آصف جو وطن واپسي وارو اعلان ۽ ڊاڪٽر عاصم ڪيس.!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺِي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي بلاول جي شادي کي وٺي ڪري ڪيترون ئي ڳاليهون ٿي رهيو آهن پر انهي ڳالهين کي هر ڪوئي پنهنجي اندر سان پيش ڪري رهيو هوُ،۽ خد بلاول کان جڏهن سندس شادي جي باري ۾ پڇيو ويو ته هوُ شادي ڪڏهن ۽ ڪنهن سان ڪندو ته بلاول شادي  معاملي جي پنهنجو جوابي بيان ڏنو ته هوُ شادي انهي سان ڪندو جنهن کي سندس ڀئينرون پسند ڪيون.جڏهن ته بلاول جي شادي کي وٺي ڪري ڪالهه پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي چيئرپرسن آصف علي زرداري هڪ نچي ٽي وي کي انٽريو ڏيندي چيو ته بلاول لاءِ ڪنوار ڳولي رهيا آهيون. جنهن بيان مان اهو صاف ظاهر آهي ته بلاول شادي جي ٻنڌڻ ۾ جلدي ٻڌجي ويندو.. پر انکان علاوا جيڪو آصف علي زرداي بيان ڏنو ته هوُ جلاوطن ناهي ۽ ڪجهه ئي هفتن اندر هُو واپس پاڪستان اچي ويندو.انڪري آصف جي واپسي کي وٺي ڪري ڪيترائي وسوسا پيدا ڪندڙ سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا ته آخر هن وقت ته ڪو اهڙو ماحول ئي ناهي نه اليڪشن جي تياري آهي ۽ ڪو ٻيو سياسي ماحول ڇو ته هن وقت پاناما ليڪس کي وٺي ڪري پاڪستان جي سياست اندر رڳو پاناما ليڪس جو شور گونجي رهيو آهي ٻيو ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي.جڏهن ته آصف پنهنجي بيان ۾ چيو ته هوُ جلاوطن ناهي انڪري اهو به سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن آصف جلاوطن ناهي ته آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ جتي پ پ کي سندس سخت ضرورت هئي جتان پ پ جي شڪت به ملي ان وقت آصف پاڪستان ڇو ڪون آيو.؟ ۽ انکان پوءِ بلدياتي اليڪشن اندر جتي پڻ پ پ کي آصف جي تمام گهڻي سخت ضروت هئي.جتي پنجاب جون اهم سيٽون جتان پ پ هميشه کٽيندي آئي هئي اهي سيٽون به پ پ هارائي وئي،پر آصف وطن نه آيو ۽ سنڌ صوبي اندر به پ پ کي تمام گهڻيون پريشانيون ڏسڻ ۾ آيو سنڌ صوبي جي ٻين ضلعن جي ڇڏي ڪري رڳو بدين تي نظر وجهون ته انهي ضلعي اندر پ پ کي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا  پگهر ڏياري ڇڏيا هئا. پوءِ به آصف علي زرداي پاڪستان نه اچي سگهيو.اها سڀني کي خبر آهي ته آصف واري دور اندر پ پ جي وزيرن تمام گهڻي ڪرپشن ڪئي جن ۾  شرجيل ميمڻ،مظفرٽپي ۽ ٻيا شامل آهن جيڪي سنڌ کي لٽي روانا ٿي ويا ۽ پوءِ پويان لوڻو هڻي به نه ڏئائون.!! ۽ اهو سڀ ڪجهه آصف جي دور ۾ ٿيو ۽ اهو آصف ئي هوُ جنهن انهي وزيرن کي اقتدار جي ڪرسي تي ويهاريو جن عوام سان ويساه گهاتيون ڪيون.۽ انکان علاوا آصف جي ويجهي دوست ڊاڪٽر  عاصم جو قصو ڪير ٿو وساري سگهي.جيڪو ڪرپشن ڪيس ۾ اڃان تائين پيو لوڙي.پر ان هوندي به پ پ سنڌ ۾ مظبوط ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽  انهي ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي جي سنڌ پ پ جو مظبوط قعلو آهي جتي ڪير به کيس شڪت نه ٿو ڏئي سگهي.پر اها به حقيقت آهي ته انهي سنڌ جي پ پ سواءِ سورن جي ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو. پ پ خلاف سنڌ اندر مخالف پارٽِين جو ٺهيل اتحاد ٺهيو جيڪو باري ۾ اها سوچيو ويو هت پ پ لاءِ اهو اتحاد مشڪلاتون پيدا ڪري سگهندو.

پر اهو اتحاد به پ پ جو ڪجهه به ڪري سگهيو ۽ اها پارٽِي جيڪا هن وقت به سنڌ حڪومت جون واڳون سنڀاليندي اچي پرهاڻ وقت پ پ تي اهڙو به وقت آيو آهي جنهن وقت سنڌ اندر پ پ خلاف  ڪرپشن ڪرڻ جا ڪيترائي ڪيس هلي رهيا آهن.۽ ڪيترائي ڪيس پ پ  وزيرن تي داخل ٿي چڪا آهن. جيڪي ماضي ۾ پ پ جو حصو رهيا هئا.۽ هن وقت گرفتاري جي ڊپ کان  ٻاهر هليا ويا آهن.جڏهن ته ڪرپشن ڪيس اندر هن وقت پ پ جو هڪ پراڻو جيالو ۽ آصف جي ويجهي دوستن مان هڪ دوست ڊاڪٽرعاصم جيڪو نيب ڪيس جي چانج اندر جيل ڪاٽي رهيو آهي.جڏهن ته .ڊاڪٽر عاصم کي ڪرپشن ڪيس اندر پهرين ڀيرو ريجنرس گرفتار ڪيو جنهن کان پوءِ پڇا ڳاڇا لاءِ کيس پوليس حوالي ڪيو ويو..۽  ڊاڪٽر عاصم کان نيب  جيڪا ڪرپشن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ان بابت ڊاڪٽر عاصم جا ڪيترائي اعتراف سامهون آيا آهن.ان ڪيل ڪرپشن جي حوالي سان هڪ نظر وجهون ته وفاق انهي ڪرپشن جي ڪيسن کي ظاهر ڪرڻ  ۾ِ وڏو ڪردار ادا ڪيو هوُ.چوڌري نثار اهڙا به بيان ڏنا هئا ته پ پ خلاف ڊاڪٽر عاصم جي اسان وٽ هڪ اهڙي وڊيو موجود آهي.جنهن اندر هن طوطي وانگر فرفر اعترافي بيان ڏنو هو.پر ان وقت انهي بيان تي  حيرت اها هئي ته واقعي  انهي بيان اندر ڪا سچائي به آهي يا نه يا اهو ان وقت صرف پ پ کي ڊڄارڻ لاءِ ڏنو ويو هوُ.ڇو ته ان وقت ڪراچي اندر ريجنرز مدي جي واڌ تي پ پ  ضد ڪري رهي هئي ته ريجنرس مدي ۾ واڌ نه ڪئي وڃِي..اها به هڪ حقيقت آهي ته  جيڪڏهن وفاق وٽ اهڙي قسم جي ڪا وڊيو آهي جنهن اندر ڊاڪٽر عاصم طوطي وانگر فر فر اعترافي بيان ڏنل آهي ته پوءِ .پوءِ اها وڊيو عوام جي سامهون ڪندي،.ٿيڻ ته اهي گهرجي ها ته انهي وڊيو کي هڪ دفعو عدالت آڻي ڊاڪٽر عاصم جي ڪيل ڪرپشن ڪيس کي هلائي ڪري جيڪڏهن مٿس جرم لاڳو ڪري کيس سزا ڏني وڃي ها..پوءِ ڇو کيس هر هفتي يا پندرهن ڏينهن کانپوءِ عدالت اندر گهليو پيو وڃي.!! ڊاڪٽر عاصم هڪ ضعيف ماڻهو آهي.وٺس ايتري سگهه ناهي جو هو عدالتي جا چڪر ڪاٽي سگهي.پر جيڪڏهن انهي جي خلاف ثبوت آهن ته پيش ڪري انهي ڪهاڻي کي ختم ڪيو وڃي ها.پر اهڙا بيان ڏيڻ کان پوءِ به عدالت ۾ ڪي ثبوت جن جي هجڻ جو وفاق دعويٰ به ڪري چڪو هجي ۽ پوءِ به عدالت اندر اهي ثبوت پيش نه ڪري ته ڪيترا شڪ ذهن ۾ جنم وٺن ٿا. ته آخر ڊاڪٽر عاصم اهڙو هڪڙو فر فر اعترافي بيان ڏنو جيڪو وفاق عدالت اندر پيش نه پئي ڪري.ڇا انهي فر فر اعترافي بيان ۾ ڊاڪٽر عاصم ڪنهن وڏي مڇي جو نالو ته ناهي کنيو هو. جيڪو حال فلحال وفاق دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ به پئي چاهي.ڇو ته انهي جو هڪ سبب اهو به آهي ته وفاق کي پاڪستان جي حڪومت جي ايندڙ ٻين پنج سالن جو آسرو پڪو آهي.انهي ڪري شايد اها وڊيو وفاق انهي لاءِ لڪائي رکي آهي ته جڏهن ايندڙ ضمني چونڊون ٿينديون ته کيس حڪومت ٺاهڻ لاءِ صوبن جي ضرورت پوندي.ڇو ته اها ڳالهه ته يقيني آهي ته وفاق پنهنجي زور تي پاڪستان تي حڪومت نه ٺاهي سگهندي.!کيس صوبن جي ضروت ضرور پوندي.ڇو ته پاڪستان جي سياست به هن وقت صوبن تائين محدود ٿي چڪي آهي.ن ليگ پنجاب ولاريو ويٺي آهي.سنڌ پ پ کي مليل آهي،ڪي پي ڪي عمران خان ۽ ٻين سياسي پارٽين جي حوالي آهي.۽ بلوچستان ته هوئنن به قبيلائي سردارن وٽ آهي.پر هاڻ آصف علي زرداري به پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ آصف اهو به چيو آهي ته هوُ جلاوطن ناهي  ۽ هوُ پاڪستان ضرور ايندو ان ڪري آصف جي واپسي ۽  عاصم جي فر فر واري وڊيو ۽ وفاق پاران لڪايل راز لکڻ جا وڏا امڪان آهن هن ڪري شايد وفاق سوچي پئي ته انهي انهي فرفر اعترافي وڊيو کي ان وقت سخت ضورت پوندي جڏهن اها وڊيو ڪنهن جي ڳڄي ۾ پوندي..

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *