گرميءَ وگھي مرندڙ انسان ۽ طرز حڪمراني!؛ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو

زندگي ڌڻيءَ طرفان مليل انيڪ نعمتن مان هڪ نعمت آهي ۽ هر انسان هن زندگي کي بهتر کان بهتر ۽ مڪمل آسائشن سميت گذارڻ چاهي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪ جا ماڻهو اهڙي ئي پُرسڪون زندگي  گذاري رهيا آهن. ڇو ته انهن ملڪن جا حڪمران عوامي خدمت لاءِ پاڻ ارپڻ جو جذبو رکن ٿا ۽ ملڪ جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڀلائيءَ کي ئي پنھنجو فرض سمجهن ٿا. ۽ ان سان گڏ عوام به پنهنجا فرض خوب نڀائي ٿو. شايد ان ڪري ئي اُهي ملڪ ڏينهون ڏينهن آسمان ڇُهي رهيا آهن. ٻي طرف اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن جي نااھلي ۽ عوام دشمن پاليسين جي ڪري ھتان جو عوام زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان به محروم آھي؛ جنھن جا ٻيا ته ڪيترائي ڪارڻ آھن پر ھن ملڪ جو وڏو الميو اھو به آھي ته ھتي سياسي ڇڪتاڻ سبب اقتداري ڌريون عوامي خدمت بجاءِ ھر وقت پنھنجي اقتدار کي بچائڻ ۾ پوريون ھجن ٿيون ۽ عوام سان ڪوڙ ڳالھائڻ، دوکا ڪرڻ ۽ حقيقي معلومات جي بنيادي حق کان محروم رکڻ، ھن ملڪ جي مخصوص اقتداري طبقي جو نه رڳو ڪلچر بڻجي ويو آھي پر اھڙي قسم جي غير اخلاقي روشِ رياست جا بنياد ئي کوکلا ڪري ڇڏيا آھن. هونئن ته ھيءُ ملڪ ڪيترن ئي مسئلن ۽ سنگين بحرانن جو شڪار آهي پر اڄڪلهه ھيءُ ملڪ ۽ خاص طور سنڌ بجليءَ جي شديد لوڊ شيڊنگ ۽ ماحول ۾ آيل بدترين تبديلين جي ڪري جنهن اذيتناڪ گرميءَ کي منھن ڏيئي رھي آھي، ان جو مثال ويجھي تاريخ ۾ نه ٿو ملي.

جيتوڻيڪ سنڌ ۾ گرمي جو اچڻ ڪا نئين ڳالھ نه آھي ۽ سدائين سنڌ ۾ شديد گرمي ٿيندي رهي آھي پر تازين گرمين ۾ سوين ماڻھن جي مرڻ جا سبب صرف گرمي نه پر عوامي سھولتن جي حوالي سان حڪمرانن جي مجرماڻي غفلت يا ڪجھ حلقن طرفان سنڌ خلاف ھڪ سوچيل سمجهيل سازش جو نتيجو به سمجھي پئي وڃي، جو ڪيترن ئي ماڻھن جو خيال آھي ته زرداريءَ جي دور حڪومت دوران پنجاب ۾ لوڊ شيڊنگ ٿيندي ھئي جڏھن ته نواز شريف جي دور حڪومت ۾ اھڙو پلاند سنڌ کان ڪيو پيو وڃي. ھن قسم جي تبصرن کان پوءِ اھا ڳالھ چٽي طرح سمجھي سگھجي ٿي ته ھن ملڪ جا حڪمران سموري ملڪ جا حڪمران نه پر جنھن صوبي سان تعلق رکن ٿا، اھي دراصل ان صوبي جي ئي حڪمرانيءَ تائين محدود رھن ٿا ۽ ان قسم جي روش ھن ملڪ کي سنگين رياستي بحرانن ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي ۽ ھاڻ صورتحال ان ھنڌ اچي دنگ ڪيو آھي جو رياست جا ادارا پنھنجون سموريون صلاحيتون وڃائي چڪا آھن ۽ ھر بحران جو حل عسڪري ادارن وٽ ئي ڳوليو ٿو وڃي. جنھن مان اھا ڳالھ چٽي طرح سمجھي سگھجي ٿي ته ھن ملڪ تي اصل اقتدار صرف ئي صرف عسڪري قوتن جو ئي آھي، جو ھاڻ بجليءَ جي بحران لاءِ به عسڪري ادارا ئي ڪردار ادا ڪري رھيا آھن.

بجلي جو بحران نئون ان ڪري به نه آھي جو گذريل ٻن ٽن ڏھاڪن کان اھا ڳالھ ٻڌڻ لاءِ ملي ٿي ته توانائي جا ڪيترا منصوبا تعمير ھيٺ آھن ۽ اھا ڳالھ ھر جماعت پنھنجي دور اقتدار دوران ڪندي رھي ٿي پر افسوس آھي جو ڪيئي سال گذرڻ کان پوءِ به نه ته ڪي منصوبا مڪمل ٿيا آھن ۽ نه ئي اھي منصوبا مڪمل ٿيندي نظر اچن ٿا جو توانائي جا منصوبا عوام لاءِ نه پر گھڻو ڪري انھن سرمائيدار حڪمرانن لاءِ ھجن ٿا جيڪي پنھنجن ڪارخانن ۽ پيداوار کي وڌائڻ لاءِ نوان منصوبا لڳائين ٿا ۽ موجود وسيلن مان به گھڻي تڻي بجلي سندن ڪارخانن جي ھلڻ تي ئي خرچ ڪئي وڃي ٿي ۽ اھڙي صورتحال ۾ ظاھر آھي ته عوام کي بجلي مھيا نه پئي ڪئي وڃي، جو ھن ملڪ ۾ اقتدار عوامي خدمت نه پر پنھنجي سرمائي ۾ اضافو ڪرڻ جو نالو آھي، تنھنڪري موجوده بجلي بحران کي ان تناظر ۾ به ڏسڻ جي ضرورت آھي.

ان سموري صورتحال ۾ ڇرڪائيندڙ پهلو اھو آھي ته عوام ڪنھن وڏي تبديليءَ بجاءِ رڳو ماتم ڪرڻ ۾ پوري آھي، جنھن جو ھڪڙو اھم سبب اھو به آھي ته عوام وٽ حقيقي سياسي قيادتن جو سنگين بحران آھي ۽ سياست صرف ووٽ تائين محدود رھجي وئي آھي ۽ ڪي به عوامي انقلابي قوتون موجود نه آھن، جيڪي ھن قسم جي سنگين مسئلن تي ھڪ زبردست قسم جو ڪردار ادا ڪري سگھن. اصل ۾ ھن رياست عوامي قوتن کي به ذري گھٽ ختم ڪري ڇڏيو آھي ۽ پنھنجي پسند جي سياسي ڪردارن کي زندھ رکيو اچن ته جيئن کين رياست جي ھر معاملي ۾ شراڪت جو موقعو بنا ڪنھن خوف خطري جي ملندو رھي؛ نه ته ڀلا جيڪڏھن حقيقي عوامي قوتون ھجن ھا ته بجلي جي سنگين لوڊ شيڊنگ ۾ سوين ماڻھن جي موت تي صرف ڏي سوال وٺ جواب واري صورتحال نه ھجي ھا ۽ نه ئي ملڪي اقتدار ۾ ھن قسم جي سنگين بحران ۾ صوبائي حڪومتون وفاق ۽ وفاق وري صوبائي حڪومتن تي الزام تراشيون نه ڪن ھا، بلڪه ھي بحران پيدا ئي نه ٿئي ھا پر بدقسمتيءَ سان غير عوامي قوتن جو شروع کان وٺي ھن ملڪ جي اقتدار تي رھڻ جي ڪري اڄ خود ھي ملڪ پنھنجن تضادن جي آخري حد کي پھچي چڪو آھي.

ان سموري صورتحال ۾ جيڪڏھن سنڌ جي قومپرست سياست جو جائزو وٺجي ته اھا ڳالھ چٽي ٿي بيھي ٿي ته ھتان جي قومپرست سياست وٽ ته اڳئي عوامي ايجنڊا نه ھئي پر ھيءَ ڳالھ ڪنھن عوامي ايجنڊا بجاءِ انساني زندگين جي سنگين مسئلي سان واسطو رکي ٿي، پر سوين ماڻھن جي مري وڃڻ جھڙي سنگين مسئلي کان پوءِ به آجپي جون ڳالھيون ڪندڙ قومپرست ته خاموش آھن پر سنڌ ۾ اليڪشني قومپرستن جا چپ به ڪنھن سبي ڇڏيا آھن ۽ سڀاڻ اھي اسيمبلين ۾ وڃڻ جي خواھش رکندڙ آخر ڪھڙي منھن سان سنڌي عوام وٽ ويندا، جيڪي ھن سنگين مسئلي تي خاموش آھن.

*********

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *