”ڪڏهن نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“؛ارم درس

سنڌ ڌرتي هميشه صوفين ۽ درويشن جي پُرامن ڌرتي رهي آهي، جنهن کي ڪڏهن به انتهاپسندي يا بنياد پرستي جي ڏائڻ لک ڪوششن جي باوجود به ڏنگي نه سگھي آهي. جنهن ڌرتي پنهنجي وسيع تاريخ ۾ ڌارين کي به جيءِ ۾ جايون ڏنيون پر تاريخ گواهه آهي ته سدائين ويساهه گھاتيون پلئه پيون آهن. ڪڏهن ڪنهن سڪون حاصل ڪرڻ جي آڙ ۾ لٽيو ۽ ڦريو، ڪڏهن پنهنجا ئي غدار ٿي ڌارين جي يلغار جي ٽولي ۾ شامل ٿي ڌرتي ماتا کي لڄايو ته ڪڏهن ڌرتي تي رهندڙ هڪ سنڌي قوم مذهب جي آڙ ۾ نفرتن جو جئين جو تئين ڦهلاءُ ڪري سنڌ کي ڪنڌ مٿي کڻڻ نه ڏنو پر انهي دوران سنڌ ۾ ڪافي اهڙا صوفيت صفت ۽ سيڪيولر ذهنيت جي علمبردار جنم وٺي محبتن جا ميڙا مچايا جنهن انسانيت ۽ رواداري جي پرچار ڪندي ڪڏهن ڪو نه ٿڪيا. هينئر اسان جي سنڌ ڌرتي کي ساڻ کڻي اهڙي ڪنڌي تي بيٺا آهيون جتان رڳو نفرت جي بوءِ، بيگانه نه پئي ڪئي، سدائين امن جي پرچار ۽ ڌرتي تي رهندڙ اسان جا ذهن ته رواداري جي سبق سان آشنا ٿيل آهن.

پر اندر جي دردن کي ماري پچي پارا ٿيا آهيون. رواداري لفظ کي ڪتابي پنن جي زينت بنائي پوش ۾ سهيڙي رکندا آهيون. سنڌي ادب جي تاريخ جو اهو ڪڙو سچ آهي ته اديبن جي وڏي اڪثريت ٽامي جھڙي ٽڪي جي رهي آهي. انهن جي فن، فڪر ۽ ڪردار ۾ ڪوڙ جي ڪوٽن ۽ منافقي جي منظرن کانسواءِ پاڇي ٻُڙي آهي. تمام ٿورا اديب آهن جن ڪوڙ جي ڪيمياگيري کي رد ڪيو آهي انهن جي اکين ۾ ڪارو پاڻي نه لٿو آهي. ماڻڪين ۾ موتيا نه پيدا ٿيا آهن. ڏاڍ، ڏمر، ڏک ۾ ڪانئر ۽ ڪميڻو ٿيڻ جي بدران نئين حوصلي سان نئين امنگ سان سڄي زندگي ڀرپور قوت واريون سٽون سرجون آهن. پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن سان بي انتها محبت ڪئي آهي. پنهنجي قوم کي جيارڻ جا جتن ڪيا آهن. منهنجو اهو پختو ويساهه آهي عوامي رنگ اختيار ڪندڙ تاريخ ۾ سنڌ جي انهن سچن اديبن کي وڏي مان مرتبي سان جاءِ ملندي. سنڌ جي دانش مندي ۽ سنڌ جي ادب کي ڏهوڻي ڏات بخشيندڙ اديبن ۽ مفڪرن جي فڪري پهلوئن کي چار چنڊ لڳائيندڙ ايشيا جو ڏاهو مڃيو ويندڙ سنڌ جي مقدس مٽي مان ڦٽي نڪتل رسول بخش پليجي جنهن پنهنجي فڪري صفت جي عمدي طريقي سان پيروي ڪندي پنهنجي پٽ جو نالو صوفين جي سرجھڻار شاهه عبدلطيف ڀٽائي ۽ شاعري کي جديد بُت جي راهه ڏانهن گامزن ڪندڙ شيخ اياز جي نالن مان ٻه ڪڻا اوڌارا وٺي ٻنهي کي گڏائي اياز لطيف ۽ پوءِ پنهنجي ذات سان نوازي ڇڏيائين اياز لطيف پليجو صاحب جنهن پنهنجي سنڌ ڌرتي جي سونهن ۽ ساڃاهه جو مان مرتبو، سونهن ۽ سوڀيا بچائڻ لاءِ ڄڻ ته ننڍي هوندي کان ئي حلف کڻي ورتو هو. هن صاحب توڙي پنهنجي پارٽي توڙي سنڌي عوام پنهنجي پيءُ رسول بخش پليجي صاحب جي پوڙهي ٿيڻ جو احساس ذري جو به نه ڏياريو،

هن پنهنجي خانداني روايت سنڌ سان پيار جي روايت کي پاڻي ڏيندي ڪڏهن به حقن جي سوديبازي نه ڪئي پوءِ اها سنڌ جي ننڍن اشوز تي سنڌ دشمن قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ هجي يا وري ڪالاباغ ڊيم، جنهن کي هن پنهنجي عوامي طاقت سان سنڌ دشمن منصوبو قرار ڏيئي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو جنهن کي سنڌ جي عوام لبيڪ چئي ۽ ڀرپور مان ڏنو ۽ سندس ساٿاري ٿي بيٺا. هن ارڏي پُٽ جا پير تيسين ڪون هٽيا جيستائين حڪمرانن انهي ديس دشمن منصوبي تان هٿ نه کنيو. پنهنجي ڌرتي جي حڪم ۽ حاڪميت بچائڻ لاءِ هن سائين محبت سنڌ ريلي جي تشڪيل ڏني جنهن تي امن ۽ محبت دشمن قوتن مٿن حملا ڪري ڏنا.

پر تڏهن به هن جي سنڌ سان محبت جي تسلسل کي ڪير ڇيهو نه رسائي سگھيو ۽ ان ڪري هن سندس پارٽي کي سنڌ جي هر دل عزيز پارٽي بنائي ڇڏي آهي. تاريخ گواهه آهي جڏهن قومن ۽ ان جي تاريخن ۾ ثقافتن ۽ تهذيبن کي بچائڻ جا قسم کنيا ۽ ان کي پورو ڪيو سي اڄ به امر آهن. اسان جي دلي دعا ۽ نيڪ تمنائون آهن ته سنڌ سان عشق ۾ نڪتل هن الستي قافلي جي سرواڻ جا پير ڪڏهن به نه ٿڪن. سدائين منزلن ڏانهن راهي هجن. هو سنڌ لاءِ قدرت پاران تحفو آهي. سنڌ جون نياڻيون اياز لطيف پليجي تي فخر ڪن ٿيون.

منهنجي پياري سنڌ وطن جي وڏڙن سنڌ جي خوشحالي، آزادي، جھموريت لاءِ جدوجهدون ڪيون ۽ قربانيون ڏنيون ان جي انهن کي65 سال گذري وڃڻ جي باوجود ثمر نه ملي سگھيو آهي. هن ملڪ جي آزادي لاءِ جيڪا تاريخ سان جدوجھد ڪندڙ ۾ سائين جي ايم سيد، مولانا عبدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد ڀرڳڙي، سورهيه بادشاهه جھڙن عظيم سنڌي ليڊرن سنڌ ۽ ملڪ لاءِ جھڙي طرح دشمن خلاف مهاڏو اٽڪايو ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو،

تاريخ شاهد رهي آهي ته ليڊرن جو سڀ کان اهو وڏو ڪارنامون آهي، ته سڀ کان پهرين بمبئي کان سنڌ کي آزاد ڪرايو پوءِ هن ملڪ جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪئي. اهڙن تاريخ ساز ليڊرن جي اڄ سنهري اکرن ۾ تاريخ لکيل آهي. اميد آهي ته اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ سنڌ اهو ثمر حاصل ڪندي جنهنجو پاڻ سڀني کي انتظار آهي. صرف جيئڻ، پيئڻ، پالڻ ۽ مري وڃڻ زندگي جو نالو نه آهي پر مقصد خاطر جيئڻ مرڻ بعد ماڻهن جي اکين جا لڙڪ بڻجڻ ۽ پنهنجي ڪارنامن جا ڌرتي تي اڻ مٽ نشان ڇڏي وڃڻ ئي زندگي جو اصل نالو آهي ۽ 22 مئي تي اياز لطيف پليجي جرئتن جي اها تاريخ رقم ڪئي آهي. نوٽ: ليکڪ جي راءِ سان اداري جو متفق هجڻ ضروري ناهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *