؛خير محمد ڪولاچي Dispatch from Canada ؛سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جا ڪارڻ

سنڌ جي فضا ڇو ايتري بدلجي وئي آهي، جنت جهڙي خطي جو حسن ڇو ڪومائجي ويو آهي. سرڪاري ۽ غير سرڪاري شعبن پنهنجو مثبت ڪردار ڇو گهٽ ڪيو آهي، اسين پنهنجي ڀلائي لاءِ به عملي ڪوششن لاءِ ڇو تيار ڪونه آهيون، اهو به ڪونه ٿا ڪريون، جيڪو اسان جو فرض آهي يا اسان جي وس آهي. زمانو تيزي سان ترقي پيو ڪري، پر اسين وکون پوئتي وڃي رهيا آهيون. اڳوڻا رويا ۽ پنهنجو ڪردار به ڇڏيندا ٿا وڃون. 60، 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن ۾ تعليم تيزي سان پکڙي هئي ۽ معيار ۾ به لاڳيتو واڌارو پئي آيو. پرائمري تعليم فرهي تي ڏني ويندي هئي، ٻار ڪيترن ئي اسڪولن ۾ وڻ جي ڇانوَ هيٺ ويهي علم پرائيندا هئا. هاڻي جيڪو سهوليت نه هئڻ جو راڳ ڳايو پيو وڃي، اها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. ڌيان طلب ڳالهه اها آهي ته اڳ وڻ هيٺان پڙهندڙ ٻار به سٺا شاگرد ٿي اڳتي وڌندا هئا پر هاڻي ڇو ساڳيا نتيجا نٿا اچن. ان جو ڪارڻ سهولتون نه پر اهي مثبت رويا آهن، جيڪي معاشري خاص ڪري استاد طبقي ڇڏي ڏنا آهن.

استادن جي پگهار به گذاري لائق هئي پر سخت انتظامن ۽ اخلاقي قدرن سبب ماستر وقت جي پابندي ڪرڻ سان گڏ پوري ذميواري ۽ دلچسپي سان پڙهائيندا هئا. شاگردن کي پابندي سيکارڻ ۽ پڙهائي ۾ دلچسپي وڌائڻ تي ڌيان هوندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ شاگرد اڳتي وڌڻ جا رستا ڳولي وٺندو هو. استاد جي گهٽ ڄاڻ به ان سلسلي ۾ ڪو بهانو سمجهيو ويندو هو. جي اهو رجحان ۽ ماحول هلندو رهي ها ته ذهين سنڌي قوم جا شاگرد ملڪي وهنوار ۾ پنهنجو مقام وڌائي پنهنجي قابليت وڌيڪ مڃرائي وڃن ها، پر پوءِ الائي ڇو اها اڏام لوڏا کائي هيٺ اچڻ لڳي. ان جو ظاهري سبب تعليمي ادارن ۾ نوڪريون ڏيڻ ۽ ٻين معاملن ۾ سياسي مداخلت جو وڌڻ ٻڌايو وڃي ٿو. ڪي وري ان جو ڪارڻ ملڪي ادارن جي سازش سمجهن ٿا. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ملڪ ۾ جمهوري ۽ غير جمهوري حڪومتن سياستدانن کي نوڪريون ڏيڻ کي به هڪ رشوت طور استعمال ڪيو، ڇاڪاڻ ته تعليم کاتي ۾ گهڻيون نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ ڏيڻ وڌيڪ سولو هو، تنهن ڪري ان کاتي کي سياسي مقصدن لاءِ ڀرپور استعمال ڪيو ويو. تعليم کاتي جا ڪامورا به پنهنجن فائدن لاءِ سياستدانن جي وارداتن جو حصو بڻجي ويا، جنهن سبب تعليم کاتي جو انتظام بي اثر ٿيندو ويو ۽ آخرڪار تباهي جي ڪناري تي وڃي پهتو. اهڙي صورتحال مان فائدو وٺڻ لاءِ اين جي اوز ۽ ٻيا گروپ جن ۾ ڪي مخلص، ڪي دشمن ۽ ڪي پيداگير هئا، تعليم کاتي ۾ خدمتن جي آڙ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا، اهڙو سلسلو اڄ به جاري آهي.

تعليم جي شعبي بگڙندڙ حالتن کي سنڀالڻ لاءِ سنڌ جي هڪ ڏاهي ڊاڪٽر حميده کهڙو جيڪا سن 2002ع کان سن 2007ع تائين سنڌ حڪومت ۾ تعليم جي وزير رهي، غور ويچار ۽ صلاح مشورا شروع ڪيا. ڪافي غور فڪر کانپوءِ هڪ پاليسي ٺاهي، ان تي عمل شروع ڪري ڏنو هو، جن مان مکيه نڪتا هيٺيان هئا:

  1. تعليمي ادارن مان استاد تنظيمن تي پابندي
  2. نئين تعليمي سال جي شروعات آگسٽ مهيني کان شروع ڪرڻ
  3. اسڪولن کي ضرورتن لاءِ فنڊ مهيا ڪرڻ سان گڏ نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ ڪي رعايتون شامل هيون.

ماسترن جي ٺاهيل تنظيمن کي سوديڪاري (Bargaining) جو ڪو مقام ڪونهي، ان ڪري استادن جي تنظيمن جو هڙتالن ۽ سندن عهديدارن کي ڊيوٽي تان قانوني طور تي ڪا ڇوٽ مليل ڪونهي. صنعتي ادارن جون مزدور تنظيمون جن کي سوديڪاري جو حق حاصل آهي، تن جي عهديدارن کي پڻ قانوني طور ڊيوٽي ڪرڻ کانپوءِ فارغ وقت ۾ يونين جو ڪم ڪرڻو آهي. ائين استاد تنظيمن جي عهديدارن آفيسرن سان فائدن ۾ ڀاڱي ڀائيواري، نوڪرين ۽ مقررين مان حصو وٺڻ ۽ گوسڙو ماسترن جي سرپرستي شروع ڪري ڏني. ڊاڪٽر حميده کهڙو استاد تنظيمن جي اهڙين سرگرمين کي تعليمي معاملن ۾ رنڊڪ سمجهندي، هڪ انتظامي حڪم ذريعي پابندي هڻي ڇڏي هئي. استاد تنظيمن جڏهن ان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ته هاءِ ڪورٽ به سنڌ حڪومت جي مؤقف کي جائز سمجهي ان کي برقرار رکيو، پوءِ ان لاءِ اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿي، بدقسمتي سان ان وقت عوامي پارٽي چورائيندڙ پ پ اقتدار ۾ اچي وئي هئي، تنهن ان ڪيس جي مؤثر طور تي پيروي نه ڪئي، تنهن سبب سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي حڪم خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو. حڪومت سنڌ جي اهڙي حڪم رد ٿيڻ سان ان وقت جي وزيرن کي ته شايد سياسي شهرت ملي هجي پر ان سبب سنڌ ڪيتري تباهي ڏٺي، ان جو مشاهدو هر ڪوئي ڪري رهيو آهي.

ٻي سفارش تعليمي سال آگسٽ جي مهيني کان شروع ڪرڻ هو، تنهن تي پڻ عمل شروع ٿي چڪو هو. تعليمي ماهرن جي راءِ هئي ته اپريل جي مهيني ۾ شروع ٿيندڙ سال جو نقصان هي آهي ته اڃان ڪورس شروع مس ٿو ٿئي ته گرمي جون موڪلون ٿي وڃن ٿيون. واپس اچڻ تي ٻار تي وري محنت ڪرڻي ٿي پوي، ان ڪري عملي طور موڪلن کان اڳ وارا ٻه مهينا ڄڻ ته ضايع ٿيو وڃن. مغربي دنيا ۾ پڻ يونيورسٽي جي سطح تائين تعليمي سال سيپٽمبر کان ئي شروع ٿيندو آهي. اهڙي سوچ ويچار کانپوءِ تعليم جي بهتري لاءِ آگسٽ کان شروع ڪيل تعليمي سال کي پڻ بنا ڪنهن سبب جي رد ڪري پراڻو تعليمي سال بحال ڪيو ويو.

اسڪولن کي روزمرهه جي ضرورتن لاءِ اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي فنڊ (School management committee fund) تحت اسڪولن کي پئسا ملڻ شروع ٿيا. تنهن جي استعمال کي شفاف بنائڻ لاءِ ڪوششن بجاءِ انهن کي هڙپ ڪرڻ لاءِ سياستدانن ۽ ڪامورن اسڪول جي هيڊ ماسترن تي هٿ رکڻ شروع ڪيو، ائين پوءِ اهي هيڊ ماستر جيڪي فنڊ هڙپ ڪرڻ ۾ تعاون ڪري پنهنجو حصو وٺڻ لڳا، سي پڻ منظور نظر ٿي ويا، جن کي پوءِ قانون جو ڊڄ نه رهيو، پوءِ هو اسڪول ۾ جيڪو به ڪن، پڙهائي هجي نه هجي، انتظام ڀلي تباهه هجي پر سڄو زور فنڊن کي گم ڪرڻ تائين رهجي ويو.

هاڻي سنڌ جو هر پڙهيل ۽ درد رکندڙ ماڻهو سنڌ جي تعليم کي بچائڻ لاءِ واڪا پيو ڪري. اهڙين دانهن ڪوڪن سبب حڪومت، سياستدان، سول سوسائٽي، قومپرست ۽ سياسي پارٽيون تعليم جي بهتري لاءِ فڪرمندي جو اظهار ڪندي پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريندا رهن ٿا. پر هتي اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا سنڌ جا گوسڙو ماستر ۽ تعليم کاتي جا ڪرپٽ ڪامورا سڄي معاشري کان ڏاڍا آهن. ڇا انهن وزيرن مان ڪا اميد رکجي، جيڪي چون ٿا ته ڪامورا ضرورت کان وڌيڪ ڀرتي ڪري ويا ته پوءِ توهان ڇاجي دوا آهيو؟ ڪٿي وزيرن ۽ سياستدانن کي مقرر جاين کان وڌيڪ ڀرتي جا الزام آهن. اڳ اها شڪايت هئي ته سياسي حڪومتن کي وقت ڪونه ٿو ملي، پر هاڻ ته سنڌ ۾ ستن سالن کان هڪ پارٽي جي حڪومت آهي، پر ايڏي عرصي ۾ اڃان بهتري جا ڪي ٺوس نتيجا سامهون اچڻ شروع ڪونه ٿيا آهن.

هڪ ٻي وڏي بدعنواني ۽ بدانتظامي ملازمن جو ويزا تي وڃڻ آهي. ملازم پگهار جو اڌ يا ڪجهه حصو ڏئي نوڪري کان آجو ٿي گهمندو ڦرندو رهي ٿو، ڪو ٻيو ڌنڌو وڃي ٿو ڪري يا ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته پگهار جي حصي ڏيڻ سبب ان جي حاضري ۽ پگهار باقاعده ڀربو رهي ٿو، تنهن ڪري اعتراض جي صورت ۾ کاتي طرفان اها وضاحت ٿئي ٿي ته سڀ ٺيڪ آهي، ان ڪري ان ملازم کي رڪارڊ جي بنياد تي پڪڙڻ سولو ڪونهي، باقي ان کي ڊيوٽي تي چيڪ ڪري پڪڙي سگهجي ٿو، جيڪو اڃان تائين عملي طور تي ڪونه پيو ٿئي. اهو ويزا جو وهنوار گهڻو ڪري ٿورو يا گهڻو هر کاتي ۾ آهي. صحت کاتي کان ڊاڪٽرن کان ويندي سوشل سيڪيورٽي کاتي جا ڊاڪٽر سالن کان ٻاهر رهي پگهار کڻي رٽائرمينٽ جو انتظار ڪري رهيا آهن ته جيئن پوءِ سڄي عمر پينشن ملندي رهي. ان حوالي سان تعليم کاتي جو نالو سڀ کان مٿي ورتو وڃي ٿو، جتي وڏي تعداد ۾ ملازمن هجڻ ڪري ويزا تي ويندڙ ملازمن جو انگ به وڏو آهي، جنهن مان ڪمائي به وڏي آهي، ملڪي بجيٽ، عالمي ادارن جي امداد، اسڪولن کي ملندڙ فنڊ ۽ ويزا ۽ وڏي تعداد ۾ ڪوڙيون سچيون نوڪريون هئڻ ڪري تعليم کاتو ڪمائي ۾ سڀني کاتن کان مٿي ڳڻيو وڃي ٿو. اڳ پئسي جي حوالي سان آخري صف ۾ هئڻ وارو هي کاتو، هاڻي سڀ کان مٿي اچي چڪو آهي. اهو ئي سبب نظر اچي ٿو جو سڀ کان طاقتور سياستدان تعليم جو وزير ٿيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو ته ان سان گڏ سڀ کان بااثر ڪامورا تعليم کاتي ۾ ڪم ڪرڻ کي پسند ڪن ٿا.سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو هن سال آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ ٿيل سالياني ڪنوينشن جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو هو ته گوسڙو استادن تي قدم کڻڻ لاءِ کيس بلاول ڀٽو زرداري جي ڀرپور حمايت مليل آهي، اهو سٺو آهي پر جي بلاول سائين مرويسون سنڌ نه ڏيسون جي نعري وانگر سنڌ جي تباهه ٿيندڙ تعليم کي جيارڻ لاءِ سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن کي سخت پيغام ڏئي ته جنهن جي تڪ ۾ گوسڙو استادن هوندا ۽ جنهن جي تڪ ۾ بند پيل اسڪول هوندا تنهن کان سخت پڇاڻو ٿيندو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي جي ٽڪيٽ تڪ ۾ تعليم جي بهتري سان ڳنڍيل هوندي ته هوند وڏي تبديلي اچي وڃي، اميد ٿا ڪريون ته بلاول ڀٽو زرداري يا ٻيا اقتدار ڌڻي سنڌ جي تعليم کي بچائڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪري ان تي عمل ڪرائڻ تي ڌيان ڏيندا.

سنڌ جي ڪن گهڻ گهرن ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جن ۾ هڪ سنڌ دوست صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سردار شاهه هو. هو علم دوست شخص آهي، جنهن پنهنجي تڪ ۾ تعليم جي بهتري، گوسڙو ماسترن خلاف وٺ پڪڙ ۽ تعليم کاتي جي ڪامورن کان جواب طلب ڪرڻ جون منظم ڪوششون شروع ڪيون هيون. اسان کي اهڙن ڪردارن تي فخر آهي. اميد ته سنڌ سان محبت جا ٻيا دعويدار به اڳتي اچي سنڌ جي تباهه حال تعليم جي بهتري لاءِ عملي قدم کڻڻ جو اعلان ڪندا. ڏٺو وڃي ته تعليم جي بهتري لاءِ نه اسڪولن جي کوٽ آهي نه وري استادن جي. اسڪول هلائڻ لاءِ فنڊ به ڪافي آهن. ضرورت فقط انتظام بهتر ڪرڻ جي آهي، جيڪو اصل ۾ حڪومت جو ڪم آهي، پر جيتريون حالتون خراب ٿي چڪيون آهن، ان ۾ عوام جي مدد ۽ تعاون کانسواءِ سنڌ جي تعليم ۾ بهتري اچڻ ڏکي آهي. سنڌ جا گهڻ گهرا به کوڙ آهن. جيڪڏهن ڪو مارچ يا جلسو ٿئي ٿو ته لکين ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا.

سنڌ جي سول سوسائٽي به ڪافي متحرڪ نظر اچي ٿي، سياسي ۽ قومپرست پارٽين جون تنظيمون هر شهر ۾ موجود آهن، پر پوءِ به سڀ گڏجي انهن ڪردارن تي دٻاءُ وڌائڻ ۾ ناڪام آهيون، جيڪي تعليم جي تباهي جا ذميوار آهن. سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ وڃي اتان جي انساني حقن جي مسئلن کي کڻندڙ ساڃاهه وند اهڙو عمل تعليم جي بهتري لاءِ ڪونه ٿا ڪن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو هر گهڻگهرو وڏي سطح تي سيمينار ۽ مطالبن ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پنهنجي پاڙي واري اسڪول جي خبر چار وٺي ته سندس ڪردار وڌيڪ مؤثر ٿيندو.

پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ٿيو آهي، جنهن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. رڳو ڪمپيوٽر تي ويهي ڪجهه لکڻ ڪيترو نه اثر ڪيو آهي، پر جي اسين گهر کان نڪري پنهنجي پاڙي ۽ شهر جي تعليمي ادارن جي بهتري لاءِ عملي ڪم ڪيون ته تبديلي يقيني ٿي ويندي. هرڪو پنهنجي سياسي ڪاروباري ۽ سماجي سرگرمين سان گڏجي هڪ مسئلي تي ٿورو ڌيان ڏئي ته لکين ماڻهن جو گڏيل ڪردار تعليم جي بهتري لاءِ وڏو قدم ٿيندو، جيڪي ٻين ڪمن کي وڏو سمجهي هن کي نظرانداز ٿا ڪن تن کي پنهنجي سوچ جو به ٻيهر تجزيو ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *