ڪيوبا جو انقلابي اڳواڻ ڪاسترو: ارشاد ڪاغذي

هن سال پنهنجي سالگره ملهائيندي ڪاسترو چيو هو ته هو جلد لاڏاڻو ڪري ويندو ۽ ڪالهه صبح سوير ڪيوبا جي ٽي وي هن جي فوت ٿيڻ جي خبر نشر ڪئي. فيڊل ڪاسترو گھڻي عرصي کان آنڊن جي بيماري وگھي سخت عليل هو. آمريڪا، انقلاب ۽ ڪاسترو جي دشمنن کيس ڪيئي ڀيرا مارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر هو معجزانه طور هر ڀيري بچي ويو. توهان اهو ٻڌي حيران ٿي ويندا ۽ يقين نه ڪندا ته ڪاسترو کي 638 دفعا مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. اهي حملا جيمز بانڊ طرز جهڙا هئا، هن انهن موتمار حملن جي باري ۾ چيو هو ته ”جيڪي حملا ڪيا ويا ۽ انهن کان بچي ويس، جيڪڏهن اهي اولمپڪ ايونٽ هجن ته مان سونو ٻلو حاصل ڪرڻ جو حقدار آهيان.“ ڪاسترو 1959ع ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو، 49 سالن تائين ڪيوبا تي حڪمراني ڪئي. ان کان علاوه آمريڪا جي اينٽيلنجنس ايجنسي سي آءِ اي هن جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر دفعي ناڪام ٿيا. 10 سال اڳ هن پنهنجي ڀاءُ جي حق ۾ هٿ کنيو هو ۽ ان کي ملڪ جون واڳون سوپي ڇڏيون.

فيڊل ڪاسترو انقلابي اڳواڻ هو، جنهن چي گويرا سان گڏجي ڪيوبا تي حملو ڪيو ۽ اتي ڪميونسٽ حڪومت قائم ڪئي، هو مارڪسزم ۽ لينن ازم جو پيروڪار هو. ڪاسترو 1959ع کان 1976ع تائين ڪيويا جو وزيراعظم ۽ 1976ع کان 2008ع تائين صدر رهيو. 1961ع کان 2011ع تائين هو ڪيوبا جي ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل رهيو. هن پنهنجي ملڪ ۾ انقلابي سوشلسٽ سڌارا نافذ ڪيا، صنعت، واپار ۽ ٻين کي قومي تحويل ۾ ورتو، هو آمريڪا جو سخت مخالف هو ۽ هميشه آمريڪا ۽ سرمائيداري نظام کي تنقيد جو نشانو بنايو. هن جي اقتدار کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ڪيئي ڪوششون ڪيون پر هر بار آمريڪا کي منهن ڀر ڪِرڻو پيو. ڪاسترو هڪ اهڙو انقلابي هو جيڪو آمريڪا جي ڀر ۾ رهندي به آمريڪا کي ست سُريون ٻڌائيندو هو ۽ ڪڏهن به آمريڪا جي اڳيان نه جهڪيو. هو مرد مجاهد هو جنهن جي ڪري هن آمريڪا سان اکيون اکين ۾ ملائي هر طرح سان مقابلو ڪيو. هن پنهنجي ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو جيڪو پورهيت راڄ جي نالي سان مشهور آهي، پنهنجي ديس ۾ پورهيتن جي حڪومت قائم ڪئي، صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪيوبا سموري دنيا ۾ اڳتي آهي ۽ هن جا ڊاڪٽر مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪندا رهن ٿا. ڪاسترو پنهنجي ملڪ ۾ غريبن ۾ خوشحالي آندي پر آمريڪا جي گھيري ۾ هوندي ۽ آمريڪا جي بائيڪاٽ باوجود هن پنهنجي ڪڏهن به نه وڪاميو.

فيڊل ڪاسترو 21 صدي جي عالمي سياست جو هڪ مضبوط ٿنڀو آهي. آمريڪا جي صدر اوباما جڏهن ڪيوبا جو دورو ڪيو هو ته ڪاسترو پنهنجي عوام کي خبردار ڪيو هو ته هو آمريڪا جي ٺٺن ۾ نه اچن، ڇاڪاڻ ته آمريڪا سامراج آهي. تاريخ ساز شخصيت فيڊل ڪاسترو 11 آمريڪي صدرن کي تبديل ٿيندي ڏسي چڪو آهي. جڏهن ته دنيا ۾ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ ڪيمپ کي زوال طرف ويندي به پنهنجي اکين سان ڏسي چڪو آهي پر هو هڪ اڏول جبل جيان پنهنجي ملڪ ۾ ڄمي بيٺو رهيو ۽ سوشلسٽ نظام کي نه فقط بچايو پر پنهنجي ملڪ ۽ راڄ بخت ڀاڳ کي دشمنن کان پڻ بچايو. اڌ صدي اڳ ۾ ”ڏاڙهي واري گوريلا فوج“ ڪيوبا تي قبضو ڪري اتان هڪ آمر کي ڀڄائي سوشلسٽ ڪيوبا جو بنياد وڌو هو. هن کي اڌ صدي اڳ گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ ڪيس هلايو ويو، هن ڪورٽ اڳيان تقرير ڪئي هئي. ”تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي.“ جنهن ۾ هن پنهنجو موقف پيش ڪيو هو. هو سچو انقلابي هو ۽ مرندي تائين انهن اصولن ۽ آدرشن تي قائم رهيو، جن لاءِ هن سموري عمر جدوجهد ڪئي هئي. هو مشهور انقلابي چي گويرا جو ساٿي هو، جنهن سان گڏجي ڪيوبا جي انقلاب لاءِ ڪم ڪيو. چي گويرا لاطيني آمريڪا جي ٻين ملڪن ۾ وڙهڻ لاءِ ويو ۽ آمريڪا جي فوج کيس شهيد ڪيو. ڪاسترو به ڪيترن موقعن تي ڪيوبا جي فوجين کي لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ موڪلي اتان جي مظلوم ۽ محڪوم ملڪن ۽ قومن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ويڙهه وڙهي. ان کان علاوه هن ڪيترن ئي ڏهاڪن کا پنهنجي ملڪ جا ڊاڪٽر ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليندو رهيو هو جتي هو وڃي اتان جي ماڻهن جو علاج ڪندا هئا.

ڪاسترو انقلابي اڳواڻ هو تنهن ڪري هو آمريڪا سامراج جو سخت مخالف هو ۽ آمريڪا  جا صدر ۽ انتظاميا به هن کي ڪونه ڀائيندي هئي، تنهن ڪري آمريڪا ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ ڪيترن موقعن تي جنگ لڳڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو هو. ان خطري جي ڪري ڪيوبا ۾ سوويت يونين ميزائل نصب ڪيا هئا، سرد جنگ جو وڏي ۾ وڏو بحران ان وقت شروع ٿيو، جڏهن 1962ع ۾ آمريڪا جي صدر جان ايف ڪينيڊي، آمريڪاجي فوج موڪلي ڪيوبا جي ناڪا بندي ڪئي ۽ ان وقت جنگ جو خطرو پيدا ٿي پيو هو ۽ جيڪڏهن ايئن ٿئي ها ته عالمي جنگ ڇڙي وڃي ها پر خروشوف ڪيوبا مان ميزائل هٽائي جنگ کي ٽاري ڇڏيو. ايترن سنگين گھوٽالن ۽ ڇڪتاڻ جي هوندي به ڪاسترو ڪڏهن به آمريڪا کان مرعوب نه ٿيو ۽ پنهنجي ملڪ، عوام ۽ ساٿين تي ڀروسو رکيو ۽ عوام جي خدمت ڪندو رهيو. هو 2006ع کان سخت بيمار هو ۽ 2008ع ۾ هن پنهنجي ڀاءُ رائول ڪاسترو کي حڪومت سونپي ڇڏي ۽ هو گوشه نشين ٿي ويو. گذريل آگسٽ ۾ پنهنجي سالگره جي موقعي تي ڪانگريس کي خطاب ڪيو هو ۽ پنهنجي حامين سان مليو هو ۽ ايترا سال اڪيلو رهيو. پر هو ڪالهه 90 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. ڪيوبا جي سرڪار پنهنجي انقلابي اڳواڻ جي موت تي 9 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ڪاسترو جي وڇوڙي سان هڪ اهڙو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن جو بڻجڻ ڏاڍو مشڪل آهي. لاطيني آمريڪا، ڪيوبا سميت سموري دنيا جا کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ عوام ڪاسترو جي وڇوڙي تي ڏکارو آهي ۽ هرڪو هن عظيم اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪري رهيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *