گهوسٽ لائيف ۽ انساني زندگي ۾ فرق ڄاڻڻ جي ضرورت…!؛سَمير “خرم ” سنديلو

اسان هميشه انهن اشوز تي لکيو آ يا لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪي اسان جي سامهون ٿيندا هجن، مطلب اغوا جو واقعو هجي ، قتل جو واقعو هجي ، جرڳائي سسٽم هجي، ڪارو ڪاري رسم هيٺ معصومن جو قتل عام ٿيندو هجي، معصوم نياڻين سان ڏاڍائي ۽ بعد ۾ قتل ٿيندو هجي جهڙن واقعن تي توڻي ٻين کوڙ سارن اشوز تي روز ڪالم نگار پنهنجو تحريرون شايع ڪندا رهن ٿا پر اسان انهن شين تي ڪڏهن غور ناهي ڪيو جيڪو اسان جو ذهن ته سوچيندو آهي پر اسان انهن شين کي ڪڏهن محسوس ناهي ڪيو ۽ اهيو ئي سبب آهي جو جنهن شئي کي اسان محسوس ناهي ڪي، ڏٺو ناهي ان اشوز تي اسان ڪڏهن لکيو ناهي.

اسان پنهنجي زندگي تي ٿورو غور ڪنداسين ته اسان کي پنهنجي زندگي مسئلن سان ڀريل ملندي، اڻکٽ مسئلا جيڪي حل ٿيڻ ناممڪن هجن يا حل ٿيڻ ۾ ٽائيم وٺندا هجن، اسان وٽ غمي خوشي ايندي رهندي آ، اسان جي هڪ سوچ آ، اسان وٽ پسند نا پسند وارو ڪلچر آ، اسان کي بغير ڪنهن ايونٽ جي روڊن رستن توڻي شادين ۾ ٿيندڙ فائرنگ بلڪل سٺي نه لڳندي، اها ئي فائرنگ اگر ڪنهن ايونٽ، خاص موقعي يا شادي وغيره ۾ ڪئي وڃي ته ڪافي ماڻهن کي اها فائرنگ سٺي لڳندي آ، اسان اگر اڪيلا رهڻ چاهيون ۽ اسان کي ڪو پريشان ڪري ته اسان کي بلڪل سٺو ناهي لڳندو ۽ اگر اسان ڪنهن گروپ ۾ ڪنهن ڪچهري ۾ ويهڻ چاهيون ته اتي موجود سمورن ماڻهن جون سموريون ڳالهيون وڻڻ لڳنديون آهن. اسان چاهيندو آهيون ننڍا گهر ڊاهي اتي وڏا محل اڏيون جتي اسان فيملي سان گڏ پرسڪون زندگي گذاري سگهون ۽ اسان جي وچ ۾ اهڙا کوڙ سارا ماڻهو موجود آهن جيڪي نه چاهيندي آهن ته انهن سان گڏ ڪو ٻيو رهي، معنيٰ انسان جي پنهنجي سوچ آ ۽ هو پنهنجي سوچ تحت زندگي گذارڻ ٿو گهري. پر ڇا اسان ڪڏهن انهن شين طرف ڌيان ڏنو آ جيڪي اسان کي نظر نه پيو اچن شايد انهن جو رهڻ سهڻ به اسان جيان هجي، اهي به پسند نا پسند واري سسٽم تي هلندا هجن، شايد اهي به چاهيندا هجن ته انهن کي ڪو تنگ ڪرڻ وارو نه هجي، انهن جو پنهنجو گهر هجي جنهن ۾ هو پنهنجي فيملي سان گڏ رهي سگهن پر جيئن اسان کي ڪو تنگ ڪندو آهي شايد انهن کي به ڪو تنگ ڪرڻ وارو هجي.

هن ڌرتي تي انساني مخلوق کان علاوه به ٻي هڪ مخلوق رهندي آ جنهن کي اسان جن (ڀوت) جي نالي سان سڃاڻيندا آهيون ڪن جو انهن جي هجڻ تي يقين هوندو آهي ڪي پنهنجي تعليم ۽ ڪتابن کي سامهون رکي انهن جي نه هجڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر اسان جيترو به ٻڌو آهي ڪجهه جڳهين تي ڏٺو آهي اتان اها خبر ضرور پوي ٿي ته ان مخلوق جو اسان جي وچ ۾ هجڻ هڪ حقيقت آهي جيئن اسان انسان هن ڌرتي تي هڪ حقيقت آهيون. پر ڇا اسان ڪڏهن انهن جي قانون، انهن جي مرضي، انهن جي پسند نا پسند جي باري ۾ سوچيو آهي، بلڪل نه، اسان انهن کي صرف ڀوائتي عڪس ، غيبات جي خوف کان، ۽ ڊڄڻ کان باقي ٻي ڪنهن به معاملي تي ڪڏهن غور ناهي ڪيو. پر اها حقيقت آهي ته جيئن پکين جو وڻن تي بسيرو هجي ٿو، مڇي جو پاڻي ۾، نانگن جو مٽيءَ ۾، شينهن جو جهنگن ۾ تيئن ئي هنن جي هڪ دنيا آهي جنهن ۾ هو رهن ٿا، اسان پکين جو شڪار ڪريون ٿا، نانگ کي ڏسندي ئي مارڻ گهرون ٿا، مڇي جو شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٺاهيون ٿا تيئين ئي اسان غيبات کي به ڀلي ڄاڻي واڻي نه به هجي پر ڪٿي نه ڪٿي انهن کي ايضايون ٿا، انهن جي رولن خلاف ڪجهه اهڙا ڪم ڪيون ٿا جيڪي هنن کي شايد پسند ناهن، انهن جي ذاتي زندگي ۾ دخل ڏيون ٿا جنهن سان هنن کي تڪليف پهچي ٿي.

مثال طور اهڙين جڳهين تي وڃن جتي منعيٰ ٿيل هجي اسان اتي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون حالانڪه اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي قسم جي حرڪت ڪتئي برداشت نه ڪنداسين پر اسان غيبات کي پريشان ڪرڻ ضرور وينداسين جيئن رات جو ڪنهن سنسان جڳهه جنهن جي خبر هجي ته هتي غيبات جو اثر يعني غيبات رهي ٿي اسان اتي رات جو وڃي ڪري انهن جا منظر شوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون جيڪي اسان کي نه ڪرڻ گهرجن، انهن جڳهين کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون جن ۾ غيبات رهندي هجي صرف ان ڪري جو اسان پنهنجي پراپرٽي کي ضايع ٿيندي نه ڏسي سگهندا آهيون، شايد اهڙي ئي صورتحال غيبات جي به هجي، شايد هو نه چاهيندا هجن ته رات جو ڪو انهن کي پريشان ڪري انهن جي سيڪريسي کي شوٽ ڪري يا انهن جي گهرن کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪري، شايد هو امن پسند هجن ۽ اسان اويلي وقت انهن کي پريشان ڪري جذباتي ڪندا هجئون جنهن ڪري هو انسان کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. ضروري ناهي ته اسان انهن کي انسان جيان گڏ ويهارڻ جي کاڌي کارائڻ جي يا اسان جي رٽين ۾ ٿيندڙ مصروفيتن ۾ انهن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پر اسان کي انهن جي قائدن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.

مثال طور قبرستان تي قبضي جي ڪوشش ڪرڻ جنهن کي اسان هڪ گناهه سمجهيون ٿا پر ان گناهه سان گڏ اها مخلوق به ملجي وڃي ٿي جنهن کي اسان غيبات سڏيون ٿا ڇاڪاڻ ته انسان هميشه آباد جڳهين تي رهڻ پسند ڪندو آهي ۽ غيبات سنسان، اڪيلي غيرآباد جڳهين تي رهندي آهي جتي انسان گهٽ ويندو هجي، جتي اسان کان ڪوتاهيون نه ٿينديون هجي اگر اهڙين جڳهين تي به قبضا ڪيا ويندا اتي گهر اڏيا ويندا، اتان روڊ رستا ٺاهيا ويندا، اتي هوٽل يا ٻيا ڪي دوڪان ٺاهيا ويندا ته ضرور غيبات کي اهيو پسند نه ايندو، جيئن ڳوٺن ۾ چوڻي آهي ته رات جو ڪنهن به وڻ مان پن نه پٽجي پن ذڪر ڪندا آهن يا رات جو وڻ ۾ ڀتر نه هڻجي ڇاڪاڻ جو پن ذڪر ڏوران زخمي ٿي پوندا آهن ۽ ان جو اسان کي گناهه ملندو آهي پر هتي اها ڳالهه به ڪندو هلان ته وڻن ۾ ڀتر هڻڻ يا پن پٽڻ کان منع ان ڪري آهي ته پن ذڪر ڪندا آهن پر اها ڳالهه به حقيقت آهي ته رات جو وڻڻ ۾ غيبات هوندي آهي، يعني چئو طرف محسوس ڪجي ته اسان جي وچ ۾ غيبات موجود آهي ۽ اسان اڻڄاڻي ۾ انهن کي تڪليف پهچائي انهن لاءِ به مسئلا پيدا ڪندا آهيون ۽ پاڻ لاءِ به جنهن جو غلط فائدو ڪوڙا ghost_council_of_orzhova_by_velinov-d5moyq4عالم، پير فقير وٺندا رهن ٿا ۽ انهن ڪوڙن فقيرن جي چڪرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن به انسان جو موت به ٿي وڃي ٿو ۽ بعد ۾ چيو ويندو آهي ته غيبات جو اثر هيو جن منڍي مروٽي ڇڏي، فلاڻو جن هيو ڪنهن جي به ٻڌئي ڪاوڙ چڙهي ويس غريب جو ڳاٽو ڀڃي ڇڏيئين. حالانڪه اسان جن ڪتابن جي زور تي غيبات کي مڃڻ لاءِ تيار ناهيون اگر انهن ڪتابن ذريعي اسان انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته شايد اسان جي زندگي سان گڏ هنن جي زندگي به سڪون سان گذري سگهي ٿي. هنن جي به هڪ دنيا آهي اها ڪهڙي آهي مان نه ٿو ڄاڻان پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته انسان کي اهڙي غلطي ضرور ٿئي ٿي جنهن سان هنن کي تڪليف پهچي ٿي اسان کي اهڙيون غلطيون سڌارڻ گهرجن نه ڪي ڪتابن ۽ گهڻي عمل جي رعوب تي غيبات کي مڃڻ کان انڪار ڪريون، اسان کي ڪو حق ناهي ته اسان خدا جي خلقيل ڪنهن به شئي يا ڪنهن به مخلوق کي ايضايون، جيئن اسان ۾ اميري غريبي جو سسٽم آ، اسان امير وٽ وينداسين ته اهڙي طريقي سان پيش اينداسين جيئن ان ۾ ۽ اسان ۾ ڪو فرق نه هجي، اسان جڏهن ڪنهن غريب وينداسين ته اهڙي طريقي سان پيش اينداسين جيئن هو اهيو محسوس نه ڪري ته اسان ان کان گهٽ يا ان کان وڌيڪ حيثيت رکون ٿا. تيئن ئي اسان کي غيبات جي باري ۾ به سڀ سمجهڻ جي ضرورت آهي، اگر غيبات اسان کي نقصان پهچائڻ گهري ها ته هو هر گهر ۾ موجود آهن ۽ هر گهر ۾ ضرور روز اهڙا واقعا ٿين ها جيڪي اسان کي پريشان ڪري ڇڏن ها پر اهڙا واقعا معمول موجب نه ٿا ٿين، ڪٿي ڪٿي اهڙا واقعا ٿين ٿا اهي ڇو ٿا ٿين ان جو سبب ڄاڻڻ جي ضرورت آ. جڏهن سئو مان هڪ ماڻهو غيبات جي اثر ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ 99 ماڻهو عام زندگي گذارين ٿا ته ضرور ان هڪ ماڻهو کان ڪا غلطي ٿي هوندي اسان لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته نظر نه ايندڙ غيبات جڏهن اسان کي عام طور تي پريشان نه ٿي ڪري ته پوءِ اها ڇو ڪنهن هڪ شخص کي پريشان ڪري ٿي، جنهن ڏينهن اسان ان باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڄاڻي ورتوسين ته ان ڏينهن شايد اهي سڀ وحم، سڀ خوف اسان مان ختم ٿي ويندا جيڪي اسان ننڍپڻ کان پنهنجي دماغ ۾ قيد ڪري رکيا آهن ۽ ان ڏينهن غيبات به زندگي نارمل طريقي سان گذاريندي ۽ ڪو به انسان اڻڃاڻائي ۾ به ڪو اهڙو ڪم نه ڪندو جنهن سان هنن کي تڪليف پهچي ۽ ان ڏينهن ئي تعويذ ڪرائڻ، پٽن جي بلي ڏيڻ، ڪنهن ماڻهو کي تعويز پيارڻ، ڳلي ۾ سڳا پائن، بُت وجهڻ وارو سسٽم ختم ٿي ويندو.

*********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *