ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي؛ اصغر ملاح(دادو)

سنڌ ڌرتي جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي صوفين جي ڌرتي جنهن ۾ڪيتران ئي مهان هستين جنم ورتو آهي جيڪا بزرگن اوليائن ۽ امن پسند انسانن جو ديس آهي پيرن فقيرن اوليائن جي نگري سنڌ جنهن جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ الله پاڪ جي ولين، برزگن شاهه عبداللطيف رحمت الله عليہ سچل سرمست رحمت الله عليہ قلندر لعل شهباز رحمت الله عليہ ۽ ٻين بزرگن جا روضا موجود آهن جيڪي بزرگ انسان ذات جي ڀلائي خدمت جو سبق ڏيندا رهيا آهن هن ڌرتي تي هلندڙ قبيلائي جهڙا ناسور بڻجي چڪا آهن صوفين جي امن واري پيغام کي خواب بڻائي ڇڏيو آهي سنڌ ۾ مختلف برادري وچ ۾ تڪرارن سبب ڪيتريون ئي بي گناهه انساني جانيون موت جو کاڄ ٿي چڪيون آهن پر اهڙا تڪرار ته ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن هر روز سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ مان اهڙن تڪران سبب ماڻهن جي مارجڻ جون هر نئين ڏينهن خبرون اخبارن ۾ رپوٽ ٿيندون رهنديون آهن اڄ ڪيترائي سنڌ جا ننڍا وڏا شهر توڙي ڳوٺ اهڙن تڪران سبب ويران آهن ٻيو ته ٺهيو جهڙيندڙ ڌرين جي ذات وارا عام ماڻهو به انهن ڳوٺن شهرن ۾ ڪنهن ڪم سان نه ٿا وڃي سگهن توڙي جو انهن جوڙيندڙ ڌرين سان پري پري تائين سندن ڪوبه واسطو نه هوندو آهي عوام احتجاج ڪري دانهيو آهي ته انهن جهيڙن ۽ خونريزي کي روڪرائڻ لاءِ پوليس، انتظاميا ۽ رياست جو ڪردار انتهائي غفلت ۽ مجرماڻو نظر اچي ٿو دادو ضلعي جي پوليس جو اهو رنگ آهي ڪنهن بيگناهه انسان کي خوني قرار ڏيئي ته به سندس مرضي چور کي ساڌ ۽ ساڌ کي چور قرار ڏين ته به سندن مرضي آهي پوليس اسٽيشن جيڪي مظلومن لاء پناهه گاهه هئڻ گهرجي پر جيڪڏهن ڪو بي گناهه انسان هڪ رات ٿاڻي تي سرڪاري مهمان ٿي وڃي ٿو ته جيڪو ان جو حشر ٿيندو آهي جنهن جو تصور ڪرڻ سان شريف اسان کي بت ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي وڃي ٿي اهي اڪثر بي گناهه انسانن کي گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس مڙهي بعد ۾ سفارشي يا پئسن عيوض آزاد ڪري ڇڏيندا رهيا آهن اهڙا ڪيترائي مثال بڻيل آهن ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته پوليس کاتي ۾ سياسي مداخلت ۽ با اثر سياستدانن جي سفارش ۽ سرپرستي سبب ڀرتي ٿيل ڏوهاري ذهنيت رکندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن قانون کي ڄڻ ته پنهنجو غلام بڻائي رکيو آهي جنهن سبب پوليس جي کاتي تي بدنامي جا داغ لڳي رهيا آهن سنڌ ۾ پوليس جي ڪارڪردگي ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي سنڌ ۾ پوليس جو کاتو بدانتظامي ڪرپشن ۽ ڇڙواڳي جي ور چڙهڻ سبب عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ڪرڻ وارو پنهنجو فرض ته گهڻو اڳ وساري ويٺو آهي سنڌ جي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌي ماڻهو ڌارين کي ته جيءَ ۾ جايون ڏيڻ جا جتن ڪندو رهيو آهي پر پنهنجن سان تڪرار وارو سلسلو ختم ئي نٿو ڪري سنڌ جا ماڻهو معمولي ڳالهين تان هڪ ٻئي مٿان بندوقون تاڻيل نظر ايندا آهن مال جي فصل ۾ پوڻ يا پاڻيءَ جي واري تان يا زمين جي تڪرار تان شروع ٿيل تڪرار ڪيتريون ئي حياتيون کسي وٺن ٿا ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ انهن تڪرارن جي نتيجي ۾ ويران ٿي وڃن ٿا.انهن تڪرارن ۽ جهيڙن جو سڌو سنئون اثر اسان جي ايندڙ نسل تي پوي ٿو، جهيڙي هيٺ آيل علائقن ۾ اسڪول به بند ٿي وڃن ٿا، ٻارن جي تعليم تباهه ٿي وڃي ٿي يعني قوم جو مستقبل اونداهين ور چڙهي وڃي ٿو. اهڙن تڪرارن جي نتيجي ۾ جيڪي سانحا ٿي رهيا آهن جيڪي افسوس جوڳاءِ آهن، دادو ضلعو جيڪو چئن تعلقن تي مشتمل آهي ماضي ۾ امن ڀريو مهمان نواز ۽ ڪاروبار ۾ مشهور رهيو آهي هن ضلعن کي خبرنه آهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي اهي سنڌ جي ٻين ضلعن شڪارپور جيڪب آباد سکر لاڙڪاڻو سميت ٻين ضلعن وانگر دادو ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ زمين جي مالڪي جي تڪرار تان جتوئي ۽ چانڊين ۾ خوني ويڙهه شروع ٿي وئي آهي نفرتن جي باهه ۾ هن مهل تيئن ٻنهي ڌرين جا11 ماڻهو مارجي ويا آهن اڃا به وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي چانڊيا ۽ جتوئي براداري جي زميني تڪرار تان جهڙي علائقي کي نوگوايريا بڻائي ڇڏيو آهي ٻنهي ڌرين جا ڳوٺ هڪٻئي جي ويجهو هئڻ سبب هر روز هڪ ٻئي جي ڳوٺن تي فائزنگ جو سلسلو ٿيندو رهندو آهي انهن ڳوٺن ۾ ماڻهو ڏينهن رات مورچن ۾ ويٺل آهن جهڙي سبب سوين ايڪڙ زمين غير آباد آهي آس پاس جي ڳوٺاڻن خوف وچان ڪو به ماڻهن گهرن کان نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي مقامي ڳوٺن جا رهواسي معاشي طور پوئتي پئجي رهيا آهن علائقي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ کرل ڳوٺ کوتيجو جو ماڇي ڳوٺ ڪوريجا ڳوٺ سيال ڳوٺ مستوئي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ خوف ۽ حيراس واري صورتحال آهي جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ خالي ٿي ويا آهن ايترا ماڻهو قتل ٿيڻ تي دادو ضلعي جون سڄاڳ ڌريون سلجهل ماڻهو افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن قانون رڳو پري کان تماشو ڏسي رهي آهي عوام اهو سوچڻ تي مجبور آهن جهڙا ڪئين ختم ٿيندا عوام جون اميدون چونڊيل نمائندن ۾ آهن ته اهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائن يوٿ ضلع اڳواڻ ايم عمر پنهور رجب خان شاهاڻي عبدلغفار ملاح ماجد سولنگي جاني پنهور ۽ ٻين بدامني برادري تڪرارن خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيا دانهيو ته چانڊيا ۽ جتوئي برادري تڪرار خراب صورتحال اختيار ڪري ويا آهن،جنهن سبب آس پاس جي ڳوٺن ۾ رهندڙ عوام سخت متاثر ٿيا آهن جڏهن ته پوليس جو خونريزي کي روڪرائڻ ڪو خاص ڪردار عوام کي نظر نه ٿو اچي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وس وارا انهن جهڙن کي ختم ڪرائي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائن جئين وڍيڪ انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجڻ کان بچي سگهن ۽ دادو ضلعي ۾ برباد ٿيل امن ٻهير بحال ٿي سگهي، ۽ عوام سک جو ساهه کڻي ٻئي صورت وڌيڪ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو تيز ڪيو ويندو ، عوام کي احتجاج ڪندي چوندي ڏٺو ويو آهي ته دادو ضلعي جون ٻهراڙيون ڀوتارن ۽ڌاڙيلن جي رحم وڪرم تي آهن عوام کي قانون تي عمل ڪجهه گهٽ ئي هلندي ڏسجي ٿو جو جيڪي بااثر آهن اهي ته ٿورو گهڻو انصاف وٺڻ ڪامياب ٿين ٿا پر اٻوجهه ۽ غريب ماڻهو ناانصافي ۽ نظام جي سستي جي ڪري انصاف وٺڻ ۾ گهڻا ڪامياب نٿا ٿين. اهڙي وقت ۾ سمورن ماڻهن کي پنهنجا ذاتي، انفرادي توڙي برادري سطح جا سمورا ننڍا توڙي وڏا تڪرار ختم ڪري اجتماعي ٻڌي ۽ سجاڳي جو ثبوت ڏيڻ گهرجي. سنڌ جي سمورن سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي کي تڪراري ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ جي لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سرڪار کي اهڙن اهڙن جهيڙن کان لاتعلقي واري روايت ختم ڪري، ۽ سنڌ جي عوام کي امن ۽ سلامتيءَ جي زندگي گذارڻ لاءِ جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جي سخت .ضرورت آهي جهيڙيندڙ ڌرين کي به گهرجي ته پنهنجي پيرن مان جهالت جون اهي زنجيرون ٽوڙي انهن تڪرارن مان پنهنجي جند آجي ڪرائي پنهنجي نئين نسل جي هٿن ۾ بندوقن بجاءِ قلم ڏنو وڃي دادو ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن جي باشعور عوام پنهنجي جائز مسئلن جي حل لاءِ هردؤر ۾ وقت به وقت نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ نشاندهي ڪرڻ سان هر دؤر ۾ سندن جائز مسئلا حل به ٿيا آهن پر عوام پريشان ان ڳالهه تي آهي ته عوام جا جائز مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا برادري تڪرار ۽ بدامني جي وڌندڙ باهه ڪڏهن وسامندي، ڪڏهن عوام کي سُک جو ساهه کڻڻ جو موقعو ملندو هر روز جي ڦرن چورين، ڌاڙن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ان کان نجات ڪڏهن ملندي، سرِ عام منشيات، شراب جي وڪري جوا وياج جي ڪاروبار، جسم فروشي، سميت ٻين سماجي برائين جن عوام کي اُڏهي وانگر کائي پٽي ناس ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب عوام جو سُڪون برباد ٿي ويو انهن مان ڪڏهن نجات ملندي، ضلعي جو باشعور عوام اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ڪندڙ پوليس انتظاميه وفاقي ۽ صوبائي ايجنسين سميت، پوليس ايڪسائيز پوليس، اسپيشل برانچ پوليس، ڪهڙي ڪم تي آهن اهو سوال هتان جي عوام جو چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار کان آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *