’ڳالِھيُون، ڳَھِلي لوڪَ سين ؛شھنيلا فياض

پاڪستان ۾ تبديلي اچي يا نه پر سنڌ ۾ دھشتگردي خاص طور ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڪا تبديلي يا گھٽتائي نه آئي آھي. ڪجھه ڏينھن اڳ به سنڌي نوجوانن جا لاش ظاھر ڪيا ويا، سندن جيجل مائرن جون جھوليون خالي ڪيون ويون. ڇا سنڌ جي امڙين جو نصيب پنهنجي جوان پُٽن جا لاش وصول ڪرڻ ئي رهجي ويو آهي، اُهي مائر، جيڪي پنھنجي پٽن جي وڏي عمر لاءِ دعائون ڪنديون ۽ اُنهن کي ڊاڪٽر، انجينئر ٿيندي ڏسڻ جي خواهش رکنديون آهن، اُنهن وٽ جڏهن پنهنجن پُٽن جا چچريل لاش پهچندا هوندا ته مٿن ڇا گُذرندي هوندي؟ آخر لاشن تي سياست ڪڏھن ختم ٿيندي؟

سياستدانن کي پنھنجي سياست چمڪائڻ کان علاوه شايد ئي ڪا شيءِ نظر ايندي هُجي! عمران خان جيڪو ڪنسرٽ نما جلسا ۽ ڌرڻا ڪري رھيو آھي ۽ تبديليءَ جا نعرا ته ھڻي ٿو پر ڇا ھن کي اھا خبر آھي ته ٿرپارڪر ۾ ماڻھو ڇو ٿا مرن يا چولستان ۾ ڏڪار آھي. ڇا ھن وزيرستان ايجنسي ۾ آءِ ڊي پيز لاءِ ڪجھه ڪيو؟ ھو ته صرف ڪرسي پٺيان ھڪ نعرو ھڻندي ڏسجي ٿو ته گو نواز گو. اها سياست عوام جي ڀلائيءَ جي حق ۾ نه آھي. ڇو ته ڀلائيءَ جا ڪم ته عبدالستار ايڌي به ڪري ٿو پر ھن اڄ تائين ڪنھن به سياستدان کي نه ئي برو نه ئي ڀلو چيو آھي. سندس ڪم انسانيت جي ڀلائي آھي. اڄ ھر پارٽي پنھنجي سياسي مفادن لاءِ وڙھي رھي آھي، ڪنھن کي يونيورسٽي کپي، ڪنھن کي وري وزيراعظم جي ڪُرسي. اھي اناپرست سياستدان پنھنجي اناپرستي ۾ رڌل آھن، جو نه ته بجليءَ جو بحران کين نظر اچي ٿو، نه تعليم جي تباهي کين نظر اچي ٿي، نه بدامنيءَ جي آزار سان هُنن کي ڪو سروڪار آهي، نه وري صحت جي سهوليتن جي کين ڪا ڳڻتي. آخر نئين پاڪستان ۾ ھوندو ڇا؟

جيڪڏھن حڪومت جي ڳالھ ڪجي ته پنھنجن کي نوازڻ کانسواءِ کين ٻي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي. وفاقي ھجي يا صوبائي حڪومت، اکين تي پٽي ٻڌل انصاف جي ديوي جيان نظر اچي ٿي. جتي تعليم جو وزير پنھنجي پارٽي جي گذريل دور لاءِ چوي ٿو ته ھزارين غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون ۽ گوسڙو ماسترن جو آزار ڪو اڄ جو نه پر گهڻو پراڻو آهي، جنهن ۾ حڪومت، ميڊيا ۽ اسان جو سماج ملوث آھي، انهن حالتن ۾ ھر سياستدان عوام کي ڪيش ڪرائيندو ۽ پنھنجي سياست چمڪائي وڏن وڏن عھدن تي وڃي قابض ٿيندو آهي پر ڇا ھتي جون حڪومتون ھر پاڪستانيءَ کي تحفظ ڏئي سگھن ٿيون؟ موجوده حڪومت جي حالت اِها آهي جو عوام کي تحفظ ڏيڻ ته ٺهيو، اُها ته سياستدانن کي به تحفظ نه پئي ڏئي. ڪجهه ڏينهن اڳ ئي جي يو آئي ايف سنڌ جو سيڪريٽري خالد محمود سومرو نماز دوران قتل ڪيو ويو. سکر جھڙي شھر ۾ نامعلوم ماڻهن سومري صاحب کي قتل ڪيو، جنھن جو نوٽيس وٺندي فقط سنڌ حڪومت سکر پوليس کي جانچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انھي واقعي تي عمران خان ڇو چپ آھي. ساڳئي ريت ڪجھه ڏينھن اڳ پنجاب جي راڌا ڪشن جي ھڪ جوڙي کي زنده ساڙيو ويو پر ان واقعي تي حڪومت توڙي ڌرڻا اسپيشلسٽ خان صاحب ڪو آواز نه اُٿاريو.

عوام جو ڌيان مٽائڻ لاءِ ٻه دفعا پيٽرول جون قيمتون گھٽايون ويون پر حڪومت کي ڪجهه نه وريو. ڪڏھن ڪڏھن مون کي ائين لڳندو آھي ته عمران خان سچ ٿو چوي، موجوده حڪمران ڪرپشن ۾ ملوث آهن، ڇاڪاڻ ته اسڪيم صرف پنجاب ۾ ڏني ٿي وڃي، باقي ٽن صوبن لاءِ ڪجھه به نه. وزيراعظم جو خاندان ھر شيءِ تي قابض آھي، عوام لاءِ ڪو رليف نه آھي. ميڊيا تي عمران خلاف اشتھار ھلن پيا پر اھو ظاھر نٿو ڪيو وڃي ته آخر اُنهن جا پئسا ڪير پيو ڏئي. سمجھڻ جي ڳالھه اھا آھي ته سوشل ميڊيا تعليم جي حق ۾ هلايل مھم تي نواز شريف يا قائم علي شاهه ڪو نوٽيس نه ورتو، ڇو جو انھن جي نظر ۾ شايد اھا ڪا ڳالهه ئي نه آھي. نئين پاڪستان ٺاھڻ واري عمران خان جي نظر سنڌ جي انھن خامين تي ڇونه پئي؟ آخر انھن سڀني خلاف ڪير نوٽيس وٺندو. حڪومت، عوام، عدالتون معاشرو يا شروعات اسان کي ئي ڪرڻي پوندي. سنڌ حڪومت کي اھا ته خبر ھوندي ته ٻن نوجوانن آصف پنھور ۽ وحيد لاشاري جا چچريل لاش ڇو مليا آھن. سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومت طرفان ڪنھن به فرد انھي ٽاپڪ تي نه ڳالھايو. فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي انهن چچريل لاشن لاءِ آواز اٿاريو ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ميمبرن کي آگاھي ڏني ته جيڪڏھن اھو سلسلو بند نه ٿيو سنڌ ۾ نوجوان قومپرست نه رھندا. سنڌ حڪومت انھي معاملي تي ائين ڪن لاٽار پئي ڪري، ڄڻ اھو معاملو سنڌ جو آھي ئي ڪونه! ۽ اھي نوجوان سنڌي نه پر ٻي دُنيا جي مخلوق هُجن. ڇا سنڌي نوجوان سياست ۽ قوم پرستي کان دستبردار ٿي وڃن يا وري بغاوت تي لھي اچن؟ آخر سنڌي ماڻهن ڪھڙو ڏوهه ڪيو آھي، جو اُنهن کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ۽ سنڌي ماڻهن جي ووٽن سان چونڊجي آيل حڪمرانن کي پئسا ميڙڻ کانسواءِ ڪا ٻئي شيءِ نظر ئي نه ٿي اچي.

موجوده سنڌ سرڪار ھر شعبي ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي. تعليم کاتو تباهه ڪرڻ کانپوءِ ھاڻي صحت کاتي پٺيان لڳل ماڻھن کي اھو سمجھڻ گھرجي ته جيڪڏھن ڪنھن قوم کي تباهه ڪرڻو آھي ته انھن کان تعليم ۽ صحت کسي وٺو، جيڪو سنڌ حڪومت ڪري رھي آھي. اڳئين توڙي موجوده سنڌ سرڪار ۾ بيشمار ڀرتيون ڪيون ويون ۽ ھر کاتي ۾ پئسن تي رکيل نااھل ماڻھن کي وڏا عھدا ڏنا ويا آھن. انھيءَ ڊوڙ ۾ وفاقي حڪومت به ڪنھن کان پويان نه آھي. ڪيترن ئي ڊپارٽمينٽ جا چيئرمين سربراهه اڳواڻ ڀرتي نه ڪيا ويا آھن ۽ سڀ کان حيرت ڪندڙ شعبو آھي نادرا جنھن ۾ گذريل ڇھن مھينن کانپوءِ ھڪ قائم مقام چيئرمين رکيو ويو آھي. انھي اداري ۾ به سڌيون ڀرتيون ڪيون ويون، نه ته ڪو اشتهار ڏنو ويو، نه ئي ڪا ٽيسٽ ورتي وئي. وفاقي حڪومت کي گھرجي ته صوبائي حڪومتن ۽ ھر حڪومتي شعبي کي جديد حاضري سسٽم، جيڪو نادرا سان منسلڪ ھجي ۽ انھن جو ڪنٽرول سڌو سنئون سيڪريٽري وٽ ھجي ۽ پگھار انھي بايو ميٽرڪ سسٽم تحت ڏني وڃي ته ڪو به ملازم گوسڙو نه رھندو. ھر اداري ۾ ماڻھو باقاعدگي سان ڪم ڪندا پر اھو شايد اسان جو خواب ئي رھندو. ڇو ته سياستدانن کي ووٽ به کپندا ۽ جيڪڏھن ھر ادارو صحيح طرح ھلڻ شروع ٿيو ته ڪرپشن ڪو نه ٿيندي، ڌرڻا نه لڳندا، نه بي انصافيون ٿينديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *