آئين پارليامينٽ کان مٿانهون آهي..؟: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي سياست اندر هر روز حالتون تبديل ٿينديون رهن ٿيون،پرهن وقت جيڪي پاڪستان جي سياست جو جيڪو حال آهي اهو مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي سترسالن جي سياست اندر ڪڏهن به نه ٿيو هوندو،هن وقت هر پاڪستاني پريشان آهي ته ملڪ اندر ڇا ٿي رهيو آهي،اها جنگ جيڪا آمريت جي دور اندر آمريت ۽ جهوريت جي وچ ۾ ڪئي ويندي هئي اها ئي ساڳي جنگ هن وقت پاڪستان جي جهموريت ۽ پاڪستان جي عداليه جي وچ ۾ هلي رهي آهي،منهنجي عمر کان وڏي عمر جا به تجزيڪار ضرور هوندا ملڪ اندر ڪير انهن کان پڇا ڪري ته اهي به چوندا ته اهڙو ته نه هنن ڪڏهن ٻڌو ۽ نه ئي ڪڏهن ڏٺو هو.

ٻئي ادار جهموريت جي بقا لاءِ لازمي آهن ۽ انهن ٻنهي ادران کي پاڻ ۾ ائين الجهڻ نه گهرجي ۽ هن وقت جيڪي حالتون آهن ۽ اهين ئي حالتون جڏهن ماضي ۾ خراب ٿيون ته فوج هيمشه پاڪستان جون واڳون سنڀاليون پر هن وقت نه اهڙو فوج جو ماحول آهي ۽ نه ئي هن وقت جي فوج اهو چاهي ته جهموريت ختم ڪري آمريت جو راڄ ڪجي،جڏهن ته ميان نواز شريف جي لفظن جي نشاني تان نه فوج بچي سگهي آهي ۽ نه ئي پاڪستان ئي عدليه. هي اهي عدالت آهي جنهن لاءِ خد ڪجهه وقت پهرين اهين ئي سياسي پارٽِيون هڪ ڊڪٽيٽر خلاف هڪ ٿي ڪري هڪ تحريڪ هلائي رهيون هنيون ۽ پنهنجي آزادي جا نعرا هڻائي رهيو هنيون،پرهن وقت پاڪستان جو وزير اعظم توڙي پاڪستان مسلم ليگ ن جو صدر انهي سياست اندر عداليه جي خلاف پارليامنيٽ ۾ ريماڪس آڻي انهي تي بحث ڪرڻ ٿا چاهين انهي ڪري هڪ اهم سوال آهي ته ڇا عدالت ايتري ڪمزور آهي جو انهي ئي نشانو بڻائي ڪري کيس پارليامينٽ ۾ آڻي انهي تي بحث ڪجي.

هن وقت پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر کان ڪير رڳو ايترو پڇا ڪري ته اهي ساڳيا لفظ جيڪي هوُ هن وقت پاڪستان جي عدالت جي خلاف ڳالهائي رهيا آهيو اهي ساڳيا ئي لفظ پاڪستان جي ڪنهن جنرل جي خلاف ته چئي ڏسو.؟ هن وقت ميان نواز شريف جي نااهلي کي وٺِي ڪري سموري ماحول کي خراب ڪيو پيو وڃي جنهن جي نتيجي جي نه ميان نواز شريف کي خبر آهي ۽ نه ئي پاڪستان جي وزيراعظم کي ته انهي جا ڪهڙا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.

آئين اندر سپريم ڪورٽ کي اهو حق ڏنو ويو آهي ته ڪنهن جي خلاف آئيني ۽ قانوني جائزو وٺي سگهي ٿي،۽ انهي جو فيصلو به ٻڌائي سگهي ٿي ۽ انهي فيصلي کي محفوظ به ڪري ساگهي ٿي اهو سمورو حق پاڪستان جي عداليه کي آئيني حاصل آهي،جڏهن ته آئين اندر پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي جج کي اهو به حق حاصل آهي ته هو ڪنهن به معاملي جو نوٽيس وٺي سگهي ٿو،ڇو جو اهو سندس بنيادي حق آئين ۾ شامل آهي ۽ انهي حقن جي حفاظت جو به حق پاڪستان سپريم ڪورٽ کي حاصل آهي ۽ اها سندس زميواري آهي ته انهن حقن جي حفاظت هو خد ڪري. 1973ع اندر آئين ٺاهڻ وارن کي هن وقت تائين 45سال گذري چڪا آهن سو هاڻي جيڪڏهن ميان نواز شريف ۽ سندس جماعت انهي آئين کي ابتي گنگا واهڻ چاهين ٿا ته اهو ڪئين ٿو سگهي. ميان نواز شريف کي اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ڇو ته هو سياست جو پراڻو رانديگر آهي ۽ پاڪستان جي آئين کان چڱي ريت واقف هوندو انهي ڪري هن وقت ميان نواز شريف انهي 1973ع جي آئين جي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جو ڪوششون ڪري رهيو آهي ته مان سجهان ٿو ته ميان نواز شريف جهڙو بي سمجهه ڪير نه ڪونهي جيڪو پاڪستان جي آئيني قانوني ۽ جهموريت ۽ عدالتي دور ۾ ويهي ڪري اهڙو سوچي.

ميان نواز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن پارليامينٽ اندر عداليه کي آڻي انهي تي بحث ڪرائڻ ڇا چاهين پرشايد انهن کي اها به خبرناهي ته پارليامنيٽ کي اهو به حق حاصل ناهي ته هُو آزاد عداليه کي پارليامينٽ ۾ آڻي،سوچڻ جهڙِي ته ڳالهه اها آهي ته صرف ڏهه ماڻهو پاڪستان جي آئين کي بدلائڻ جو بحث ڪرائڻ ٿا چاهين جيڪو ڪنهن به حال ۾ ممڪن ئي ناهي،۽ انهن کي اها به خبر ناهي ته انهي آئين واري ڳالهه ۽ عدليه کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ سان ملڪ اندر ڪهڙو طوفان ٿيندو جنهن ۾ هر شيُ لڙي ويندي خاص  طور ئي اهي ئي ڏهه ماڻهو جيڪي هن وقت عداليه سان مهاڏو اٽڪايو ويٺا آهن،برحال اها ته سڀني کي خبر آهي ته ماضي اندر پاڪستان پيپلزپارٽي به ائين ئي چوندي رهي ته عداليه ملڪ کي هلائڻ نه پئي ڏي پر آخر ٿيو ڇا.؟ اها ئي عدالت انهي انداز ۾ هلندي رهي ۽ سندس ڪجهه ڪير نه وار وينگو نه ڪري سگهيو.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڳالهه ڪٿان کان ڪٿي اچي پهتي آهي،ڪو زمانو هوندو هو عدالت جي فيصلي تي اکين تي رکي قبول ڪيو ويندو هو،ماڻهو عدالتي فيصلي بعد خوشي سان ڦاسي جي ڦندن کي به چميون ڏئي خوشي سان ڦاسي تي چڙهي ويندا هئا پر هاڻ اهو نه وقت رهيو آهي ۽ نه ئي اهي ماڻهو. هاڻي جيڪڏهن چور چوري ڪندي پڪڙيو ويندو آهي ۽ کيس عدالت ۾ آندو ويندو آهي ته اهو ئي چور ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ عين شاهدن جي شاهدي مطابق کيس سزا ڏني ويندي آهي ته سندس هاءِ گهوڙا هاءِ گهوڙا شروع ٿي ويندي آهي،۽ ججن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي،هڪ ڏينهن پهرين جلسي اندر مريم نواز سري عام جلسي اندر اهو چئي رهي هئي ته پاڪستاني سپريم ڪورٽ جهڙي زبان سان ڳالهندي کيس انهي زبان سان جواب ڏنو ويندو،جڏهن ته معاملو اتي ختم ناهي ٿيو هاڻي پاڪستان جو وزيراعظم به پاڪستان عدالت کي نشانو بڻائيندي چئي رهيو آهي ته عدالت کي پارليامينٽ ۾ آڻي انهي جي بحث ڪيو وڃِي.جنهن مان اهو صاف ظاهر آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن هر ننڍڙي شيُ مان وڏي فائدو وٺڻ چاهي ٿي،انهي ڪري هو پاڪستان جي عدالت تي مسلسل دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،هن وقت پاڪستان مسلم ليگ ن جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي اهو تمام گهڻو خطرناڪ رستو آهي جنهن رستي تي اڳيان هلي ڪري پاڪستان مسلم ليگ کي رڳو نقصان ئي ٿيندو، ميان نواز شريف ۽ سندس جماعت عدالت جي خلاف جنگ جوٽي ڇڏي آهي جنهن جي ڪري ٻيون سياسي پارٽيون خاموشي سان انهي ڏينهن جو انتظارڪري رهيون آهن ته اهو ڏينهن ڪڏهن ٿو اچي جڏهن ميان نواز شريف کي توهين عدالت ڪيس اندر سزا ٿي لڳي.اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن ميان نواز شريف پنهنجي بيان کان باز نه ٿو اچي ته اهو وقت هاڻ پري ناهي رهيو.

ميان نواز شريف کي سوچڻ گهرجي ته هوُ ڪنهن جي خلاف ڳالهائي رهيو آهي ۽ ڇو ڳالهاِئي رهيو آهي مان سمجهان ٿو ته پاناما فيصلو ميان نواز شريف کي حق ۾ اچي هان ته ميان نواز شريف هن وقت عداليه جا سهرا ڳائيندو هجي ها پر فيصلو سندس خلاف آيو انهي ڪري هو عداليه خلاف وٽ پڪڙ ڪري رهيو آهي.هن وقت پاڪستان جي جهوريت ۽ پاڪستان جي عداليه جي وچ ۾ جيڪا جنگ هلي رهي آهي انهي جو خاتمو ڪٿي ٿيندو اهو وقت ئي ٻڌايندو پر اتي عداليه سموريون زميواريون سنڀالڻيون پونديون ڇو جو سموري بار هن وقت عدالت جي ڪلهن تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *