18 کان 20 هزار افغان شهري مختلف حملن ۾ پڻ ماريا ويا.

نيٽو 2012ع ۾ شڪاگو ۾ افغانستان ۾ جاري جنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڊسمبر 2014ع جي آخر تائين افغانستان مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي نيٽو فوج جي وڃڻ کانپوءِ سيڪيورٽي جي ڪمانڊ افغان فوجين سنڀالي آهي.

افغان جنگ جي حوالي سان نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينس سٽولن برگ جو چوڻ هو ته اِهو هڪ اهم ۽ چئلينج مشن هو، پر اُهو پنهنجي پُڄاڻي تي پهتو آهي. اهو ئي ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو ڪرڻ پئي چاهيوسين. نيٽو بين الاقوامي دهشتگردن جي لاءِ زمين تي موجود پناهگاهن کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي افغانستان هڪ مضبوط مُلڪ بڻجي چُڪو آهي، پر اهي صرف نيٽو فوج جون دعوائون آهن، حقيقت اُن جي بلڪل اُبتڙ آهي.

صدر اوباما به انهي مشن جي خاتمي تي پنهنجي بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي ته افغانستان اڃا تائين هڪ ”خطرناڪ“ مُلڪ آهي. 13 سال دهشتگردي جي خلاف وڙهڻ جي باوجود افغانستان ۾ امن قائم ناهي ٿي سگهيو. اڃان تائين طالبان مُلڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ موجود آهن ۽ اُنهن جي ڪاررواين ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي آئي آهي، ايتري تائين جو پاڪستان ۾ 16 ڊسمبر ٿي ٿيندڙ پشاور سانحي جون ڪڙيون به افغانستان ۾ موجود دهشتگردن سان وڃي ملن ٿيون. حالتن جو اهڙي نموني خراب ٿيڻ سان پاڪستان تي به اُن جو اثر پيو آهي. ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال اهڙي نموني مضبوط ۽ مستحڪم ناهي، جهڙي نموني هُجڻ گهرجي. موجوده وقت ۾ جڏهن اسڪول ۽ معصوم ٻارڙا دهشتگردن جو نشانو بڻيا هُجن، تڏهن پوري قوم حالتِ جنگ واري اضطرابي ڪيفيت ۾ ورتل آهي.حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف اها جنگ پاڪستان ۽ افغانستان جي گڏيل جنگ بڻجي چڪي آهي، انهي لاءِ هاڻي ٻنهي کي ملي ڪري انهي ناسور جو خاتمو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي جنگ پاڻ وڙهڻي پوندي.

موجوده صورتحال ۾ ٻنهي مُلڪن جو هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ، ٻنهي مُلڪن جي مجبوري بڻجي چُڪي آهي. جيتوڻيڪ پشاور سانحي کانپوءِ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي افغان ياترا کانپوءِ ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ اعتماد جي فضا ڪنهن حد تائين بحال ٿي آهي. ايتري حد تائين جو ٻنهي مُلڪن هڪٻئي سان اهو واعدو ڪيو آهي ته اُهي پنهنجي سرزمين هڪٻئي جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا. افغانستان چوندو ۽ الزام هڻندو رهيو آهي ته پاڪستان، افغانستان طالبان جي مڪمل پُٺڀرائي ڪري رهيو آهي ۽ انهن کي اسلحي ۽ پئسي سان گڏوگڏ محفوظ پناهگاهون به فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري افغان فوج کي اُنهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪمزور سمجهيو پيو وڃي.

هاڻي جڏهن نيٽو فوج جي افغانستان مان واپسي ٿي آهي، تڏهن اهو سوال ٿو ڪيو وڃي ته طالبانن کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ افغان فوج ڪيتري قدر مضبوط آهي ۽ اُنهن جو ڪيتري قدر مقابلو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي ۽ انهي جنگ ۾ ڪيتري قدر ڪاميابي ماڻيندي؟ افغان فوج جي ڪاميابي جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ امن جو خواب ساڀيان بڻجي سگهي ٿو. ڇو ته افغان فوج جي ڪامياب ٿيڻ سان ۽ ٻنهي مُلڪن جو هڪٻئي سان ساٿ ۽ سهڪار ڪرڻ جي بدولت پاڪستان کي دهشتگرد ۽ انتهاپسند گروهن جي دخل اندازي ۽ دهشتگرد ڪاررواين کان نجات ملي سگهي ٿي. تنهن ڪري ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ تعلقات مضبوط ٿيڻ گهرجن ۽ موجوده وقت ۾ انهن تعلقاتن ۾ بهتري پڻ اچڻ گهرجي.موجوده صورتحال ٻُڌائي رهي آهي ته افغانستان جي نئين حڪومت سيڪيورٽي جي مسئلن تي قابو پائڻ جي حوالي سان انتهائي سنجيده ۽ مثبت قدم کڻي رهي آهي. اڃان به افغانستان کي پنهنجي داخلي مضبوطي ڏانهن توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ افغانستان ۾ موجوده پاڪستان کي گهربل دهشتگردن جي خاتمي جي حوالي سان به مؤثر ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. ڇو ته هڪ مضبوط ۽ مستحڪم افغانستان سان دهشتگردي جي خاتمي ۾ يقيناً مدد ملندي، انهيءَ سان پاڪستان پڻ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندو، دهشتگرد گروهه جيڪي موجوده وقت ۾ بظاهر طاقتور نظر اچي رهيا آهن، اُهي پڻ ڪمزور ٿيندا ۽ انهن جي ڪمزور ٿيڻ جي صورت ۾ انهن جو خاتمو ڪرڻ يقيني بڻجي سگهندو، جنهن سان اڳتي هلي ڪري پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن جو خواب شرمنده تعبير ٿي سگهي ٿو.**********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *