۽ جڏهن معصوم نياڻيون وڪامجڻ لڳن….!: حاجي گل حسن آريسر

اسان هينئر ڪٿي بيٺا آهيون؟ ڇا ڪري رهيا آهيون؟ ڇا پنهنجي ماضي کي ڏٺو ته ڇا مان ڇا آهيون؟ ڇا اسان دؤر جديد جون تفاضائون پوريون ڪري رهيا آهيون؟ ڇا اسان ايماني ۽ اصولي دولت وڃائي چڪا آهيون؟ ڪا به ڳالهه نه باقي رهي آهي، خوف خدا دلين مان نڪري ويو آهي، مال حرام جي حصول لاٰءِ ڏينهن رات لڳا پيا آهيون، ايندڙ حشر جيڪو عذاب الاهي جي صورت ۾ نازل ٿيڻ وارو آهي، ان کي وساري ويٺا آهيون، ڪنهن به طرح سندس مفاد حاصل ٿيڻ کانپوءِ ڀلي اصول پرستي ۽ ضمير جو سودو ڪرڻو ڇو نه پوي، مفاد حاصل ڪرڻ هن مخلوق جو گهڻي ڀاڱي شيوو ٿي ويو آهي ۽ وري سياسي اقتداري ڌر وارا ڪمزور يا موڪلائي ويندا آهن ته پوءِ اهي بي ضمير جيوڙا دير نه ڪندا ۽ ڪي به خطرناڪ ڏوهه ڪرڻا پيا، پوءِ ڀلي قتل ڇو نه هجن، سياسي ڀوتارن جي  سپورٽ هجي، ان ۾ دير نه ٿيندي، پوءِ اڳتي هلي انهن غريبن  جا ناحق خون به سياسي ڀوتارن ۽ دولت جي چمڪار تي مقتولن جي لالچي عزيزن هٿان ٺاهه جي صورتن ۾ ٻڏي وڃن  ٿا ۽ ڏوهاري ڇٽي وڃن ٿا، اهڙين حالتن ۾غريبن جي قتلن ۾ مقتولن جي عزيزن ۽ رشتدارن هٿان مقتولن جا لاش روڊن ته رکي ڌرڻا هڻي ميڊيا تي آڻي ملهه وڌائڻ لاءِ جوابدارن جي گرفتاري جا مطالبا ڪرڻ بعد ايف  آءِ  آر ۾ نامزد جوابدار  گرفتار ٿيڻ بعد ڏوهي ڌر ۽ مقتولن واري ويڪائو مال، ٽولي وچ ۾ دولت جي انبار تي خونن جي سودي بازي ٺاهه جي صورت ۾ ٿي وڃي ٿي ۽  ڏوهي آزاد ٿيو وڃن، غريب جو خون ٻڏيو وڃي.

مثال طور عمرڪوٽ جي ديهه ٺانٺرائي واري قتلن جي واقعي جو آهي، هتي ته صغير نياڻين جو لکين رپين ۾ وڪرو ٿئي ٿو، پوءِ شادي بعد لکين رپين ۾ خريد ڪيل اهي نياڻيون ڏورانهين علائقن ۾ ڏنل هونديون آهن، جن جو جيڪو حشر ٿئي ٿو سو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي، ڪجهه علائقن ۾ ته انهن کي عذابن بعد مختلف الزام لڳائي ماريو ڇڏين ٿا. تازو مثال عمرڪوٽ ۾ 10 سالن جي مينا جو آهي، ساڻس شادي ڪندڙ گهوٽ ڄڃ سميت اڃا جيل ياترا ۾ آهي، چوڻ جو مقصد ته اهڙا ڏوهاري ماڻهو دولت ۽ سياسي اثر جي زور تي قانون جي گرفت کان بچي وڃن ٿا، پوءِ اهڙي قسم جا ڏوهه هنن لاءِ تماشو بڻيل هوندا آهن، مقصد ته اهڙي قسم جي ڏهارين ۾ نه خوف خدا هوندو آهي ۽ نه ئي دين ڌرم هوندو آهي، ڏوهه هنن جي دنيا آهي، سياسي سپورٽ لازمي آهي، جيڪي ڏهارين جي به مفاد پرست سياستدان مدد ڪندا آهن، پوءِ اهڙا ڏوهاري سياستدانن جي ونگار به وهندا آهن ۽ پوءِ اهڙي ڏوهاري ۽ مفاد پرست ڀوتار انهن اقتداري سياستدانن جو سورج غروب ٿيندو ڏسندا آهن ته سندن مفادن خاطر ٺڪ ٻئي سياسي ٺڪاڻي تي پهچي ويندا آهن، ڪنهن سان سچا نه هوندا آهن. “ لوٽا ٺاهه لوٽا ٺاهه” لڳو پيو هوندو آهي.

ڪو وقت هو جو ان وقت جي عمرڪوٽ جي ايس ڊي ايم ڪامران لاشاري جي رهائش گاهه جي بورچي خاني ۾ چوڪيدار جي عدم موجودگي ۾ گڏهن بورچي خاني ۾ داخل ٿي نقصان ڪيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جڏهن ڪامران صاحب کي اها نقصان جي خبر پئي ته هن هڪدم پوليس کي حڪم ڪيو ته انهن گڏهن ڏوهه ڪيو آهي، هنن کي گرفتار ڪري حراست ۾ ورتو وڃي، پوليس عمرڪوٽ شهر جي سمورن گڏهن کي پڪڙي ڏوهي هئڻ سبب ڍڪ ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ قانون جي پورائي ڪئي، هي اهو آفيسر هو، جيڪو سکر ۾ ڊپٽي ڪمشنر هئڻ وقت حڪمران جي حڪم تي سندس نگراني ۾ پوليس پارٽي جي قيادت ڪندي عمرڪوٽ لڳ هاڻوڪي راڻا همير سنگهه کي ڪنهن ڏکائيندڙ الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو هو، حالانڪه عمرڪوٽ اسلام ڪوٽ، مٺي ۽ ٻيا هندو اڪثريت وارن شهرن ۾ “گئو ماتا” جو احترام لازم هوندو آهي، اڄ به انهن شهرن ۾ ڳئون ولرن جي صورت ۾ ڏينهن هجي يا رات هجي، شهرن ۾ آزاد گهمنديون رهن ٿيون، دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن جو سامان کائينديون رهنديون آهن، ڪنهن ڌنار جي ضرورت نه هوندي آهي، هنن کي روڪڻ وارو ڪير به ڪونه هوندو آهي پر ڏسو اهڙن شهرن جي مقدس هنڌن تان اهڙا بي ايمان انسان به ڪونه مڙندا آهن، تازو چور اسلام ڪوٽ ڀر سان سنت نيڻو رام جي آشرم مان لکين رپين جو مال چوري ڪري ويا ۽ تازي خبر موجب مٺي جي عمر فاروق مسجد مان ڪي  چور سامان چوري ڪري ويا ۽ پوليس چورن کي پڪڙڻ ۾ ناڪام وئي، مسجد جي پيش امام سميت مٺي جي شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو، اهڙا بي ايمان ماڻهو مسجد الحرام ۽ ڪعبت الله مان به نٿا مڙي سگهن، پر ايستائين جو نمازين جون جتيون به کنيو وڃن، عمري ۽ حج وغيره جي موقعن تي اهڙا بدنام چور ڪعبت الله شريف مان به حاجي سڳورن جا جوتا چوري ڪيو کنيو وڃن ٿا، انهن ويچارن حاجين کي روزانو نوان جوتا خريد ڪرڻا پون ٿا. اهڙا بي ايمان چور ۽ لٽيرا هتي به موجود آهن، اهڙا بزدل لٽيرا ڦورو جن ۾ خدا جو خوف نه آهي پر آرمي ۽ رينجرز جي آپريشن بعد هاڻي ڪيڏانهن ويا جيڪي روز اهڙيون ڦرن ۽ ڌاڙن جون وارداتون ڪندا هئا، تڏهن ته ان چوڻ ۾ صداقت آهي “مار کان ڀوت به ڀڃي وڃن ٿا” هاڻي انهن جي سرپرستي واريون سياسي ڌريون ۽ انهن جا لٽيرا صرف ڏنڊي جي خوف کان خاموش آهن، جن خلق خدا جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *