آف شور ڪمپنين ۾ جڪڙيل پاڪستانين لاءِ نجات جو دڳ ڪهڙو آهي!؟: نسيم بخاري

پاناما ليڪس ۾ پت وائکي ٿيڻ کانپوءِ هونئن ته نشاني تي آيل اڍائي سؤ (250) پاڪستانين ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي آهي، پر ان معاملي جو سڀ کان گهڻو اثر (ن) ليگ تي ٿيو آهي، جيڪا ردعمل ۾ به تمام پويان رڪارڊ ٽوڙي وئي آهي. حڪومت پاران انڪوائري ڪميشن جي حوالن کانپوءِ جنهن شخص جي اڳواڻي ۾ ان جي جوڙڻ جا بيان اچي ويا آهن، ان رٽائرڊ جسٽس سرمد جلال عثماني تي مخالف ڌر کي سخت اعتراض آهن، جنهن جو چوڻ آهي ته سرمد عثماني جي گهرواري جا (ن) ليگ سان ويجهڙائيءَ وارا واسطا آهن، ان ڪري ان جو مڙس اڻ ڌريو رهي نه سگهندو. سرڪار انڪوائري ڪميشن واري معاملي تي لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تاثر ته ڏئي رهي آهي، پر ان ڏس ۾ جنهن اطمينان جوڳي تحرڪ جي ضرورت آهي سو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. مخالف ڌر جو مطالبو آهي ته حزب اختلاف مان انڪوائري ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي. اهو مطالبو به درست نه ٿو لڳي، ڇو ته جيڪڏهن مخالف ڌر جو ماڻهو انڪوائري ڪميشن جو اڳواڻ هوندو ته ظاهر آهي ان جي ايجنڊا به حزب اختلاف واري هوندي. هونئن اسان وٽ هاڻ مخالف ڌر رڳو فارملٽي جي حد تائين مخالف ڌر هوندي آهي، باقي حال مڙئي ان جا به پورا هوندا آهن جو حڪمران پارٽي سان ساز باز ڪري مڙئي وقت کي پئي ڌڪو ڏيندي آهي. ان ڪري حزب اختلاف مان ڪنهن ٻوٽي ٻارڻ جي حوالي سان وڏي جدوجهد يا احتجاج جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي.

تحريڪ انصاف ان حوالي سان ڏهن ئي آڱرين جا زور لڳائيندي ته شريف خاندان جو گهيرو تنگ ڪجي ۽ ان کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف ان حوالي سان اڳ به ڌرڻا هڻي چڪي آهي، پر اها پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي آهي. هاڻ به پراڻي خواب جي ساڀيان لاءِ هو نتِ نين حڪمت عملين سان اڳيان اچي رهي آهي، ڏسڻو اهو آهي ته وقت ۽ حالتون کيس ڪهڙي موٽ ڏين ٿا.

ميان نواز شريف به چيڪ اپ کانپوءِ صحتياب ٿي وطن ڏانهن وريو آهي. هن قوم جا ٿورا مڃيا آهن. الله جو شڪر ادا ڪيو آهي، پر ميان صاحب کي اهو ڪير سمجهائي ته قوم کي سندس صحت جي حوالي سان ڪابه اڻ تڻ نه هئي، قوم هن جي لاءِ ڪنهن ڳڻتي ۾ ڪونه ورتل هئي. سچ ته اهو آهي ته قوم هن سان ڪاوڙيل آهي، ڇو ته هن کي پاناما ليڪس پاران پنهنجي خاندان جي پَتِ وائکي ٿيڻ کانپوءِ اهڙن معاملن جي روڪٿام ۽ انهن جو توازن قائم ڪرڻ لاءِ باقاعده هڪ قانون سازيءَ واري مهم شروع ڪرڻ کپندي هئي، جيڪا ان سڄي ڀونچال جو تَتُ آڏو آڻي ها، اها کوج لڳائي ها ۽ معاملي کي توڙ تائين پهچائي ها.

جيئن ان ڏس ۾ سڀ کان پهرين شروعات فرانس ڪئي آهي، فرانس قانون سازي ڪري به ڇڏي آهي، جنهن ۾ هاڻ آف شور ڪمپنين جي مالڪن کي 7 سال قيد ۽ 15 لک يورو ڏنڊ ڏيڻو پوندو. جرمني، برطانيه، نيوزيلينڊ ۽ اسپين ۾ به قانون سازي ٿي رهي آهي، پر پاڪستان ۾ گذريل پندرنهن ويهن ڏينهن کان رڳو لٻاڙون لڳي رهيون آهن. اهو پاڪستان جنهن ۾ ڏهاڪو سال اڳ آف شوز ڪمپنين جي فرم جي فرمائش تي شوڪت عزيز، وزيراعظم مقرر ٿيو، ڏسندي ئي ڏسندي سرمائيڪاري به وڌي، خوشحاليءَ جون خبرون به اچڻ لڳيون ۽ پوءِ وري جڏهن آف شور ڪمپنين واري فرم اکيون ڦيري ڇڏيون ته وزيراعظم به هليو ويو ته سرمائيدار به هليا ويا. پاڪستان آف شور ڪمپنين ۽ انهن کي هلائيندڙ فرمن ۾ باقاعده يرغمال ٿي چڪو آهي، جڪڙجي چڪو آهي، اهي آف شور ڪمپنيون ۽ انهن کي هلائيندڙ فرمن جا ئي پئسا هئا، جن افغانستان ۾ جنگ جي لاءِ پاڪستان تي ڊالرن جا مينهن وسايا ۽ ان کانپوءِ يا ان کان اڳ ۾ اهڙن معاملن ۾ اهڙي سيڙپڪاري جا پاڻ وٽ ڪيترائي انيڪ مثال موجود آهن. ميان نواز شريف ۽ ان جي اولاد هن وقت جنهن ڏچي ۾ آهي، اهو ڏچو ٻين سان گڏوگڏ هنن خود پاڻ به پيدا ڪيو آهي. ڇو ته هنن جي بيانن ۾ وڏا تضاد نظر اچي رهيا آهن. ميان نواز شريف جي پٽ حَسن نواز جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۾ هن پنهنجي ڪاروبار کي ختم ڪري يا اتي موجود پنهنجي فيڪٽري وڪڻي لنڊن ۾ فليٽ ورتا، پر حقيقت اها آهي ته پارڪ لينڊ فليٽس 94-1993ع ۾ خريد ڪيا ويا هئا. جيڪڏهن ته حسين نواز 2006ع ۾ پنهنجي رقم جدي مان لنڊن ٽرانسفر ڪئي هئي ته پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ٻارنهن سال اڳ خريد ڪيل فليٽن واري رقم ڪٿان آئي؟ ۽ جيڪڏهن اهي فليٽ سندس ئي هئا ته 2006ع ۾ ڪنهن جي لاءِ آف شور ڪمپنيون بڻايون ويون.

ميان نواز شريف جي خاندان جو تاريخي جائزو اهو ٻڌائي ٿو ته سندن وڏن وقت جي ڪهڙين بي رحمين کي برداشت ڪيو آهي. غربت جي ڪهڙي گهاڻي ۾ ڪيئن پيڙهيا آهن. سندس ڏاڏو حڪيم رمضان ڪيئن لاهور ۾ ريلوي روڊ تي لوهه جو ڪاروبار ڪندو هو، ڪيئن اها ساڳئي ڪرت ميان صاحب جي بابا کي به اختيار ڪرڻي پئي، ڪيئن هن کي اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ غربت سبب فيس معاف ڪرائڻ لاءِ جتن ڪرڻا پيا ۽ هو پنهنجي اسڪول جو پهريون شاگرد هوندو هو، جنهن کي مزدوري ڪرڻ سبب استادن هوم ورڪ کان آجو قرار ڏنو هو، تيئن هن اوڌر تي هڪ مسواڙي بٺي خريد ڪئي ۽ ڪهڙن ڏکن ڏوجهرن سان ان کي اڳتي وڌايو، ان کان اڳ هن کي غربت سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي، هن حاجي دين محمد جي فيڪٽري تي چوڏهن آنا پگهار تي منشي گيري به ڪئي. هن 1937ع ۾ ڀائرن سان گڏجي حاجي فيروز کان 360 روپين ۾ بٺي خريد ڪئي ۽ 13 روپيه مسواڙ تي هڪ احاطو ورتو ۽ 500 روپيه قرض کڻي اتفاق فائونڊري جو بنياد وڌو. شريف ڀائرن جي بابا کي ماڻهو ميان چوڻ لڳا، جنهن کانپوءِ ان سڄي خاندان ۾ ميان جو لقب ضروري ٿي ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، ان خاندان جي فردن پڪ سان محنت ڪئي هوندي. ڪي ايماندار پورهيت به هوندا، پر اهو سڄو سلسلو جيڪڏهن شخصي جاکوڙ ۽ جدوجهد جو نتيجو هو ته ان کي آف شور ڪمپنين ۾ پناهه وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. ٽيڪس بچائڻ لاءِ ۽ پنهنجي ناجائز ڪمائي کي جائز بڻائڻ لاءِ ڪي اصول پرست ۽ ايماندار ماڻهو تحرڪ نه وٺندا آهن. پڪ سان اهو ڪم اُهي ماڻهو ڪندا آهن، جن جو پئسو محنت سان ڪمايل ناهي هوندو ۽ هاڻ اها ڳالهه ڪا لڪيل ڍڪيل نه رهي آهي. پاناما ليڪس شريف خاندان کي اهڙي قطار ۾ بيهاري ڇڏيو آهي.

”موزيڪ فانسيڪا اينڊڪو“ جا دنيا ۾ 50 کان وڌيڪ دفتر آهن، جنهن جا 500 کان وڌيڪ مستقل، وڏي ساک پت رکندڙ وڪيل آهن. هاڻي انهن جي ڪلائينٽن ۽ شيئر هولڊرز ۾ منشيات فروش، اسمگلر ۽ مافيائون ئي ناهن، پر دنيا جهان جا سياستدان حڪمران، صحافي، بيورو ڪريٽس، جج، جرنيل ۽ ميڊيا هائوسز جا مالڪان به شام ٿي ويا آهن، جيڪي هڪ مخصوص هنڌ تي گڏجي ڪري هڪٻئي سان ملي وڃن ٿا ۽ هڪٻئي جي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا.

مٿئين فرم هلي رهي هئي، اوچتو هن جي گذريل سال ڊيٽا چوري ٿي وئي. ڪمپني جي مين سرور کان هڪ ڪروڙ پنجاهه لک ڪاغذات نڪتا، جيڪي جرمني جي شهر ميونخ مان شايع ٿيندڙ اخبار زيتوشي زائتونگ پهتا، جنهن سڄي معاملي کي دنيا جي 76 ملڪن جي تحقيقي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي سان ونڊيو ورڇيو. باقاعده ڪيٽيگري وائيز لسٽون ٺاهيون ويون، جنهن کانپوءِ عالمي سطح تي انڪشافن جو هڪ اهڙو ڀونچال آيو، جنهن دنيا جي مشهور ۽ بااثر ماڻهن جي ڀنڀور کي باهه لڳائي ڇڏي. باهه به اهڙي جنهن جا ڀڀڙ وسامڻ جو ارادو ئي نه ٿا رکن، وڌندا ئي پيا وڃن ۽ پنهنجي تاءَ سان گهڻن کي ساڙي رک ڪري رهيا آهن، جن جي لپيٽ ۾ شريف خاندان به اچي ويو آهي. ميان نواز شريف جي ٻن پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز ۽ ڌيءُ مريم نواز سان گڏوگڏ پنجاب جي وزيراعليٰ شهباز شريف جي گهرواري تهمينه دراني ۽ ڀيڻيوي توڙي حمزه شريف جا نالا به اچي وڃن ٿا.

شريف خاندان پاناما ليڪس واري معاملي تي هوش کان ڪم وٺي ها ته اڄ اهڙي ٻائيتال ۾ نه هجي ها. هنن جوش کان ڪم ورتو، جذباتي ٿي ويا، ان ڪري ردعمل به اوترو ئي شيد آڏو آيو. هو جيڪڏهن ٿڌي دل دماغ سان پنهنجين غلطين جي اعترافن سان گڏ جڳ جهان آڏو اچن ها ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري کي پاڪستان ۾ کڻي اچي سرمائيڪاري ڪرڻ وارا اعلان ڪن ها، گڏوگڏ پاناما ليڪس کانپوءِ معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي اچي اتي انهن جي رستا روڪ لاءِ قانون سازيءَ وارو خيال به عملي طور تي آڏو آڻن ها ته تيزيءَ سان ڪرندڙ سندن ساک وري شهرتن جي شاهرائن تي ڊوڙڻ شروع ڪري ها ۽ هنن جي وڌندڙ مقبوليت ۽ قبوليل سچ کي سامهون رکندي ٻين به ڪيترن اناپرست انسانن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وڃي ها، اهي به سماجي ۽ اخلاقي دٻاءُ ۾ اچي ٻاهر لڳايل سرمائي کي پاڪستان کڻي اچي سيڙپ ڪرڻ جا سانباهه ڪن ها. پر اهو ان ڪري نه ٿي سگهيو جو شريف خاندان پنهنجي هٺ ۽ هوڏ تان نه لٿو ۽ اڃا تائين به هو پنهنجي زد تي برقرار آهي. جيڪڏهن اها ئي روش رهي ته ٿي سگهي ٿو ته اهڙين حڪمت عملين جي نتيجي ۾ هنن کان اهڙيون غلطيون ٿين جو کين اقتدار تان هٿ کڻڻا پئجي نه وڃن.

naseembukhari44@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *