ھن نياڻي جا درد ڪير ٻڌي: رياض حسين عالماڻي

سنڌ جي دل سڏيندڙ شھر مورو ۾ ڪيترن ئي سالن کان بيوسي جي بستري تي پيل حوا جي بدنصيب ڌي شھزانه ميمڻ جيڪا پنھنجي بيوسي مجبوري ۽ لاچاري جا ڳوڙا ڳاڙھيندي ھر ايندڙ ۽ آٿت ڏيندڙ ماڻھو کي سڏڪي سڏڪي ٻڌائي ٿي ته ڪجھ سال پھريان منھنجي شادي نوشھروفيروز واسي سان ٿي ھئي منھنجو مڙس جيڪو زال جھڙي پوتر رشتي کي نه سمجھي سگھيو ھو ڏينھن رات مون تي انسان سوز وحشاڻو تشدد ڪندو ھو مسلسل تشدد ۽ بيواجبن ڪري منھنجي ريڙھ جي ھڏي ڀڄي پئي جنھن سبب مڙس مون کي بي يارو مددگار نڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏنو پر منھنجو پي جيڪو گرلس ھاءِ اسڪول مورو ۾ پٽيوالو آھي اھو مون کي کڻائي اسڪول طرفان مليل گھٽ سھولتن واري سرڪاري ڪواٽر ۾ کڻائي آيو جتي منھنجي بابا پنھنجي زندگي جي آخرت لاءِ گڏ ڪيل جي پي فنڊ ڪڍرائي منھنجو علاج ڪرايو پر افسوس جو مڙس طرفان مليل منھنجي اندر کي درد گھاو تڪليف ۽ بيماري وڌيڪ ھئي ۽ منھنجي بابا سائين وٽ علاج لاءِ پئسا گھٽ ھئا جنھن سبب مون لاچار جو علاج مڪمل نه ٿي سگھيو ھن  وڌيڪ ٻڌايو ته مورو ۾ سماج کي بھتر ڪرڻ جا حوڪا ڏيندڙ سياسي سماجي ادبي ماڻھو ته گھڻا آھن پر مون کي سکڻي آٿت ڏيندڙ ڪو به ناھي مان ڄڻ ته فوٽو سيڪشن بڻجي وئي آھيان.

ڇو جو ڪجھ ماڻھو مون وٽ آيا منھنجي بيوسي تي مون سان گڏ فوٽو ڪڍرائي فيس بڪ تي رکرائي پاڻ کي انسان دوست جا وڏا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لڳا پر ھن موقعي پرست نفا نفسي دنيا ۾ ڪو به اھڙو انسان نظر نٿو اچي جيڪو منھنجي ھن درد جو علاج ڪرائي مون کي سماج ۾ ھلڻ جي لائق بڻائي ھنن جو بابا جيڪو سور سھي سھي پنھنجي ھڪ ئي نياڻي جنھن کي ھن بيوسي جي حال ۾ ڏسي ڄڻ ته ويڳاڻو بڻجي ويو آھي ھو به وڏي واڪي چوي ٿو ته ھن دنيا مان انسانيت پنھنجائپ ڄڻ ته موڪلائي وئي آھي سالن کان منھنجي جگر جو ٽڪرو منھنجي اڳيان تڙپي رھيو آھي پر ھن سماج ۾ ڪنھن کي به ڪا ڪھل نٿي اچي جو ھو منھنجي نياڻي کي ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ مون مسڪين پي جي بيوسي ، درد ۽ مجبوري کي سمجھي سگھي ھن اکين مان لڳاتار وھندڙ لوڙڪن کي اوگھندي چيو ته ھتان جا چونڊيل نمائنده به مون مسڪين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھن ھن چيو ته مان وري به ميڊيا جي دوستن کي جس ٿو ڏيان جن منھنجي دردن کي مٿي تائين پھچائڻ ۾ مون مجبور جي مدد ڪئي آ اللھ انھن کي ان خدمت جو اوجر ضرور ڏيندو باقي ھن شھر ۾ رھندڙ سڀ ماڻھو ڄڻ ته ڪپھ جا گڏا آھن جو ھو ھوئن ته وڏيون وڏيون ڳالھايون ڪن ٿا اسٽيجن تي بيھي وڏيون وڏيون تقريون ته ڪن ٿا پر ھڪ مجبور نياڻي جي علاج لاءِ ڪو حقيقي ڪردار نٿا ادا ڪن ھن جي معصوم صغير ۽ نماڻين اکين واري نياڻي فلڪ ناز جنھن جا ناز کڻندڙ سندن امڙ بيوسي جي بستري تي بي يارو مددگار پيل آھي ۽ ھو ننڍڙي معصوم پنھنجي امڙ کي پنھنجي پتڪڙن ھٿن سان زور ڏئي ٿي ۽ خدا کان دعا ٿي گھري ته اي رب العالمين منھنجي ھن ننڍڙي ھٿن سان ڏنل زورن ذريعي منھنجي امڙ جو درد ختم ڪر آخر ڪير ھن بيماري جي بستري تي پيل لاچار مجبور بيوس نياڻي شھزانه ميمڻ جي علاج لاءِ ھن جي مدد ڪرڻ لاءِ پنھنجو انساني ڪردار ادا ڪندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *