آدمشماري ۽ اسان جون ذميواريون: نسرين چانڊيو (اڳوڻي ايم پي اي)

مردم شماري 16 مارچ 2016 کان شروع ٿي رهي آهي، پهرين مرحلي ۾ خانه شماري ٿيندي جنهن ۾ ملڪ ۾ موجود گهرن جي ڳڻپ ٿيندي، سموري دنيا ۾ هر ڏهه سالن ۾ مردم شماري ڪرائي ويندي آهي ۽ گهڻن ملڪن ۾ ڪرفيو لڳائي خانه شماري ۽ مردم شماري ڪرائي ويندي آهي ته پاڪستان ۾ ائين ڇو ممڪن ناهي. پاڪستان ۾ 17 سالن کانپوءِ مردم شماري ٿيندي، 1998 کانپوءِ هاڻي 2016 ۾ ٿي رهي آهي. مردم شماري ڪرائڻ وارا ادارا (پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪ) جي تمام عهدن تي تمام صوبن مان مقرر ڪرڻ بجاءِ هڪ ئي صوبي (پنجاب) سان تعلق رکندڙ من پسندن ريٽائرڊ آفيسرن کي ڪنٽريڪٽ بنياد تي رکيو ويو آهي، ان ۾ چيف سينسز ڪمشنر آصف باوجه ۽ فنڪشنل ميمبر عارف محمود، چيمه، طارق ملڪ، حبيب الله خان، محمود اختر ۽ ڊاڪٽر سجاد شامل آهن، انتهائي غور ڪرڻ جهڙي ۽ حيرت ناڪ ڳالهه اها آهي ته آصف باوجه، عارف محمود ۽ حبيب الله خان 2011 ۾ غلط، عوام کي ناقابلِ قبول ۽ ناڪام خانه شماري ڪرائي جنهن تي ٽي ارب رپيا خرچ ٿيا ۽ ان جي اڄ تائين انڪوائري ناهي ٿي، پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪ جي مالياتي وزير اسحاق ڊار جي چيئرمين شپ ۾ قائم ڪورننگ ڪونسل جي 5 ميمبرن مان سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبر مهتاب ڪريم کي هٽايو ويو آهي، باقي چارن جو تعلق صوبي پنجاب سان آهي، مردم شماري جي سمورن نتيجن جي ڊيٽا پروسيسنگ اسلام آباد ۾ قائم مرڪز ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪروڙين رپين جي غير ملڪي امداد مان ڪراچي ۾ هڪ جديد ڊيٽا پروسيسنگ مرڪز موجود آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا نتيجا اسڪين ٿيڻا هئا، جنهن تي وفاقي آفيسرن نتيجن ۾ جعلسازي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي نشتن جو تعين ڪرڻو هوندو آهي، آئين جي آرٽيڪل 160(2) تحت مردم شماري جي انگ اکرن جي بنياد تي قومي مالياتي ايوارڊ (NFC) تمام صوبن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي ۽ انهن انگ اکرن تي هر علائقي تمام انساني، معاشي ۽ سماجي حالتن جو تعين ڪيو ويندو آهي ۽ مستقبل جي منصوبندي ڪئي ويندي آهي ۽ 17 گريڊ کان مٿي تائين سرڪاري ملازمن جي ڀرتي جي لاءِ ڪوٽه جو تعين ڪيو ويندو آهي. 2002 کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي 100 سيٽون هيون، ڪراچي جي 28 ۽ باقي صوبن جي 72 سيٽون هيون، ڪراچي ڊويزن جي سيٽن ۾ 50 فيصد (14 سيٽن) جو اضافو ڪيو ويو ان طرح ڪل 42 سيٽون ٿيون، باقي 4 ڊويزنن جي 72 سيٽن ۾ 12 فيصد جو اضافو ڪيو ويو اهڙي طرح ڪل 88 سيٽون ٿيون، اصولن ان چار ڊويزنن ۾ به 50 فيصد جي حساب سان 36 سيٽن جو اضافو ڪيو وڃي ته 88 سيٽن جي بجاءِ 108 سيٽون هجن ٿا، ان طرح هر ڊويزن ۾ منصفاڻو اضافو ٿيڻ گهرجي. خانه شماري/مردم شماري کان اڳ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪ ۾ ملڪ جي تمام صوبن خاص طور سنڌ صوبي جي نمائندگي ڏني وڃي، گهر شماري جي لاءِ مقرر ڪيل ٽي ڏينهن انتهائي گهٽ آهن ڇو ته سنڌ جا جنگلات، ڪچي جا علائقا، جزيرا ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين پهچ ٽن ڏينهن ۾ ممڪن ناهي. خانه شماري ۽ مردم شماري کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته تمام صوبن جي نمائندگي سان گڏ صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *