آرمي پبلڪ اسڪول سانحو ۽ بي مندائتو موت: رشيد سومرو

اهو 16 ڊسمبر 2014 جي صبح جو 10 وڳي جو وقت هو ته پشاور شهر جي وارسڪ روڊ تي پشاور ڪينٽ جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ 16 فوجي وردي ۾ ملبوس دهشتگرد داخل ٿيا، جن اسڪول جي ديوار جي پوئين پاسي کان ڀتون ٽپي اسڪول ۾ داخل ٿي اسڪول ۾ هلندڙ هڪ خاص تقريب ۾ شريڪ شاگردن ۽ استادن کي يرغمال بڻائي انهن کي اسڪول جي هڪ آڊيٽوريم ۾ گڏ ڪيو ۽ مٿن جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 131 شاگردن سميت 141 ڄڻا شهيد ٿي ويا، شهيد ٿي وڃڻ وارن ۾ اسڪول جي پرنسپال طاهره قاضي به شامل هئي، جنهن دهشگردن سان مزاحمت ڪئي، جنهن تي انهن درنده دهشتگردن پهرين ان کي شهيد ڪيو، جنهن بعد هو آڊيٽوريم حال ۾ يرغمال بڻايل معصوم شاگردن تي جديد هٿيارن سان بارود جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 کان 18 سالن جا 131 معصوم ۽ بيگناهه شاگرد شهيد ٿي ويا، معصوم شاگرد جان بچائڻ لاءِ بينچن، ڪرسين ۽ ٻين جڳهين تي لڪي جان بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڙيون ڪندا رهيا، پر ظالم ۽ وحشي دهشتگردن انهن معصوم ۽ پتڪڙن ٻارڙن جي نازڪ سينن ۽ ڇاتين کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو. هر طرف ريهون ۽ چيخون هيون، هر طرف رت جو درياءَ وهي رهيو هو، ان واقعي مان ائين پئي لڳو ته دهشتگردن جو ٽارگيٽ وڌ کان وڌ شاگردن کي مارڻ ئي هو، جنهن ڪري هنن اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين کين کڻي آيل سوزوڪي بولان  ST41کي بم سان اڏائي ڇڏيو. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هو مرڻ ۽ مارڻ لاءِ هتي پهتا هئا. واقعي جي اطلاع تي پاڪ فوج جي اسپيشل سروس گروپ جا جوان پهچي ويا، جن دهشتگردن سان مقابلو ڪري انهن مان ست دهشتگردن کي ماري وڌو، جنهن ۾ هڪ چيچن، ٽي عرب ۽ ٻه افغان دهشتگرد شامل هئا، جڏهن ته باقي دهشتگردن کي آرمي اسپيشل گروپ جي جوانن مقابلي بعد گرفتار ڪري ورتو، جن مان چئن دهشتگردن کي 2 ڊسمبر 2015 تي ڦاهي تي لٽڪايو ويو.

پشاور واقعو ڪراچي جناح ايئرپورٽ تي 2007 ۾ ٿيل حملي کان به خطرناڪ ۽ ڀوائتو هو، جنهن ۾ معصوم انسانيت ۽ علم جي پروانن کي ڳولي ڳولي شهيد ڪيو ويو، دراصل هي واقعو پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي کي ڪچلڻ لاءِ جون 2014 ۾شروع ڪيل آپريشن ضرب عضب جو رد عمل هو، آپريشن ضرب عضب ۾ اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي جوانن 2100 دهشتگردن جو صفايو ڪيو هو ۽ ڪجهه مهينن جي آپريشن بعد اتر وزيرستان جي 90 سيڪڙو علائقي کي دهشتگردن کان آجو ڪرايو هو. پاڪستان ۾ دهشتگردي جو آغاز 90 جي ڏهاڪي کانپوءِ شروع ٿيو، افغانستان ۾ پلجندڙ افغان طالبان ۽ پاڪساني طالبانن جي درميان اتحاد ٿيو، جنهن سبب هڪ طرف افغانستان ۾ معصوم انسانن جون زندگيون کسڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته ٻئي طرف پهرين صوبو سرحد ۽ ان بعد پورو پاڪستان دهشتگردن جي نشاني تي اچي ويو. پاڪستان جي تاريخ ۾ دهشتگردي جي بدترين واقعن ۾ سڀني کان هي پشاور وارو سانحو انتهائي ڀوائتو ۽ المناڪ هو. نائن اليون کانپوءِ پاڪستان دهشتگردي خلاف جيڪا ويڙهه ڪئي، ان جي رد عمل ۾ مغربي ملڪ خصوصن آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ محفوظ بڻجي ويا، پر پاڪستان القائده ۽ تحريڪ طالبان جي نشاني تي اچي ويا، پاڪستان دهشتگردي خلاف جيڪا ويڙهه ڪئي آهي، سا اسان جي سامهون آهي، پر پاڪستان کي ان جي موٽ ۾ اهو بهتر تعاون نصيب نه ٿيو.جنهن جو پاڪستان حقدار هو. عالمي دنيا ان کان به وڌيڪ نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان تي زور ڀريندي رهي.جنهن بعد پاڪستان پاران آپريشن ضرب عضب شروع ڪري پنهنجي ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن ۾ پاڪستان 90 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پر اڃان به پاڪستان ۾ را جي موجودگي ۽ دهشتگردي جي واقعن پٺيان هندستان جي ملوث هجڻ جا ثبوت ملي رهيا آهن.

پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحو اهو دل ڏاريندر واقعو هو، جنهن پوري پاڪستان جي ماڻهن جي دلين کي جهوري پور پور ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ان واقعي سبب پوري قوم پهريون ڀيرو متحد ٿي دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪ فوج سان مڪمل اظهار يڪجهتي ڪئي، جيڪا هن کان پهرين ڪڏهن به قوم ۾ نظر نه آئي، جڏهن پاڪستاني قوم معصوم گلڙن جا چچريل لاش ڏٺا ۽ غم ۾ ورتل والدين جي اکين ۾ آيل ڳوڙها ڏٺا ته هر فرد ائين پيئي محسوس ڪيو ته ڄڻ  هن جي گهر جي گلستان مان گلڙا ڇڄي ويا آهن، جنهن پوري قوم کي پهريون ڀيرو محسوس ڪرايو ته هاڻي دهشتگردن سان متحد ٿي وڙهڻ کانسواءِ ٻي ڪا به واهه نه بچي آهي، پشاور سميت پورو پاڪستان آرمي پبلڪ سڪول سانحي سبب ڪئين ڏينهن سوڳ ۾ مبتلا رهيو.

اصل ۾ دهشتگردن جو ڪو به مذهب نه آهي، هو درندا آهن، جنهن جو صرف هڪ ئي مقصد هوندو آهي ته پنهنجي دهشت ۽ وحشت کي برقرار رکيو وڃي، هنن کي ان ڳالهه جو ڪو به احساس ڪونهي هوندو ته هنن شهيد ٿيل معصوم ٻارڙن جو ڪهڙو ڏوهه هو، هنن جي والدين جي هنن سان وابسته اميدن سان هنن کي ڪو به سروڪار ناهي، موت جي خوف کان بي خطرا انهن معصوم گلڙن تي جديد هٿيارن جو ايترو ته بارود وسايو ويو جو معصوم شاگرد ۽ استادن سميت سوين والدين جون آسون به بارود جي انهيءَ دونهين ۾ دفن ٿي ويون، اڄ هو پنهنجن پيارن جي قبرن تي وڃي کين عقيدت جي ڀيٽا پيش ڪن ٿا ۽ سندن فريم ۾ بند ٿيل مرڪندڙ تصويرن کي ڏسي پنهنجا لڙڪ هارين ٿا، جيتوڻيڪ اسان سميت پوري انسانيت هن ڏکوئيندڙ واقعي تي اڃان به غمزده آهي، پر شهيدن جي پيرسن والدين جي نماڻين اکين ۾ گهوري ڏسبو ته سندن سڪي ويل اکين ۾ اڄ به درد جو اهو درياءَ وهي پيو، جنهن کي اسان ۽ اوهان محسوس نٿا ڪري سگهون.انهن والدين جون عيدون ۽ شام جا پويان پهر ۽ رات جي خاموشي کين پنهنجن کسجي ويل گلڙن کانسواءِ ڪيئن گذرنديون هونديون؟ ان درد جي ڪٿا جو اندازو صرف اهو ئي انسان ڪري سگهي ٿو جنهن جي گهر جي مٿان اهڙي قيامت گذري هوندي. هو معصوم شهيد ٿي امر بڻجي ويا ۽ دهشتگرد به گولين ۽ ڦاسين جو بک بڻجي مٽي جي ڍير ۾ دفن ٿي ويا، پر شهيدن کي اڄ پوري قوم سرخ سلام پيش ٿي ڪري ۽ انهن جي دلين ۾ اڄ به سندن لاءِ محبت ۽ دعائن جو درياءَ موجود آهي ۽ رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *