آصف علي زرداري جي معنيٰ خيز تقرير: ڊاڪٽر ايوب شيخ

پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرپرسن آصف علي زرداري گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ( پارٽي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري) جي موجودگي ۾ جيڪا تقرير ڪئي آهي، ان جا ڪهڙا ڪهڙا رخ آهن، ڪهڙا ڪهڙا پاسا آهن، ان تقرير ۾ ڪنهن جي لاءِ ڪيترا خطرا موجود آهن ۽ خود پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ ڪهڙا خطرا ٿي سگهن ٿا يا انهن کي ڪهڙا فائدا پهچي سگهن ٿا ۽ ملڪ جي سراسري سياست تي ڪهڙا اثر پوندا، جهڙا خيال پيدا ٿيا آهن. پر سڀ کان اهم ۽ وڏو تاثر اهو پيدا ٿيو آهي ته، ڄڻ ته آصف علي زرداري جي اها تقرير سنڌ ۾ ”ڪرپشن“ خلاف ڪاررواين توڙي اها ڪارروائي ڪندڙ ”فوجي جنرلن“ جي خلاف آهي. اها ڳالهه ميڊيا ۽ خاص ڪري ٽي وي چينلن سندس تقرير جي جملن کي هيٺ مٿي ڪري، رڳو ان جي ظاهري اثر کي پيش ڪيو آهي. جي ان تقرير کي غور سان ٻڌجي ته هن جي تقرير ۾ اها ڳالهه به موجود آهي ته ” هيءَ فوج اسان جي آهي، اسان ان سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي گڏ هلڻ چاهيون ٿا“. پر اها ڳالهه سولائي سان چئي سگهجي ٿي ته سندس هيءَ تقرير ڪا عام ۽ تڪڙ ۾ سمجهه ۾ اچڻ واري تقرير ناهي. هيءَ سياسي طور آصف علي زرداري جي ڄڻ ته مسلسل ماٺ ٽوڙڻ واري تقرير آهي. ڄڻ ته پارٽيءَ جي ٿيل تمام وڏي نقصان کان پوءِ پنهنجا ٽپڙ سنڀالڻ جي تقرير آهي.  پر، اها تقرير ڪرڻ جي کيس ڪا ته گهرج محسوس ٿي هوندي. ان ”ضرورت“ جي ڳولا جي گهرج آهي. انصاف به اهو آهي ته سندس سڄي تقرير ٻڌي وڃي ۽ ان جي سمورين ڳالهين جو سراسري تاثر ۽ سندس اصلي ”ضرورت“ جي باري ۾ ڳولا ڪئي وڃي.

سنڌ ۾ ڪرپشن جي باري ۾ اهم ڳالهيون:

سنڌ صوبو پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي، جنهن جي ”ڪرپشن“ جا هوش اڏائيندڙ يا ”هوشربا“ تفصيل اچي رهيا آهن، ڪڏهن خبرون پيون اچن، ڪڏهن نالا پيا اچن، ڪڏهن لسٽون پيون اچن ته ڪڏهن وري ترديدون پيون اچن. اصل سچائي هي آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن آهي. سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جون خبرون عام آهن. ان ۾ مختلف کاتن جا ڪيئي آفيسر ۽ لاڳاپيل ذميدار شامل آهن، جن ۾ مبينه طور ڪجهه وزير به اچي وڃن ٿا. پر پروپئگنڊا رڳو ”سنڌ“ خلاف ڇو؟. ان جو هڪ سبب اهو آهي ته ”سنڌ” ۾ ڪرپشن ته آهي. ٻيو سبب اهو آهي ته ”ڪرپشن“ کي ٽارگيٽ ڪري هڪ پاسي ميان نواز سرڪار جي ”ڪرپشن“ کي ڍڪُ ڏنو ويو آهي، ٻيو ته ٽن صوبن ۾ اهڙي ڪابه ڪارروائي ان نموني ڪانهي.

سنڌ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان سمورا تير پ پ پ  جي قيادت ۽ ان جي فيمليءَ تي وسايا وڃن ٿا. ان هڪطرفي تيراندازي جي ڪري سنڌ ۾ ٻيا جيڪي به ڪرپٽ عنصر آهن، سي لڪايا ويا آهن، انهن تي ڄڻ ته هڪ ڍڪُ ڏنل آهي.

تازو نئب جي مرڪزي اجلاس کان پوءِ، پريس رليز جاري ڪيو هيو ته، ”اسان اسلم رئيساڻي، پير مظهر الحق ۽ علي مردان شاهه خلاف ڪارروائي ڪنداسين “ ان پريس بيان مان اها ڳالهه سونگهي سگهجي ٿي ته ”نئب“ ڪارروائي لاءِ پنهنجو موڊ ٺاهي ڇڏيو آهي. ڪالهه ساڳي اداري نئب جي اڳوڻن ٽن سربراهن جي بي لغام ڪرپشن ڪرڻ تي پڻ ڪارروائي جو فيصلو ۽ اعلان ڪيو آهي.

ٻه هفتا اڳ، سنڌ جي هڪ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻئي کاتي جي ائڊيشنل سيڪريٽري کي نئب پاران گرفتار ڪيو ويو. سنڌ جي آفيسرن سمجهيو هيو ته سياسي قيادت سندن مدد لاءِ اڳيان ايندي، پر اهي ان نموني اڳيان نه اچي سگهيا ڇوته، سنڌ ۾ به پنجاب وارو رواج پئجي ويو آهي ”سانون ڪي“! جنهن ڪري، آفيسرن ۾ سرڪار خلاف هڪ بي دلي ۽ بددلي پيدا ٿي آهي. هڪڙو ڊڄ وارو ماحول پيدا ٿيو آهي.

ڪرپشن جي باري ۾ اوهان کي واقعو ٻڌايان ته، مون هڪڙي نسبتن شريف طبيعت سيڪريٽري کان هڪ ٻئي انتهائي شريف طبع سيڪريٽري بابت پڇيو ته ”هن ڪڏهن ڪرپشن ڪئي هوندي“ ته هن امالڪ وراڻيو ته، ”جڏهن هو مشرف دور ۾ فلاڻي ڪارپوريشن جي هڪ شعبي جو سربراهه هيو ته هن لڳ ڀڳ هڪ ارب رپيا پاسيرا ڪيا هوندا“.  اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ مون ڪوشش ڪئي آهي ته تڪڙ ۾ ڪنهن کي ”شريف“ يا ”بدمعاش“ جو لقب نه ڏيڻ گهرجي.

سومر ڏينهن، رينجرز پاران ڪراچي شهر ۾ سنڌ جي ٻن ادارن تي ڪارروائي ڪئي وئي. هڪ ۾  ”لائينز ايريا پروجيڪٽ“ جي هزارين پلاٽن جي ڪرپشن ۽ اربين رپيا کائڻ تي چئن ڊائريڪٽرن کي گرفتار ڪيو ويو. انهن تي الزام آهي ته انهن ڪرپشن ڪري علائقي ۾ ”چائنا ڪٽنگ“ جي نالي ۾ اهي پلاٽ ڏنا، جن جي باري ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حُسين انڪشاف ڪندي پنهنجي تنظيم جي ماڻهن تي الزام هنيو هيو ته انهن شهر ۾ پارڪ ۽ پلاٽ قبضو ڪري انهن کي ”چائنا ڪٽنگ“ جو نالو ڏنو هيو.

ٻي ڪارروائي، ”سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول ڊولپمينٽ اٿارٽي“ جي مکيه آفيس تي ڪئي وئي. جتان رينجرز وارا رڪارڊ پڻ ساڻ کڻي ويا. ان اٿارٽي جو اڳواڻ منظور ڪاڪا آهي، جنهن تي الزام آهي ته هن عمارتن ٺاهڻ، ڊاهڻ، مرمت ڪرڻ وغيره ۾ قانون کان هٽي منظوريون ڏنيون ۽ ايڪشن ڪيا. هن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ”هو سنڌ سرڪار ۾ بااثر آفيسر رهيو آهي“

انهن ٽن چئن ڳالهين ۾ اها ڳالهه سامهون بيهندي ته هتان جو ”شريف“ به مها ڪرپٽ هوندو. هتي سياست ڪندڙ وڏي پارٽي ۽ ان جي فيملي به مبينه طور ڪرپٽ آهي. هتان جا آفيسر، وزير ۽ سياستدان سڀ مبينه ڪرپٽ آهن. سو اهو سمجهڻ گهرجي ته هڪ وڏي ڪارروائي لاءِ اهي ننڍيون ننڍيون ڪارروايون هڪ وڏو جواز مهيا ڪنديون.

آصف علي زرداري جي تقرير:

خيبرپختونخواهه ۽ فاٽا جي پارٽي ورڪرن جي اجلاس کي اسلام آباد ۾ خطاب ڪندي پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته لسٽون ٺاهڻ ڇڏي ڏيو، جي اسان پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين ملڪ لٽيندڙ جنرلن جون لسٽون جاري ڪيون ته پوءِ ڪير به نه بيهي سگهندو. هن چيو ته اسان ماٺ آهيون، جمهوري سرڪار جي هلڻ جا حامي آهيون، ملڪ جي معاشي ترقيءَ جا حامي آهيون. جي چاهيون ها ته ڪپتان سان گڏجي ٻن سالن ۾ ئي سڄو قصو پورو ڪري ڏيکاريون ها. اسان تحرڪ ۾ اچئون ٿا ته سڄو ملڪ لُڏي وڃي ٿو، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪردار ڪُشي بند نه ڪئي وئي ته اسان ڪراچي کان وٺي فاٽا بند ڪرائي ڇڏيون، پوءِ ان کي ڪير به کولائي نه سگهندو.هن فوج جي اڳوڻي سربراهه جنرل پرويز مشرف تي سڌي ۽ صاف تنقيد ڪندي چيوته ” پاڻ کي ڪمانڊو سڏائيندڙ ٽي مهينا به جيل جو گرم پاڻي پي نه ٿو سگهي“. هن چيو ته پرويز مشرف کي خبر ئي ڪانهي ته ملڪ کي ڪهڙا خطرا لڳل آهن، اها کين خبر آهي. اسان سياست کي طاقت لاءِ نه پر خدمت لاءِ استعمال ڪريون ٿا.

ان تقرير ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو؟:

جناب آصف علي زرداري جو خيال رهيو آهي ته ”ڪرپشن“ هن ملڪ جو اشو ناهي ۽ اهو ڪنهن مهل به ڪنهن جي خلاف به استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هن جي تقرير ڪرڻ جو بنيادي مقصد اهو خيال آهي، جنهن خيال هيٺ ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري الڳ الڳ سوچي رهيا آهن. ٻنهي جا رستا الڳ الڳ ٿي رهيا آهن. هن جي تقرير ۾ جنرل پرويز مشرف تي تنقيد گهڻين معنائن ۾ ٺهڪندڙ به آهي ته اها مسٽر زرداري جي گهرج به آهي ته، جنرل پرويز مشرف سميت جيڪي به ماڻهو ايم ڪيو ايم جا جانشين ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا ته هي انهن جي واسطي وڏو، ناڪاري ۽ وقتائتو پيغام آهي. شايد ! الطاف حسين سان ٻيون جيڪي به هزارين ڀلايون آصف زرداري ڪيون هونديون، هي ”پنهنجي سر تي سهي“ جنرل پرويز مشرف جي مخالفت واري ڀلائي الطاف حسين کان ڪڏهن به نه وسرندي.

ان تقرير جا پاسائتا ناڪاري اثر:

جيڪڏهن اها تقرير رٽائرڊ جنرلن پنهنجي سر تي کنئي، يا اسٽيبلشمينٽ ان کي پاڻ مٿان سمجهيو ته پوءِ ملڪ جي سياست ۾ وڏي تيزي اچي ويندي. سنڌ ۾ ان تقرير جا اولڙا شدت سان محسوس ڪيا ويندا. پر، جيڪڏهن نواز شريف سميت ملڪ جون سموريون پارٽيون هڪ پاسي نئين صفبندي ڏانهن وڌڻ شروع ڪنديون ته ايم ڪيو ايم پڻ پيپلزپارٽي جو ساٿ ڇڏي ويندي. سنڌ ۾ پنهنجي وجود جو ڪجهه حصو بچائڻ ايم ڪيو ايم لاءِ بنهه ضروري آهي. پيپلزپارٽي تي اڃا اهڙو وقت نه آيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *