گئس بحران ۽ عوامي پريشانيون: شهنيلا فياض

ٿر ۾ خوراڪ جي گهٽتائي سبب ٻارڙا اسپتالن ۾ بيماري سبب فوت ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گيس جي بحران سبب عوام پريشان آهي. صبح جو اٿڻ شرط ٻارن لاءِ ناشتو تيار ڪرڻ ۽ گيس جو نه ھجڻ وڏو مسئلو آهي ۽ مجبورن ٻارن کي بکئي پيٽ اسڪولن ڏانهن موڪلي پيو وڃي.

گيس جي گھٽ پريشر ڪري عورتن کي کاڌي تيار ڪرڻ ۾ پريشاني ٿئي ٿي، ٻار جڏھن صبح جو سوير اسڪول وڃڻ لاءِ ننڊ مان اٿي ٿو، سيءَ ۾ گيس نه ھجڻ جي ڪري برف جھڙي ٿڌي پاڻي سان ٻار بيمار ٿي پون ٿا. گيس جي بحران جو ڪاروبار تي به وڏو اثر پوي ٿو. خاص طور تي ھوٽلن وارن وڏو نقصان ٿئي ٿو. گھرن ۾ گيس جي بحران جي ڪري ھوٽلن تي ماڻھن جي رش نظر اچي ٿي، گئس نه هجڻ سبب عورتون وڌيڪ پريشان ٿين ٿيون، جيڪي عورتون نوڪرين تي وڃن ٿيون، انھن جو چوڻ آھي ته ”گيس نه ھجڻ جي ڪري صبح جو گرم پاڻي ملي ٿو نه وري چانھ، توھان ٻڌايو ته ناشتو ۽ لنچ ڪئين ٺھندو؟ گيس جي انتظار ۾ اسان کي نوڪري تي وڃڻ ۾ دير ٿي ويندي آھي.“

سڄي سنڌ ۾ گئس جي بحران سبب سفر ڪرڻ ۾ به پريشاني ٿئي ٿي. ماڻھن کي ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ گھڻي پريشاني ٿيندي آھي. ھر روز ھر شھر ۾ گيس جي گھٽ پريشر سبب ماڻھو رستن روڊن رستن تي احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا، ڪاٺين جي کوٽ سبب ماڻھو سخت پريشان آھن. سنڌ جيڪا گيس جي گھٽ پريشر جي ڪري صبح ۽ منجھند جي ماني رات جي ماني سان گڏ کائڻي پئي ٿي. صبح جو چڙھيل ڀاڄي رات جو وڃي تيار ٿئي ٿي. ان وچ واري وقت ۾ عورتون پنھنجي گھر جا سمورا ڪم ڪري وٺنديون آھن پر گئس جي پريشر جي وڌڻ جو ڪو امڪان نه ھوندو آهي.

سنڌ جيڪا 37 سيڪڙو گئس جي پيداوار مھيا ڪري ٿي، ان کي بدلي 29 سيڪڙو گئس ڏني وڃي ٿي. جڏھن ته وڏو صوبو پنجاب ڪل 5 سيڪڙو گئس جي پيداوار سبب بدلي ۾ ان کي 49 سيڪڙو گئس ڏني وڃي ٿي. ان مان مراد ته پنجاب ٻين صوبن جي گئس به هڙپ ڪري ٿو. اھا ھن ملڪ جي بدقسمتي آھي جو اصل مالڪ پنھنجي پيداوار مان فائدو حاصل نٿو ڪري سگھي ۽ لٺ جي زور تي ٻين صوبن جي پيداوار تي قبضو ڪن ٿا. ان متعلق سينيٽ ۾ پڻ بحث ٿيو، جتي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاھد خاقان عباسي چيو ته قدرتي گئس رڳو پيداواري علائقي جو حق آھي. صوبن جي گئس تي پھرين حق واري معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کنيو ويندو. سنڌ ۾ سي اين جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون قطارون لڳل  آھن ۽  ھفتي ۾ ٻه کان ٽي ڏينھن تائين سي اين جي اسٽيشنون بند پيل آھن ۽ پنجاب ۾ سي اين جي بغير ڪنھن رڪاوٽ جي وڪرو ڪئي پئي وڃي. روس جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ گئس پئدا ڪندڙ پاڪستان ان کان گئس وٺڻ جو معاھدو ڪيو آھي، جڏھن ته هن کان اڳ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ ايران سان گئس جو معاھدو ٿيو ھو، ان معاھدي تحت ايران – پاڪستان جي سرحدن جي ويجھو پنھنجون پائيپ لائينون وڇايون پر آمريڪا جي سخت مخالفت بعد ايران کان گئس وٺڻ وارو معاھدو پورو ٿيو ۽ نئين معاھدي تحت پاڪستان روس ايل اي جي ليڪيوڊ، نيچرل گئس خريد ڪندو، جيڪا سنڌ کي ڏني ويندي. جڏھن ته سنڌ مان حاصل ٿيندڙ سي اين جي مان پنجاب جا ڪارخانا ھلايا ويندا يعني سستي ۽ سٺي گئس اصل مالڪن کان کسي طاقت جي زور تي پاڻ استعمال ڪندا. جڏھن ته ٻاھران گھرايل ايل اين جي وري سنڌ حوالي ڪئي ويندي.

سنڌ جا حڪمران ايل اين جي وٺڻ کان جواب ڏئي رھيا آھن پر وفاقي وزير  انھن جي ڪيل معاھدن جون ڪاپيون ڏيکاري رھيا آھن، جنھن ۾ ھنن پاران ايل اين جي وٺڻ واريون صحيحون ٿيل آھن. سنڌ اندر اڄڪلھ 1450 ايم ايم جي ضرورت آھي، جڏھن ته اڄ ڪلھ ڪل گئس 1300 ايم ايم سي ايف ڊي ڏني پئي وڃي. 150 ايم ايم جي گھٽتائي آھي. ڪراچي شھر ۾ 900 جي ضرورت آھي جڏھن ته 800 ايم ايم گئس ڏني پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *