آصف علي زرداري جي سالگره جي مناسبت سان……. سياست جي ميدان ۾ جاگنگ ڪندڙ آصف علي زرداري: ڪاشف نوراني

محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي اولاد جي وارث آصف علي زرداري، سياست جي ميدان ۾ جاگنگ ڪندي “سياست جا ڪيئي رنگ روپ ڏٺا ، ڪيترائي سال عوامي سياست ڪرڻ جي باوجود هن جو حقيقي عوامي رنگ لڪيل رهيو ، ڇو ته هو اڳ ۾ جيڪا سياست ڪري رهيو هو ان ۾ هن جو عوام سان سنئون ســڌو واسطونه هيو ، ڇو ته هو عوامي سياست کي ايمان سمجهندڙ پيپلز پارٽي جي قيادت شهيد راڻي محترمه ٻينظير ڀٽو جي ليڊرشپ ۾ هڪ عام ادنيٰ ڪارڪن جيان پير کڻندو رهيو ۽ پارٽي اصولن ،ضابطن ءِ قاعدن جو احترام ڪندڙ آصف علي زرداري پنهنجي قيادت سان پير۾ پير ۾ ملائي هلڻ بدران انهن جي پيرن جي ڇڏيل نشانن پٺيان پير کڻي هلڻ ۾ عافيت محسوس ڪئي جيڪا هڪ نظرياتي ڪارڪن نشاني آهي . سياست جي سپه سالار ڀٽي خاندان سان سچائي ءِ ايمانداراڻي انداز ۾ پنهنجي وفائن جا مثال قائم ڪندي هر تڪليف، هردرد کي پنهنجي سر تي کڻندو رهيو.
شهيد عوام مٿان صعوبتن جا پهاڙ هجن، محترمه بيگم نصرت ڀٽو مٿان آيل اذيتون هجن، توڙي شهيد محترمه جي مٿان آتش فشان جيان ڪرندڙ تڪليفن جا جبل هجن ۽ ڏٺو وڃي ته خود آصف علي زرداري مٿان عوامي سياست جي ڏوهه ۾ ٽٽل عذابن جا بند به اکيون ٻوٽي پنهنجي سر تي کنيون بيٺو رهيو.

شهيد محترمه جي ٻئي حڪومتي دور ختم ٿيڻ کان محترمه جي جلاوطني ۽ مشرف جي آمريتي راڄ تائين ڊگهو عرصو جيلن ۾ واڙيل آصف علي زرداري ڪڏهن به محترمه جي ساٿ ۽ عوام لاءِ سياست تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ڪيو. عوامي سياست هن جي رڳ رڳ ۾ رت وانگر ڊوڙي رهي آهي. هن جي زندگي جو سڀ کان پهريون عزم سمورن عوامي اهنجن جو خاتمو آهي. محترمه جي ساٿ تي پنهنجي حياتي گهورڪرڻ هن جي وفا جو شعار رهيو. وفائن جي ميدان تي سدائين ثابت قدم رهندڙ هي بي ڊپو عوامي ليڊر آفريقين لاءِ جدوجهد ڪندڙ نيلسن منڊيلا کان گهٽ حيثيت وارو نه آهي. هو اڄ به محترمه شهيد پاران کيس منڊيلا ڪوٺڻ واري ڳالهه کي پنهنجي لاءِ سند جهڙو اعزاز سمجهندو رهي ٿو، ڇو ته هن لاءِ اهڙي ڪمينٽ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه سرٽيفڪيٽ ڪونه آهي.
پاڪستان جي سياست جا شينهن سڌجندڙ جڏهن آمريت سان سوديبازي ڪري عيش و عشرت کي اهميت ڏئي خاموشي سان ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ نڪتا تڏهن جيلن جا جبل آصف علي زرداري مٿان ڪريل هئا،سوديبازي بدران پنهنجي فهم، فراصت توڙي سياسي عمل ۽ ثابت قدمي سان مشرف جي ڊگهي آمريتي راڄ جو خاتمو آڻيندڙ آصف علي زرداري ان ڏينهن سنئون سڌو عوام جي اڳيان آيو، جنهن ڏينهن سڄي ملڪ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي جو صدمو مليو ۽ هر پاسي کان انارڪي جي آنڌي جا سڙٻاٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا ته  اوچتو محترمه جي مزار تي پهتل غم ۽ غصي ۾ وڪوڙيل عوامي انبوهه مان پاڪستان نه کپي جو نعرو ٻڌجڻ ۾ آيو ته ان نعري جو جواب شهيدراڻي  جي ٽيجهي واري تقريب ۾ ڪارا ڪپڙا پهري ويٺل آصف علي زرداري پاڪستان نه کپي چوڻ وارن کي پاڪستان کپي جو نعرو لڳائڻ جي دعوت ڏيندي اهو چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي. هن ملڪ جي حفاظت اسان جي ذميداري آهي اسان پنهنجي ذميداري کان منهن نه موڙينداسين. اهڙي عزم، وچن واري خطاب کان پوءِ سڄي ان غم ۽ غصي واري ماحول ۾ ماٺار پئجي وئي. هن پاڪستان کپي واري نعري جو جواب انهن سياسي پارٽين کان به گهريو جيڪي پارٽيون ان وقت عام چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري چڪيون هيون، انهن پارٽين کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي ته جيئن جمهوريت جو سج اڀري ۽ ملڪ کي هر قسم جي انارڪي کان آجو ڪرائي سگهجي.

اهو آصف علي زرداري جو اهو اصلي روپ هيو، جنهن هڪ وقت ۾ سمورو وايومندل غم ۽ غصي جي ڪيفيت کي گهٽ ڪري اليڪشن کي انتقام قرار ڏيئي عوام کي شهيد راڻي جي شهادت جو بدلو وٺڻ واري جنگ ۾ حصيدار بنائي ڇڏيو. اهو سندس فڪر ۽ فهم جي فراخدلي هئي جو غم ۽ غصي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ان وقت ان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه عمل نه هيو. آصف علي زرداري فڪر، فهم ۽ سندس سوچ توڙي سياست جي اها اهڙي پهرين منزل هئي جنهن کي دنيا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. عوام انتقام ورتو جيڪي ڊنل هئا اهي ڊڄي ڊڄي ميدان ۾ لٿا، هر ڪنهن کي شهيد محترمه جي شهادت جي انتقام جي نالي تي ڪجهه نه ڪجهه ووٽ مليا پر نتيجا صرف ۽ صرف حقيقي عوامي فيصلي وارا ظاهر ٿيا جمهوريت اچي وئي. پوءِ ڪيمرائن جي اکين اهي لمحا  به ڪيپچر ڪيا، جيڪي لمحا هڪ الڳ تاريخ رقم ڪري رهيا هيا. ڪيميرا جي لينسز اهي منظر به محفوط ڪري ورتا، جن منطرن ۾ جمهوريت پنهنجي ڦوھ  جوانيءَ ۽ جمال سان پروان چڙهندي رهي. جمهوري حڪومت جڙڻ وقت پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي تنطيمي ڍانچي اندر به هر طرح سان جمهوري قدرن کي برقرار رکندي پارٽي اندر موجود سموري قيادتي قوتن کي هڪ راءِ فيصلو مڃرائيندي ولين جي سرزمين ملتان سان واسطو رکندڙ پ پ جي پراڻي ڪارڪن سيد يوسف رضا گيلاني کي وزارت عظمي جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ اڳتي وڌايو. يوسف رضا گيلاني کي ان عهدي جي ذميواري لاءِ ورتل فيصلو به آصف علي زرداري جي سياسي ڏاهپ جو شاندار مثال آهي جيڪو پارٽي اندر ڊسپلين کي برقرار رکندي اهڙو فيصلو ورتو، جنهن سان سندس قد ڪاٺ اڃان وڌيو. شهيدراڻي جي شهادت کان پوءِ توڙي جو سڄي ملڪ مان ڀٽو جي جان نثار جيالن آصف علي زرداري کي پ پ جو حقيقي جان نشين سمجهيو، جيالن ڀٽو جي سياسي وراثي سندس حوالي ڪئي پر هن  بهادر انسان پ پ جي سياسي وراثت شهيدراڻي جي فرزند جي حوالي ڪندي پاڻ کي پارٽي جو ڪارڪن سمجھڻ کي پدند ڪيوڪيو. هي سندس ٽيون فيصلو هيو، جنهن سان ملڪ ۾ موجود پ پ جي جيالن جي دلين ۾ به ساڻس لاءِ همدردي ۽ محبت وڌي رهي هئي.

پنجاب اندر ڪيتري ئي وقت کان سرائيڪي بيلٽ جو عوام احساس محرومي جو دانهون ڪري رهيو هو ۽ ملتان سميت سرائيڪي بيلٽ جو عوام الڳ صوبي جو مطالبو پڻ ڪري رهيو هو. احساس محرومي جي دانهن هيٺ رهندڙ علائقي مان وزير اعظم منتخب ڪرڻ سان ڪنهن حد تائين ان احساس محرومي ۽ الڳ صوبي واري مطالبي کي ٻنجو اچي ويو۽ ان فيصلي سان ڪنهن حد تائين احساس محرومي واري ڌٻڻ جهڙي مشڪل تي حڪمت عملي سان ڪنٽرول رکڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿي وئي. وزير اعظم جي عهدي جي حوالي سان ڪيل فيصلي کي سموري ملڪ جي نه رڳو جيالن قبوليو پر ان سان سرائيڪي بيلٽ جي عوام جون دليون پڻ وڌيون. حقيقت ۾ اهي ئي فيصلا آهن جن کي ڏسي سياست ۾ اهم مقام رکندڙ ملڪ جي مايه ناز سياسي اڳواڻ اعتراف ڪيو هو ته ”سندس سياست کي سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻئي پوندي.“ ۽ سچ به اهو ئي آهي ته آصف علي زرداري جي سياست کي سمجهڻ ۽ سندس حڪمت عملين کي پرکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي.

هو جيڪڏهن آمريڪي صدارت جي عهدي جي اميدوار سارا پالن سان هٿ ملائي سندس سونهن جي تعريف ڪري ٿو ته مٿس چٿرون ڪيون وڃن ٿيون.  هن جي دلفريب مسڪراهٽ تي ٽوڪون ڪندڙن کي انهن تعريفي جملن جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي. هو جڏهن صدارتي عهدو حاصل ڪندي مٿي تي سنڌي ٽوپي رکي ڪنهن دوست ملڪ جي دوري تي وڃي ٿو ته ان عمل تي طنز ڪرڻ بدران اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هن جي حڪمت عملين کي سمجهڻ لاءِ ”پي ايڇ ڊي ڪرڻ“ جي ڳاله ڪندڙ ڪو گڏه گاڏو هلائڻ وارو چارن چريو نه آهي، اهو اعتراف صرف لفاظي نه اهي. ڇو ته جاويد هاشمي کي سياست ۾ اهم مقام حاصل آهي. ان جو احترام ڪرڻ به ضروري اهي. پر احترام جو اعتراف خود آصف علي زرداري به ان ڏينهن ڪيو، جنهن ڏينهن ملڪ جي ٻنهي وڏن معتبر ايوانن اندر صدارت جو حلف کڻي رهيو هو ته سندس خاص دعوت تي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتل پاڪستان جي وڏي سياسي اڳواڻ، موجوده وزير اعطم ميان محمد نواز شريف تي نطر پئي. پوءِ ڪيميرا جي اکين اهو منظر قيد ڪري ورتو ته حلف کڻڻ کان فورن بعد صدر مملڪت جي حيثيت ۾ هو هيٺ لٿو ۽ تڪڙو وڃي ميان صاحب سان مليو. اهو احترام جو اعتراف هيو.  آصف علي زرداري جو صدر مملڪت بڻجڻ وارو فيصلو به وڏي مدبراني حڪمت عملي جو سبب هيو. هن اهو چاهيو پئي ته طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندڙ پارٽي مڪمل طرح سان عوامي جمهوري حڪومت هلائي ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته ڪيئن جمهوريت مضبوط ٿيڻ لڳي. دنيا ڏٺو ته ڪيئن جمهوري ادارا سگهارا ٿيا. سڀني اعتراف ڪيو ته ڪنهن وڏي مصيبت جي ڪنڌيءَ تي پهتل ملڪ کي پاڪستان کپي وارو مشن سگهارو ڪندو رهيو. ميثاق جمهوريت تي عمل نه ٿيڻ جون دانهون ڪندڙ ملڪي سطح جي هر سنگين فيصلي ۾ ان وقت برابر جا شريڪ رهيا. ملڪ جي سمورين اندروني ۽ بيروني مشڪلاتن مان نجات ڏيارڻ وارو هر فيصلو سمورين سياسي قيادتن سان گڏجي ٿيندو رهيو. اڪيلي سر حڪومت ٺاهي سگهڻ جهڙي حيثيت رکڻ جي باوجود مفاهمت جو هڪ نئون تاريخي لاڙو متعارف ڪرائي سمورين سياسي ڌرين کي گڏ هلايو ويو. اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست هجي يا ايران پاڪستان گئس لائين ذريعي هڪ ٻئي کي ڳنڍڻ هجي يا مفاهمت جي نالي تي سمورين سياسي ڌرين کي هڪ هنڌ گڏ رکي ملڪي سطح جي فيصلن ۾ انهن جي شراڪتداري، آصف علي زرداري جي هڪ اهڙي حڪمت عملي رهي آهي جنهن سان ملڪ مان بي چيني ختم ٿي. اڄ اسان سڀني کي گڏجي اهو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته هو جيڪو مدبراني انداز ۾ ملڪ کي مشڪلاتن مان نجات ڏياريندڙ آهي، جنهن وٽ ملڪي مسئلن جو حل مفاهمت جي نالي واري دوا ۾ آهي، ۽ ان جو طريقه علاج به وٽس ئي موجود آهي. اڄ اسان سڀني کي اهو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته هڪ ڀيرو ٻيهر هن ملڪ کي ان مسيحا جي ضرورت آهي، جيڪو اچي ويو آهي جنهن وٽ اها صلاحيت آهي ته ملڪي معاملن کي ڪيئن هلائجي؟

مخالفن کي آصف زرداري سياست منجهائي ڇڏيو آهي ڇو ته آصف زرداري جي سياست کي سمجهڻ لاءِ سندن وٽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري نه آهي، هنن کي خبر آهي ته آصف زرداري واري مفاهمتي پاليسي واري شطرنج جا مهرا شطرنج وڇائڻ واري جي چئي ۾ اچي ويندا آهن. جيالن ۽ جمهوريت پسند ڌريون کيس ملڪ لا۽ هڪ نيڪ شگون قرار پيا ڏين. جڏهن ته سياسي ۽ ادبي اداڪار سندس ان رمز کي سمجهڻ لا۽ تجزياتي ضرورتن لا۽ ڪتابن ۾ گم ٿي ويا آهن. هوڏانهن ڪرڪيٽ راند جا بيٽسمين آصف زرداري جي هن ان سوئنگ يارڪر ڊليوري کي سمجھڻ لاءِ سندن ٽيم ۾ شامل مختلف رانديگرن کان صلاحون وٺي رهيا آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ آصف زرداريءَ جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل هئا ۽ مشڪل وقت کيس ڇڏي آيا هئا. انهن جو کين اهو ئي چوڻ آهي ته ٿورو عقل کان ڪم وٺجو ورنا سندس هر اوور ۾ پنهنجا رانديگر آئوٽ ٿي ويندا. جڏهن ته لڪي ايراني سرڪس جا شينهن به هن جي سياسي بصيرت تي حيران ۽ پريشان ٿي پيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *